مبين اُڄڻ هڪ اهڙو انسان آهي، جيڪو رُڳو نالو ناهي، پر دردن، جدوجهدن، لفظن ۽ مزاحمتن جي زندهه تاريخ آهي. جنهن پَنهنجي سَڄي زندگي قلم کي هٿيار بڻايو، ڪتابن کي ساٿي بڻايو، ۽ شعور جي ڏيئن سان سماج جي اونداهين کي چيرڻ جي ڪوشش ڪئي. جيڪو ھڪ شاعر آهي، ھڪ اديب آهي ۽ جاکوڙي ڪردار به آهي، پاڻ سنڌي ادبي سنگت کهڙا شاخ جهڙي فڪري واٽ جو بُنياد وجهندڙ به آهي. ويهن کان وڌيڪَ ڪتابن جو مرتب، جنهن جي لفظن ۾ ڌرتيءَ جي خوشبو، انسانيت جو درد ۽ سچ جي تپش سمايل آهي. سندس نثري نظم جو ڪتاب به ڇپيل آهي جيڪو صرف ڪتاب ناهي، پر زخمي دلين جي ترجماني آهي. پر هِن بي حس سماج ۽ ناانصاف نظام کي شايد قلم سان محبت ڪندڙ ماڻهو ڪڏهن به قبول ناهن رهيا.
هفتو اڳ راتِ جي ڪاري اونداهيءَ ۾ چورن مُبين اُڄڻ جي دڪان تي کاٽ هنيو. اُهو دڪان، جيڪو سندس لاءِ رُڳو روزگار نه، پر عبادتگاهه هو. اُتي رکيل هر ڪتاب ڄڻ سندس روح جو حصو هو، هر خاني تي رکيل سامان سندس ٻچن جي بُک سان ڳنڍيل هو. چورن لڳ ڀڳ ستر هزار رپين جا سگريٽ ۽ پنجاهه هزار روڪ رقم کڻي ويا، پر اصل ۾ هو رُڳو سامان نه ھو، هڪ پورهيت اديب جي سڪون، عزت ۽ اُميدن کي لُٽي ويا. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ھِن وقت تائين کهڙا پوليس وٽ رُڳو ٺلها دلاسا آهن، ڪوڙا واعدا ڏنا آهن، انصاف رُڳو فائيلن ۾ بند آهي.
اڄ مُبين اُڄڻ روڊ تي ويٺو آهي پَنهنجا ڪتاب زمين تي رکي احتجاج ڪري رهيو آهي. اُهي ڪتاب، جيڪي ڪالهه ماڻهن کي شعور سيکاريندا هئا، اڄ پاڻ انصاف لاءِ دانهن ڏئي رهيا آهن.اُهو منظر صرف هڪ احتجاج ناهي، پر هِن سماج جي بي حسيءَ تي هڪ وَڏو سوال آهي. ياد رهي! هي اُهو ئي مُبين اُڄڻ آهي، جنهن جي ڀيڻ روبينه اُڄڻ کي پير ڪٽڪپال وٽ بي رحميءَ سان قتل ڪيو ويو هو. اُهو ئي مُبين، جيڪو انصاف لاءِ در در ويو، ماڻهن اڳيان جهولي جهلي فرياد ڪئي، اکين ۾ اُميدون کڻي عدالتن، ٿاڻن ۽ بااثرن جا در کڙڪايا، پر هِن مُلڪ جي نظام سندس ڀيڻ جي رَتُ سان به انصاف نه ڪيو. هاڻي وري ساڳيو مُبين اُڄڻ، ساڳي اذيت، ساڳي دانهن، ساڳي ناانصافي کڻي بيٺو آهي.
هڪ ڀيرو ٻيهر هِن جي اکين ۾ سوال آهن، دل ۾ زخمن جا طوفان آهن، ۽ هٿن ۾ ڪتاب آهن. هي مُلڪ آخر قلم وارن سان ايتري نفرت ڇو ٿو ڪري؟ ڇو هر اُهو ماڻهو، جيڪو شعور جي ڳالهه ڪري ٿو، دردن جي صليب تي چاڙهيو وڃي ٿو؟ ڇو هڪ شاعر کي پَنهنجي ٻچن جي ماني بچائڻ لاءِ روڊن تي ڪتاب وڪڻي احتجاج ڪرڻو پوي ٿو؟ مبين اُڄڻ جو دڪان صرف دڪان ناهي، اُهو علم جو ڏيئو آهي، ادب جو آستانو آهي، ۽ هڪ پورهيت پيءُ جي خوابن جو گهر آهي. جيڪڏهن اڄ به هِن جي دانهن تي سماج خاموش رهيو، ته سڀاڻي ڪتابن جا شهر اُجڙي ويندا، لفظ يتيم ٿي ويندا، ۽ شعور جا ڏيئا هڪ هڪ ڪري وسامي ويندا. مبين اُڄڻ لاءِ انصاف رُڳو هڪ ماڻهوءَ جو حق ناهي، پر قلم، ڪتاب، ادب ۽ انسانيت جي بقا جو سوال آهي.