ممبئي)ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪار ۽ سياستدان روي ڪشن پنهنجي انٽرنيٽ تي وائرل جملي ”هوم فرام ورڪ“ جي غلطي تي نيٺ خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي ۽ مزاحيه انداز ۾ مداحن کان سوال ڪيو آهي ته ”توهان مون کي وائرل ڇو ڪندا آهيو؟“
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، اداڪار تازو پنهنجي فلم ”ماءُ ڀيڻ“ جي ٽريلر جي مهورتي تقريب جي وائرل وڊيو تي ردعمل ڏيندي چيو ته کيس سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته هيءُ جملو سوشل ميڊيا تي ايترو بحث جو موضوع ڇو بڻيو.
اصل ۾ روي ڪشن وزيراعظم نريندر مودي جي تيل بچائڻ واري اپيل بابت ڳالهائيندي غلطي سان ”ورڪ فرام هوم“جي جاءِ تي ”هوم فرام ورڪ“ چئي ڇڏيو هو، جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي ميمز جو جو طوفان اچي ويو هو.
تقريب دوران روي ڪشن چيو ته ”مون کي خبر ناهي ته مان ”هوم فرام ورڪ“ ڪيئن چيو. مان تڪڙ ۾ پارليامينٽ پيو وڃان.
اصل ۾ ”ورڪ فرام هوم“ چوڻو هو، پر زبان مان نڪري ويو، آخر مان به انسان آهيان، غلطي ٿي سگهي ٿي.“
اداڪار پنهنجي مخصوص انداز ۾ وڌيڪ چيو ته، ”جڏهن مان غلطي ڪندو آهيان ته توهان مونکي وائرل ڇو ڪندا آهيو؟ سڀ ماڻهو مون کان پڇندا آهن ته توهان ڪندا ڇا آهيو؟“
هن مذاق ۾ اها ڳالهه پنهنجي ايندڙ فلم سان جوڙيندي چيو ته اميد آهي ته سندس فلم به اهڙيءَ طرح وائرل ٿيندي.
ياد رهي ته هي پهريون ڀيرو ناهي جو روي ڪشن جو ڪو جملو وائرل ٿيو هجي، ان کان اڳ سندس جملو ”جلدي دي ليٽ“پڻ انٽرنيٽ تي گهڻو مشهور ٿيو هو.
روي ڪشن جلد ئي نيٽ فلڪس جي ڪرائيم ڪاميڊي فلم ”مان بهن“ ۾ نظر ايندو، جنهن ۾ هن سان گڏ ماڌوري ڊڪشٽ، ترپتي ڊمري ۽ ٻيا اداڪار شامل آهن. اها فلم 4 جون تي رليز ٿيڻ واري آهي.