ملڪ ۾ سالياني بنياد تي مهانگائي جي شرح رڪارڊ سطح تي برقرار

اسلام آباد (بيورو) ملڪ ۾ سالياني بنياد تي مهانگائي جي شرح رڪارڊ سطحي تي برقرار رهي، ان سلسلي ۾ شماريات جي وفاقي اداري جاري رپورٽ ۾ چيو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي جي سالياني شرح 14.47 سيڪڙو جي رڪارڊ سطح تي برقرار آهي، جڏهن ته هفتيوار بنياد تي واڌ جي رفتار ۾ معمولي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، وفاقي شماريات جي اداري جي تازي رپورٽ موجب گذريل هفتي دوران 26 ضروري شيون مهانگيون ٿيون، 11 شيون سستيون ٿيون، جڏهن ته 14 شين جي قيمتن ۾ ڪا تبديلي نه آئي، رپورٽ موجب پٽاٽن، ٽماٽن، بصرن، اٽي ۽ ڪوڪنگ آئل سميت ڪيترين ئي بنيادي ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ واڌ ڏٺي وئي، جنهن سان عام صارف تي اضافي مالي دٻاءُ پيو، ساڳئي وقت ڪڪڙ، بجلي، پيٽرول، ڊيزل، ايل پي جي، ڪيلن ۽ آنن جي قيمتن ۾ جزوي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي، پر مجموعي طور تي مهانگائي جو دٻاءُ برقرار آهي، شماريات اداري موجب مختلف آمدني وارن طبقن لاءِ به مهانگائي جي شرح ۾ معمولي گهٽتائي آئي آهي، پر عام شهري جي خريداري قوت اڃا به متاثر آهي ۽ روزمره جي شين جي قيمتن ۾ لاها چاڙها جاري آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.