لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) قومي ٽيم لاءِ بيٽنگ ڪوچ جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ ان لاءِ اشتهار به جاري ڪيو ويو آهي.
پي سي بي طرفان جاري ڪيل اشتهار موجب، بيٽنگ ڪوچ جي اميدوار لاءِ ليول 2 ڪوچ هئڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.
ان کانسواءِ قومي ٽيم جي بيٽنگ ڪوچ جي اميدوار لاءِ بيٽنگ ڪوچنگ ۾ 5 سالن جو تجربو به لازمي آهي، جڏهن ته خواهشمند اميدوار 7 جون تائين پنهنجا ڪاغذ جمع ڪرائي سگهن ٿا.
ان ڏس ۾ ذريعن جو چوڻ آهي ته نئين بيٽنگ ڪوچ جي مقرري وائيٽ بال ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ ڪئي ويندي.
في الحال پاڪستان وائيٽ بال ٽيم سان حنيف ملڪ بيٽنگ ڪوچ طور ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ذريعن جو چوڻ آهي ته حنيف ملڪ جي بيٽنگ ڪوچ طور آسٽريليا خلاف آخري سيريز هوندي.
ذريعن موجب حنيف ملڪ نوٽس پيريڊ ۾ آهي، هن ڪجهه هفتا اڳ عهدو ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو هو.