ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار بوبي ديول بلاڪ بسٽر فلم ”اينيمل“ ۾ پنهنجي ڪردار بابت اهم انڪشاف ڪيو، جنهن مداحن کي دنگ ڪري ڇڏيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، هڪ انٽرويوءَ دوران بوبي ديول ٻڌايو ته فلم جي هدايتڪار ساڻس ان وقت رابطو ڪيو جڏهن هن سندس هڪ تصوير ڏٺي.
هدايتڪار جو چوڻ هو ته ان تصوير ۾ بوبي جي چهري جا تاثر بلڪل اهڙا ئي هئا، جيڪي هو پنهنجي فلم جي ڪردار لاءِ ڳولي رهيو هو. اداڪار انڪشاف ڪيو ته اها تصوير ”سيليبرٽي ڪرڪيٽ ليگ“ دوران ورتي وئي هئي، جيڪا سندس فلم ۾ انٽري جو اهم ڪارڻ بڻي.
بوبي ديول موجب، شروع ۾ هو ان ڪردار لاءِ ٻڏتر جو شڪار هو، ڇاڪاڻ ته فلم ۾ سندس ڪردار لاءِ ڪي به ڊائلاگ نه هئا. جڏهن هدايتڪار کيس ٻڌايو ته هو هڪ گونگي جو ڪردار ادا ڪندو، جنهن ته بوبي سوچڻ لڳو ته سندس آواز ئي هن جي سڀ کان وڏي سگهه آهي، پر پوءِ به هن اُهو چئلينج قبول ڪيو.
ڪردار جي تياريءَ بابت اداڪار ٻڌايو ته هن اشارن واري ٻولي سکي ۽ پنهنجي جسماني تاثرن تي خاص محنت ڪئي. فلم جي عڪسبندي شروع ٿيڻ کان اڳ کيس ڏيڍ سال تائين اوسيئڙو ڪرڻو پيو.
فلم جي ڪاميابي ۽ پيءُ جي ردعمل بابت بوبي ديول چيو ته فلم رليز ٿيڻ کانپوءِ ڌرميندر تعجب وچان پڇيو ته ”ڇا تون واقعي ولن آهين؟“، جنهن تي هن جواب ڏنو ته ”جي بابا، پر هي ڪردار ڏاڍو اثرائتو آهي.“
اداڪار موجب، فلم جي ڪاميابي کانپوءِ ڌرميندر کيس پيار مان ”لارڊ بوبي“ سڏڻ لڳو.
ياد رهي ته فلم ”اينيمل“ ۾ بوبي ديول جي مختصر پر طاقتور ڪردار ڏسندڙن کي گهڻو متاثر ڪيو ۽ سندس خاموش اداڪاري سوشل ميڊيا تي ڊگهي عرصي تائين بحث جو موضوع رهي.