ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ بئنڪن مان وڏي رقم کڻي نڪرندڙ شهرين لاءِ پوليس سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، شهر ۾ بئنڪن کان ٻاهر ڦر ۽ ڦرين جي وڌندڙ واقعن کي نظر ۾ رکندي سنڌ پوليس طرفان اهو قدم کنيو ويو، مختلف ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز بينڪن ٻاهران بينر لڳرائي شهرين کي آگاهي ڏني آهي ته وڏي رقم کڻي وڃڻ دوران پوليس سان رابطو ڪري حفاظتي سهولت حاصل ڪري سگهجي ٿي، پوليس موجب شهرين کي محفوظ بڻائڻ ۽ وارداتن جي روڪٿام لاءِ هي سهولت فراهم ڪئي وئي، بهر الحال پوليس سيڪيورٽي جي اعلان باوجود گهڻا شهري اها سهولت حاصل ڪرڻ کان لنوائي رهيا آهن، جنهن کي پوليس تي عدم اعتماد جي علامت قرار ڏنو پيو وڃي.