اوگرا ۾ ڪرپشن اسڪينڊل جي جاچ تيز، آئل ميمبر طلب

ڪراچي (رپورٽر) اوگرا ۾ مبينا ميگا ڪرپشن اسڪينڊل جي جاچ ۾ وڏي اڳڀرائي، ميمبر آئل طلب، شروعاتي شاهدن جي  روشني ۾ اوگرا جي ميمبر آئل جي ڪردار بابت اهم سوال سامهون اچي ويا،ايف آءِ اي اينٽي ڪرپشن سرڪل ڪراچي اوگرا ۾ مبينا ميگا ڪرپشن، پيٽروليم اسٽاڪس ۾ هيرا ڦيري، قومي خزاني کي نقصان پهچائڻ ۽ ريگيوليٽري اختيارن جي مبينا غلط استعمال واري معاملي جي جاچ تيزي سان جاري رکي وئي، دستياب دستاويزن موجب ايف آءِ اي اي سي سي ڪراچي انڪوائري نمبر 43/2026 تحت اوگرا جي ميمبر آئل زين العابدين قريشي کي باقاعده ڪال اپ نوٽيس جاري ڪندي 25 مئي 2026 سومر ڏينهن صبح 9 وڳي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو، انڪوائري ۾ گو پيٽروليم سميت ڪيترين ئي آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين خلاف پيٽروليم شين جا ذخيرا لڪائڻ، غلط رپورٽنگ، پرائس ڊفرينشل ڪليمز  ۾ مبينا فراڊ ۽ ريگيوليٽري اهلڪارن ۽ ٽرمينل آپريٽرز سان ملي ڀڳت جي الزامن جو جائزو ورتو پيو وڃي، ڪيس ۾ وڌيڪ اهم شخصيتن کي به طلب ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.