قومي عوامي تحريڪ طرفان شهيد غزالا بتول صديقي ۽ ٻين شهيدن کي ڀيٽا، مظاهرا

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندا/ پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي سڄي سنڌ ۾  22 مئي جي شھيدن غزالا بتول صديقي، ستار انڙ، شبير بليدي، سرور بلوچ، اعجاز بلوچ سميت محبت سنڌ جي شھيدن 14 ھين ورسي جي موقعي تي سڄي سنڌ ۾ تقريبون ڪوٺائي ۽ مظاھرا ڪري کين ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ان ڏس ۾  قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو منان شيخ، فرحان لاڙڪ، فياض اتيرو، جنسار ھيسباڻي، ڪاشف خاصخيلي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ناھيد جوڳي، شھربانو راھوجو، ريشمان گوپانگ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪراچي ۾ شھيد غزالا بتول صديقي جي مزار تي پھچي گلن ۽ اجرڪن جي چادر چاڙھي قومي سلام پيش ڪيو، ھوڏانھن قومي عوامي تحريڪ پاران نسيم نگر چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنھن جي اڳواڻي قومي عوامي تحريڪ ضلعي صدر نظير بليدي، بابو ميمڻ، معشوق چانڊيو، نور حسن جمالي، محمد  عمر بليدي، خير محمد چانڊيو ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ زينت سمون، نصرت خاصخيلي، آغا عباسي پٺاڻ، بابو سولنگي، جمن سولنگي، الطاف نانگراج، ياسين مغيري، دين محمد خاصخيلي، پپو سولنگي سميت وڏي انگ ۾ ڪارڪن شريڪ ٿيا، مڪلي ممتاز شيخ،اعجاز پليجو ياسر جاکرو، دانش خاصخيلي، ٻھارا ۾ حبيب الله پليجو، ساڪرو ۾ مرتضي لاشاري، شفيع محمد ميمڻ ۽ ٻين تقريب ڪوٺائي شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي، شڪارپور ۾ ضلعي صدر آغا فھد، امداد سومرو، زاھد ڀنڀرو جي اڳواڻي ۾ شھيد غزالا صديقي ۽ ٻين شھيدن جي تصويرن آڏا ڏيئا ٻاري گل نڇاور ڪيا، ڪنڌڪوٽ ۾ سجاد بروهي، ارصلاح بھلڪاڻي، ڏهرڪي ۾ تراب شر، خالد ڪلادي ۽ ٻين، وارھ ۾ معشوق مرکنڊ، ڪاڪا بروھي جي اڳواڻي ۾ تقريب ٿي، نئون ديرو ۾ سڪندر لاشاري، اسلم ميمڻ، ڳيريلو ۾ سھيل ابڙو ۽ ٻين مظاھرو ڪيو. ڊگھڙي ۾ نثار ڀرڳڙي، مجيد ٻگھيو، شوڪت نوحاڻي، ڪوٽ غلام محمد ۾ رازو ڪولھي، مقصود ڀرڳڙي، لڇمڻ داس، مويا ۾ ڊاڪٽر دلدار رند، حنيف باگراڻي، اياز لطيف رند ۽ ٻين مظاھرو ڪيو. مٽياري، شاھپورچاڪر، ڪي اين شاھ، نئون ديرو، لاڙڪاڻو، مير پور ماٿيلو، خير پور، مورو، ڪي اين شاھ، ميھڙ، ٺل، غوث پور، بلڙي شاھ ڪريم، جنھاڻ سومرو، بٺورو، چوھڙ جمالي، سجاول، گھارو ۽ ٻين شھرن ۾ شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته شهيد غزالا بتول صديقي، ستار اُنڙ، شبير بُليدي، سرور بلوچ ۽ اعجاز بلوچ سميت 22 مئي جي سمورن شهيدن کي سُرخ سلام پيش ڪيون ٿا، عالمي سامراجي سازش تحت سنڌ کي ٽوڙي نئون اسرائيل بڻائڻ جي سازش خلاف 22 مئي تي اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ لياري ۾ عورتن سميت ھزارين ماڻھن محبت سنڌ ريلي ڪڍي، جنھن تي ايم ڪيو ايم جي دھشت گردن حملو ڪيو، جنھن ۾ غزالا بتول صديقي، ستار انڙ، شبير بليدي، اعجاز بلوچ، سرور بلوچ ۽ ٻيا شھيد ٿي ويا پر پوئتي نه ھٽيا، 22 مئي کان پوءِ سنڌ کي ٽوڙڻ جون سازشون ڪندڙ تاريخ ۾ دفن ٿي ويا،

ٻئي پاسي 22 مئي جي شھيدن جي 14ھين ورسي جي موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو ته شھيد غزالا بتول صديقي، ستار انڙ، شبير بليدي، سرور بلوچ ۽ اعجاز بلوچ سميت 22 مئي جي شھيدن عالمي سامراجي دھشت گردن سان وڙھندي پنھنجي سنڌ وطن لاءِ جان ڏني. 22 مئي جا شھيد سنڌ جون سورميون ۽ سورما آھن، محبت سنڌ ريلي دھشتگردن جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿي. سنڌ ٽوڙڻ جي سازش خلاف لکين ماڻھن عورتن ۽ ٻارن سان گڏجي لياري ۾ چيل چوڪ تي گڏ ٿي پريس ڪلب طرف پرامن محبت سنڌ مارچ ڪيو ته عالمي طاقتن جي ايجنٽ دھشت گرد ٽولي انھن معصوم ماڻھن تي خطرناڪ ھٿيارن سان حملو ڪري شھيد غزالا بتول صديقي، ستار انڙ، شبير بليدي، سرور بلوچ ۽ اعجاز بلوچ سميت قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي ھٿين خالي ڪارڪنن کي شھيد ڪيو. جن دھشت گردن سنڌ ۾ نفرت جي سياست ڪئي، اردو ڳالھائيندڙ، سنڌي ڳالھائيندڙ ۽ ٻيون ٻوليون ڳالھائيندڙ ڀائرن کي پاڻ ۾ ويڙھايو. بيگناھ ماڻھن جو خون وھايو، انھن دھشت گردن جو سربراھ تاريخ جي ڪٻاڙخاني ۾ دفن آھي، ان کانپوءِ سنڌ ۾ امن آھي، واپاري خوف ۾ ناھن، شھري دٻاءُ ۽ حراس ۾ ناھن، دنيا دھشتگردن جي سربراھ تي ملامتون ڪري ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.