اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)حڪومت پاران آءِ ايم ايف جي شرط تحت بجليءَ تي سبسڊي محدود ڪئي وئي آهي۔ناڻي واري وزارت جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جي شرطن تحت هاڻي بجليءَ تي سبسڊي صرف غريب ۽ گهٽ آمدني وارن واهپيدارن کي ڏني ويندي۔ ذريعن موجب 200 يونٽن تائين بجلي استعمال ڪندڙ اهي ئي واهپيدار سبسڊي حاصل ڪري سگهندا، جيڪي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ رجسٽرڊ هوندا۔ناڻي واري وزارت موجب سبسڊي حاصل ڪرڻ لاءِ واهپيدارن کي ڪيو آر ڪوڊ اسڪين ڪري رجسٽريشن ڪرائڻي پوندي، جنهن بعد سندن ڊيٽا نادرا کان حاصل ڪئي ويندي۔ذريعن موجب پهرين جنوري 2027ع کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ صرف ٽارگيٽيڊ سبسڊي جو نظام لاڳو هوندو۔ ناڻي واري وزارت واضح ڪيو آهي ته هڪ کان وڌيڪ ميٽر لڳائيندڙن ۽ وڏن گهرن کي سبسڊي نٿي ڏئي سگهجي، ڇو ته بجلي، گيس ۽ اٽي جي سبسڊي صرف گهٽ آمدني وارن ماڻهن جو حق آهي۔ٻئي پاسي شهرين سخت ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ سياسي بنيادن تي ماڻهن جي رجسٽريشن ڪئي وئي آهي۔ شهرين جو چوڻ آهي ته ماڻهن جو وڏو انگ گڏيل خانداني نظام هيٺ رهڻ تي مجبور آهي، ڇو ته وٽن الڳ گهر ٺاهڻ جا وسيلا ناهن۔انهن جو چوڻ آهي ته لاهور سميت اڪثر وڏن شهرن ۾ ٻن يا ٽن مرلن جي گهرن ۾ ٽي کان چار خاندان رهن ٿا، پر انهن کي سبسڊي کان محروم رکيو پيو وڃي، ڇو ته هڪ ئي گهر ۾ رهندي به هو بجليءَ جا الڳ الڳ ڪنيڪشن استعمال ڪن ٿا۔شهرين مطالبو ڪيو ته حڪومت سبسڊي ختم ڪرڻ سان گڏ وزيراعظم هائوس،ايوان صدر ، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي ميمبرن، بيوروڪريٽن، اعليٰ عدالتن جي ججن، سرڪاري ملازمن ۽ ڪيمپ آفيس قرار ڏنل خانگي رهائشگاهن کي فراهم ڪيل بجلي، گيس ۽ ٻين سهولتن جا تفصيل پڻ جاري ڪري۔انهن جو چوڻ هو ته صدر کان وٺي هيٺين درجي تائين سڀني حڪومتي عملدارن، سرڪاري ملازمن ۽ ججن کي يوٽيلٽي بلن سميت ملندڙ سهولتون ختم ڪيون وڃن، جڏهن ته سرڪاري گاڏين لاءِ استعمال ٿيندڙ پيٽرول ۽ ڊيزل جا تفصيل هر مهيني شايع ڪيا وڃن۔هنن مطالبو ڪيو ته وفاق، چئن ئي صوبن ۽ سڀني سول ۽ فوجي ادارن وٽ موجود گاڏين جو رڪارڊ ۽ انهن تي ٿيندڙ خرچ به قوم آڏو آندو وڃي۔ انهن چيو ته حڪمران اشرافيه سڀ کان پهرين قومي خزاني تي پنهنجا خرچ گهٽائي، ڇو ته قوم هميشه قرباني ڏني آهي، هاڻي حڪمرانن ۽ سرڪاري آفيسرن کي قرباني ڏيڻ گهرجي ۽ غيرضروري خرچ فوري طور ختم ڪيا وڃن۔