مڪو شريف(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ حج 2026 لاءِ دنيا جي مختلف ملڪن مان ايندڙ حج پانڌيئڙن جو انگ 15 لک 18 هزار کان ٽپي ويو آهي.
مڪي شريف ۾ حج سيڪيورٽي فورسز جي ڪمانڊرن پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته دنيا جي مختلف ملڪن مان 15 لک 18 هزار 153 حج پانڌيئڙا سعودي عرب پهچي چڪا آهن.
هن چيو ته اٽڪل 30 سيڪڙو پانڌيئڙا مڪه روٽ انيشي ايٽو پروگرام ذريعي پهتا آهن، جنهن جو مقصد پانڌيئڙن جي سفري عمل کي آسان ۽ تيز بڻائڻ آهي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن ذوالحج جي پهرين جمعي تي لکين زائرين مسجد الحرام ۾ جمعي نماز ادا ڪئي، جنهن دوران ڪعبي جي امام شيخ ماهِر المعيقلي ذوالحج جي پهرين ڏهن ڏينهن جي روحاني فضيلت تي روشني وڌي.