ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ۾ کدڙن فقيرن لاءِ سرڪاري نوڪرين ۾ مخصوص ڪوٽا تي لڳ ڀڳ چئن سالن کان باوجود مڪمل عملدرآمد نه ٿي سگهيو جنهن جو وڏو سبب جسماني معائني جي شرط کي قرار ڏنو پيو وڃي، سنڌ اسيمبلي جولاءِ 2022ع ۾ ترميمي بل پاس ڪيو هو، جنهن تحت گريڊ 15 تائين سرڪاري نوڪرين ۾ کدڙن فقيرن لاءِ 0.5 سيڪڙو ڪوٽا مقرر ڪيو ويو، پر ان سان گڏ اسٽينڊنگ ميڊيڪل بورڊ کان جسماني جاچ ۽ جنس جي تصديق لازمي قرار ڏني وئي، کدڙا فقير ۽ حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمون هن شرط کي امتيازي ۽ توهين آميز قرار ڏئي رهيون آهن، زحرش خانزادي چيو ته جڏهن نادرا جي سڃاڻپ ڪارڊ ۾ جنس واضح داخل آهي ته پوءِ نوڪري لاءِ الڳ جسماني معائنو ڇو ضروري بڻايو ويو آهي، مرد يا عورت کان ڪڏهن اهڙي سرٽيفڪيٽ جي گهر نه ڪئي ويندي آهي، پوءِ کدڙن فقيرن سان اهڙو فرق ڇو ڪيو پيو وڃي.