ملير (رپورٽ:جميل چانڊيو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شاهراهه ڀٽو جو افتتاح ڪري ڇڏيو، افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مخالف منهنجي صوبي سنڌ ۽ ملڪ خلاف سازشون بند ڪن انهن کي ناڪامي نصيب ٿيندي، هر طرح جي ناڪاري سياست ختم ٿي ويندي ۽ جمهوريت جي سياست جو علم هميشه بلند رهندو، جيڪي مشرف حڪومت ۾ رهيا، پي ٽي آءِ حڪومت ۽ ٻين حڪومتن ۾ رهيا اهي ٻڌائن ته انهن ڪراچي ۾ ڪهڙي ترقي ڪرائي، ڪراچي اندر ڪا شاهراهه الطاف حسين ٺاهيو، رڳو پاڪستان پيپلز پارٽي تي تنقيد سان ڪم نه هلندو، هاڻي ثابت ٿيو آهي ته ڪراچي کي ترقي ڏياريندڙ جماعت صرف پيپلز پارٽي آهي، ڪراچي جي عوام لاءِ شاهراهه ڀٽو روڊ تاريخي تحفو آهي، منهنجي سياست ۾ اچڻ جو مقصد اهو ته شهيد بينظير ڀٽو جي مشن کي اڳتي وڌائڻو آهي، جمهوريت کي سدائين راتاها هنيا ويا پر اسان پنهنجو ڪم جمهوري انداز ۾ جاري رکندا اچون پيا، ڪراچي پيڪيج رکيا ويا جنهن ۾ لياري ايڪسپريس وي ۽ ملير ايڪسپريس وي شامل آهن جيڪي مڪمل ٿيا آهن جنهن سان عوام مستفيد ٿي رهيو آهي، ڪراچي کي روشنين جو شهر بڻائڻ ۾ پيپلز پارٽي جو وڏو ڪردار آهي، سنڌ کي ٿرڪول سميت ٻيا ڪيترائي ميگا پراجيڪٽ ڏنا آهن، اسان پنهنجي عوام کي ڪڏهن به اڪيلو ناهي ڇڏيو ڇو ته پيپلز پارٽي جو منشور آهي ته عوام کي سهولتون ڏنيون وڃن، هن چيو ته آمريڪا ايران جنگ سبب دنيا ۾ معاشي بحران آهي جنهنجو سڌو سنئون اثر عوام تي پئجي رهيو آهي، اسان ڪوشش ڪئي آهي ته عوام تي وڌيڪ وزن نه وڌو وڃي ۽ وفاق کي پڻ ان لاءِ پابند ڪيو آهي، تمام جلد آمريڪا ايران جنگ جو خاتمو ٿيندو ۽ ٻيهر خوشحالي ايندي، فيلڊ مارشل ۽ وزيراعظم جا ٿورائتا آهيون جيڪي جنگ روڪرائڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيا آهن، ڪوششون ڪيون پيا ته محدود وسيلن جي هوندي عوام جي مسئلن ۾ گهٽتائي اچي، عوام کي تڪليف ۾ وجهڻ نٿا چاهيون، سنڌ حڪومت عوامي رليف پيڪيج متعارف ڪرايا آهن جنهن سان لکين ماڻهو فائدو حاصل ڪري رهيا آهن، سنڌ ۾ هارين، مزدورن، ماهيگيرن جي فلاح بهبود سميت موٽرسائيڪل استعمال ڪندڙ شهرين کي فيول سبسڊي ڏئي رهيا آهيون، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي ٻين به کوڙ منصوبن تي ڪم هلي رهيو آهي جنهن سان عوام کي فائدو ٿيندو ۽ معيشت ۾ بهتري ايندي، ڪراچي جي ساحل لاءِ نوان منصوبا آڻينداسين، اهڙو ڪم ڪنداسين جنهن سان ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين شهرن جي ماڻهن کي روزگار لاءِ ٻاهر وڃڻو نه پوي، اسان چاهيون ٿا ته ڪراچي شهر سميت صوبي ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪري دنيا آڏو ثابت ڪنداسين ته اسان ڪم ڪيو آهي، ڪاروباري طبقي کي سپورٽ ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي رهيا آهيون، ڪاروبار ۽ واپار دنيا جي ترقي جا ضامن آهن، بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ علاج لاءِ بهترين سهولتون موجود آهن جنهنجو ثبوت اهو آهي ته ٻاهريان ماڻهو اچي هتان علاج ڪرائن ٿا، صحت جي سهولتن کي وڌائڻ لاءِ پڻ ڪم جاري آهي، اسان گڏجي ڪم ڪنداسين ته بهترين ٽيم ثابت ٿينداسين ۽ دنيا سان مقابلا ڪنداسين، بندرگاهه جي ذميواري وفاق جي هوندي آهي پر آئون چاهيان ٿو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت بندرگاهه ٺاهينداسين ۽ گڏجي تاريخ ساز منصوبو آڻينداسين، شهيد بينظير ڀٽو جو خواب هو ته ٿرڪول ٺهي ۽ اتان جي ماڻهن کي روزگار ملي ۽ خوشي آهي ته اهو خواب پورو ٿيو، گوادر پورٽ به خواب هو جيڪو ساڀيان ٿيو، شهيد بينطير ڀٽو جا سمورا خواب پورا ڪري ڏيکارينداسين، ڪراچي، ٺٽي، سجاول سميت ساحلي پٽي کي ترقي يافته ڪنداسين ۽ اتان جي عوام جي تقدير بدلينداسين، اسان جي صوبي جي بلدياتي نظام تي تنقيد نهن صوبن جا ماڻهو ڪن ٿا جن صوبن ۾ بلدياتي نظام ئي ناهي، اسان جي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشنز، ٽائونز ۽ ضلع ڪائونسل جي چيئرمينن رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن. ملڪ ۾ واحد سنڌ صوبو آهي جتي اسان جي حڪومت پيپلز پارٽي جي ٽائون چيئرمينن سميت جماعت اسلامي ۽ ٻين ٽائون چيئرمينن کي برابري جي بنياد تي وسيلا ۽ فنڊ ڏئي رهي آهي، ان ۾ اسان جو ڪو ڏوهه ناهي ته ڪا جماعت بلدياتي چونڊون نه وڙهي ۽ نه ئي ڪا سيٽ کٽي سگهي. تقريب کي وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه خطاب ڪندي چيو ته خوشي ٿي رهي آهي ته ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻائيندڙ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نالي سان شاهراهه ٺهي آهي، ڪنهن کي بي گهر نه پيا ڪرڻ چاهيون جنهن ڪري ٿورو هن شاهراهه کي ٺاهڻ ۾ ٿورو وقت لڳو، جيڪي ڪم ڪرڻ نٿا ڄاڻين اهي اسان تي تنقيد ڪري رهيا آهن، ڪراچي واسين کي تاريخي تحفو ڏنو آهي ۽ تاريخ گواهه رهندي ته ڪراچي جي بهتر مستقبل لاءِ پيپلز پارٽي ئي بهتر فيصلا ڪيا ۽ ڪم ڪري ڏيکاريا. هن چيو ته شاهراهه ڀٽو روڊ جي تعمير 5 سال دوران 55 ارب رپين جي لاڳت سان ٿي آهي جيڪا 38 ڪلوميٽرن ۽ 6 لين تي مشتمل آهي، ان روڊ سان شهري باآساني ڊي ايڇ اي قيوم آباد کان ڪاٺوڙ ايم نائن موٽروي تائين سفر ڪري سگهندا، شاهراهه ڀٽو روڊ جي تعمير سان شهرين کي بهترين سهولتي سفر ميسر ٿيندي جنهن سان فيول ۽ وقت پڻ بچندو، تقريب کي صوبائي وزيرن سيد ناصر حسين شاهه، شرجيل انعام ميمڻ، سعيد غني، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، قاسم نويد قمر، مشهور ڪاروباري شخصيت عارف حبيب ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.
ڪم ڪندئو ته ووٽ ملندو، پوءِ فارم 45 به اوهان جو ته 47 به اوهانجو: عارف حبيب
ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان جي مشهور واپاري شخصيت عارف حبيب چيو آهي ته جيڪڏهن ڪم ڪندئو ته ووٽ به ملندو، پوءِ فارم 45 به اوهان جو هوندو ۽ فارم47 به اوهان جو هوندو، پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو ڪراچي ۾ شاهراهه ڀٽو جو افتتاح ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي ٿيل تقريب ۾ بلاول ڀٽو سان گڏ پارٽي اڳواڻن، ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب، عارف حبيب ۽ ٻين شخصيتن شرڪت ڪئي، تقريب کي خطاب ڪندي عارف حبيب چيو ته سنڌ سڀ کان وڌيڪ مالدار صوبو آهي، جتي سمنڊ، درياهه ۽ جبل موجود آهن، عارف حبيب چيو ته خوشي آهي جو سنڌ حڪومت سرڪاري ۽ نجي ڀائيواري سان ڪم ڪري رهي آهي، شاهراهه ڀٽو منصوبي جو پهريون مرحلو مڪمل ڪيو ويو آهي، جيڪو تمام سٺو قدم آهي، هن وڌيڪ چيو ته شاهراهه ڀٽو سبب شهر ۾ هيوي ٽريفڪ مان جند ڇُٽي وئي.
شاهراهه ڀٽو تي جهاز به لينڊ ڪري سگهي ٿو:مراد علي شاهه
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته شاهراهه ڀٽو پاڪستان جو اهو عظيم رستو آهي جتي جهاز به لينڊ ڪري سگهي ٿو، جڏهن ته اڄ ان منصوبي جو افتتاح ڀٽو زرداري ڪيو آهي، 39 ڪلوميٽر ڊگهو هي منصوبو تقريبن 40 ارب رپين کان وڌيڪ لاڳت سان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت مڪمل ڪيو ويو، وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته هي منصوبو شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ويزن جو تسلسل آهي ۽ ڪراچي جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، شاهراهه ڀٽو کي 100 ڪلوميٽر في ڪلاڪ رفتار موجب ڊزائين ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ 6 جديد انٽرچينجز ۽ اسمارٽ ٽولنگ سسٽم شامل آهي، منصوبي سان قيوم آباد کان ايم-9 موٽر وي تائين سڌي پهچ ٿيندي جنهن سان سفر جو وقت گهٽجڻ، ٻارڻ جي بچت ۽ ٽريفڪ جي بهتري جو امڪان آهي، حڪومت موجب شاهراهه ڀٽو ڪراچي جي معاشي شهه رڳ آهي، جيڪا بندرگاهه، صنعتي زونز ۽ اپ ڪنٽري ٽريفڪ لاءِ اهم ڪوريڊور طور ڪم ڪندي.