سنڌ ۽ پاڪستان جي علمي، سائنسي ۽ ادبي منظرنامي تان پروفيسر ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجي جهڙي قداور شخصيت جو خاموشيءَ سان هليو وڃڻ رڳو هڪ فرد جي موڪلاڻي نه آھي، پر اها هڪ اهڙي فڪري منش جي پڄاڻي آھي جن علم ۽ سائنس کي سماجي ذميواري سمجھي بي لوث نڀایو. هو انهن ناياب ماڻهن مان هئا، جن لاءِ سائنس رڳو ليبارٽريءَ جي ڀتين تائين محدود علم نه هئي، پر انساني زندگين کي بهتر بڻائڻ جو ذريعو هئي. هڪ طرف هو پئراسائيٽولاجي جهڙي انتهائي پيچيده شعبي جا بين الاقوامي سطح جا محقق هئا، ته ٻئي طرف هو سنڌي ٻوليءَ ۾ صحت، ماحوليات، انساني جسم، موسمياتي تبديلين ۽ سماجي شعور بابت سائنسي ادب تخليق ڪندڙ اهڙا عالم هئا، جن علم کي وڏن ماڻھن کان ڪڍي عوام ۽ غريب شاگردن تائين پهچائڻ کي پنهنجي زندگيءَ جو مقصد بڻايو.
هو اهڙي پڙهي وارا استاد هئا، جيڪي شاگردن کي رڳو نصابي مواد ياد نه ڪرائيندا هئا، پر کين سوال ڪرڻ، دليل ڏيڻ، تحقيق ڪرڻ ۽ سماج سان لاڳاپيل رهڻ سيکاريندا هئا. سندن وڇوڙو ان ڪري به وڌيڪ ڏکوئيندڙ آهي، ڇاڪاڻ ته اسان اهڙي دور ۾ داخل ٿي چڪا آهيون جتي علمي ۽ سائنسي خدمتون اڪثر ميڊيا جي شور ۽ سياسي تماشائن جي هيٺان دفن ٿي وينديون آهن.
شروعاتي زندگي ۽ علمي اوسر
ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجو 2 سيپٽمبر 1950ع تي لاڙڪاڻي ۾ علي حسن ڌاريجي جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس ابتدائي تعليم روايتي ديني مدرسي مان شروع ٿي، جنهن سندس شخصيت ۾ فڪري نظم، مطالعو ۽ علم سان لڳاءُ پيدا ڪيو. بعد ۾ جديد تعليم ڏانهن سندس سفر انتهائي محنت ۽ ذهني جاکوڙ سان اڳتي وڌيو. هن 1965ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي. سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1971ع ۾ بي.ايس.سي ۽ پوءِ 1973ع ۾ زولاجيءَ ۾ ايم.ايس.سي جي ڊگري حاصل ڪئي. فطرت، حياتيات ۽ جيوت جي دنيا سان سندس دلچسپي رڳو نصابي ضرورت نه هئي، پر هڪ گهري علمي وابستگي هئي. ساڳئي وقت، هن پنهنجي فڪري افق کي رڳو سائنس تائين محدود نه رکيو. 1972ع ۾ اديب فاضل جي سند حاصل ڪرڻ ۽ پوءِ 1974ع ۾ ايل.ايل.بي ڪرڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته سندس شخصيت گهڻ رخي هئي. هو سائنس، ادب، سماج ۽ قانون جي لاڳاپن کي گڏيل تناظر ۾ سمجهندا هئا.
سندن علم حاصل ڪرڻ جي جستجو عمر سان گڏ گهٽجڻ بدران وڌيڪ مضبوط ٿيندي وئي. يونيورسٽيءَ ۾ سينيئر استاد ۽ محقق هئڻ باوجود هن پنهنجي علمي سفر کي جاري رکيو ۽ 2006ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان زولاجي پئراسائيٽولاجيءَ ۾ پي.ايڇ.ڊي مڪمل ڪئي. اها ڳالهه پاڻ ۾ هڪ وڏو پيغام آهي ته حقيقي عالم ڪڏهن به سکڻ جو سفر ختم نٿا ڪن.
سڄي عمر پڙھڻ پڙھائڻ
ڊاڪٽر ڌاريجي جي سنڌ يونيورسٽيءَ سان وابستگي تقريباً چاليهن سالن تي پکڙيل رهي. هن اپريل 1974ع ۾ زولاجي شعبي ۾ ليڪچرار طور پنهنجي تدريسي زندگيءَ جي شروعات ڪئي. تدريسي ميدان ۾ سندس ترقي علمي قابليت، تحقيقي ڪم ۽ شاگردن سان فڪري وابستگيءَ جو اعتراف هئي. هو 1980ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر، 1991ع ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر ۽ 1996ع ۾ مڪمل پروفيسر بڻيا. سيپٽمبر 2010ع تائين، جڏهن هو رٽائر ٿيا، تڏهن تائين هو سنڌ يونيورسٽيءَ جي سڃاڻپ بڻجي چڪا هئا.
رٽائرمنٽ کانپوءِ به سندن تعلق علم سان ختم نه ٿيو. سيپٽمبر 2013ع کان وٺي هو ٻيهر ريسرچ اسڪالر طور يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل رهيا. ڊاڪٽر ڌاريجو اهڙا استاد هئا، جيڪي پيچيده علمي موضوعن کي به انتهائي سادي ۽ دلچسپ انداز ۾ بيان ڪندا هئا. هو شاگردن کي ڪتابي علم سان گڏ ماحول، سماج ۽ انساني صحت جي حقيقي مسئلن سان جوڙيندا هئا.
عالمي علمي سڃاڻپ
ڊاڪٽر ڌاريجي جي علمي صلاحيتن کي جلد ئي عالمي سطح تي به مڃتا ملي. 1976ع ۾ کيس يونيسڪو، يو اين ڊي پي، آءِ سي آر او ۽ هنگريئن اڪيڊمي آف سائنسز جي گڏيل سهڪار سان هڪ اهم بين الاقوامي فيلوشپ ملي. ان فيلوشپ تحت هن هنگريءَ جي شهر سيگيڊ ۾ تقريباً يارهن مهينا تحقيق ڪئي، جتي هن نيوروٽرانسميٽرز ۽ بائيوفلاوونائيڊز جي حياتياتي اثرن تي ڪم ڪيو. ان کانپوءِ کيس جپان حڪومت جي انتهائي معتبر مونبوشو اسڪالرشپ ملي، جيڪا دنيا جي چونڊيل محققن کي ڏني ويندي آهي. 1984ع کان 1986ع تائين هن جپان جي هما ماتسو يونيورسٽي اسڪول آف ميڊيسن ۾ پئراسائيٽڪ هيلمنٿس جي ڪيموٿراپيءَ تي اعليٰ سطح جي تحقيق ڪئي. ان عرصي دوران هن پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ ٽراپيڪل پئراسائيٽوسس بابت جپاني سائنسدانن سان گڏيل تحقيقي منصوبي ۾ ڪو-پرنسپل انويسٽيگيٽر طور پڻ ڪم ڪيو.
هيءَ ڳالهه وڏي اهميت رکي ٿي ته ڊاڪٽر ڌاريجو انهن ٿورڙن پاڪستاني سائنسدانن مان هئا، جن پنهنجي تحقيقي ڪم ذريعي پاڪستان جي مقامي ماحولياتي ۽ حياتياتي مسئلن کي عالمي سائنسي برادريءَ تائين پهچايو.
پئراسائيٽولاجي، ماحوليات ۽ حياتياتي تحقيق
ڊاڪٽر ڌاريجو خاص طور پئراسائيٽولاجي ۽ هيلمنٿولاجيءَ جي شعبي جا ماهر هئا. اڏامندڙ پکين جي پئراسائيٽس، آبي جيوت ۽ ماحولياتي نظامن بابت سندس تحقيق پاڪستان ۾ بنيادي اهميت رکي ٿي. منڇر، ڪينجهر ۽ ٻين آبي علائقن جي جيوت تي سندس ڪم رڳو حياتياتي مطالعي تائين محدود نه هو، پر ان ۾ ماحولياتي تبديلي، پاڻيءَ جي گدلاڻ ۽ جيوتياتي توازن جا سوال به شامل هئا. سندس تحقيقي ڪم جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ ڪيترين ئي نين پئراسائيٽڪ جنسن جي سڃاڻپ ٿي. هن جا تحقيقي مقالا معتبر عالمي رسالن ۾ شايع ٿيا. سندس علمي سرمايي ۾ 30 کان وڌيڪ اعليٰ تحقيقي مقالا ۽ 45 کان وڌيڪ عالمي ڪانفرنس پيپر شامل آهن. پر ڊاڪٽر ڌاريجي هميشه سائنس کي سماج سان ڳنڍيل ڏٺو. هو سمجهندا هئا ته ماحولياتي تباهي، گدلا پاڻي، آبي جيوت جي تبديلي ۽ انساني بيماريون پاڻ ۾ ڳنڍيل مسئلا آهن.
سنڌي ٻوليءَ ۾ سائنس جي ترجمي جو تاريخي ڪم
ڊاڪٽر ڌاريجي جو سڀ کان وڏو ڪارنامو شايد اهو هو ته هن سنڌي ٻوليءَ ۾ سائنسي ادب جي هڪ مضبوط روايت قائم ڪئي. جيڪڏهن سائنس ماڻهن جي مادري ٻوليءَ ۾ موجود نه هوندي ته اها سماجي شعور جو حصو نه بڻجي سگهندي. سندس ڪتاب جت ويڄ نه طبيب رڳو ترجمو نه، پر سنڌي سماج لاءِ هڪ علمي خدمت هئي. دنيا جي مشهور صحت بابت ڪتاب Where There Is No Doctor کي سنڌيءَ ۾ منتقل ڪري هزارين ماڻهن تائين بنيادي صحت جي ڄاڻ پهچائي. اهو ڪتاب سنڌ جي ڳوٺاڻن علائقن، استادن، صحت ڪارڪنن ۽ عام پڙهندڙن لاءِ علم جو ذخیرو ثابت ٿيو.
سندس ڪتاب تپندڙ ڌرتي ۽ مٽجندڙ مندون ان وقت لکيو ويو جڏهن موسمياتي تبديلي اڃا عام بحث جو حصو نه بڻي هئي. هن ڪتاب ۾ ماحولياتي تبديلي، گرميءَ جي واڌ، پاڻيءَ جي بحران ۽ انساني بقا بابت جيڪي سوال اٿاريا ويا، اهي اڄ وڌيڪ شدت سان سامهون اچي رهيا آهن. ھن دنيا جي نظام کي قائم رکڻ ۾ بنيادي حيثيت رکندڙ ماڪروبز تي سندن ڪتاب ڪمال جو آھي۔
انوکا گرهه، سرير جي آتم ڪهاڻي، جنس جي سائنسي ڄاڻ ۽ فرسٽ ايڊ بابت ڪتابن ذريعي هن سنڌي ٻوليءَ ۾ سائنسي ڄاڻ جي هڪ نئين روايت کي هٿي ڏني. هن يو ايس ايڊ جي سهڪار سان هيلٿ ٽيڪنيشنز ٽريننگ گائيڊ بوڪ جا ٽي حصا ترجمو ڪيا، جڏهن ته هيپاٽائيٽس، سروسس ۽ سيلئيڪ جهڙين بيمارين بابت ڪيترائي ڪتابڙا پڻ سنڌيءَ ۾ تيار ڪيا.
سندس اڻڇپيل ڪم به انتهائي اهم هو، خاص طور ڊڪشنري آف انوائرنمينٽل سائنس ۽ ڊڪشنري آف سائنس، جيڪي سنڌيءَ ۾ سائنسي اصطلاحن جي معياري بنياد رکڻ جي ڪوشش آھن.
سائنسي صحافت ۽ عوامي شعور
ڊاڪٽر ڌاريجو صرف ڪتابي عالم نه هئا. هو عوامي سطح تي سائنس ۽ ماحوليات بابت شعور پيدا ڪرڻ لاءِ به سرگرم رهيا. سائنس ۽ ماحول رسالن جي ايڊيٽر طور هن سنڌ ۾ سائنسي صحافت جي بنيادن کي مضبوط ڪيو۔ رسالو سائنس نوجوان ٽھي لاءِ سائنسي لاڙن ۽ اتساھ جو اھم سبب بڻيو۔
هن ڊبليو ڊبليو ايف ۽ ٻين ادارن سان گڏجي اوزون جي تهه جي خاتمي، انڊس ڊيلٽا جي تباهي، سامونڊي جيوت، مڇي مارڻ جي صنعت جي مسئلن ۽ ماحولياتي بحرانن بابت سوين ليڪچر ڏنا. اڄ جڏهن سنڌ پاڻيءَ جي کوٽ، ڊيلٽا جي تباهي، سامونڊي چاڙهه ۽ موسمياتي بحرانن کي منهن ڏئي رهي آهي، تڏهن ڊاڪٽر ڌاريجي جي فڪري بصيرت وڌيڪ اهم محسوس ٿئي ٿي.
انتظامي قيادت ۽ ادارتي ڪردار
ڊاڪٽر ڌاريجو هڪ انتهائي فعال ۽ اصولي منتظم پڻ هئا. 2002ع کان 2010ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جي بيورو آف ٽرانسليشن اينڊ پبليڪيشن جا ڊائريڪٽر طور هن علمي اشاعت ۽ ترجمي جي شعبي ۾ نوان معيار قائم ڪيا.
هو 2001ع کان 2002ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جا ڪنٽرولر امتحانات پڻ رهيا. ان کان اڳ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ڄامشوري جا سيڪريٽري، فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي انفارميشن سينٽر جا ڊائريڪٽر انچارج ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس جا ميمبر پڻ رهيا. تعليم واري وزارت جي نيشنل ڪرڪيولم ريويو ڪميٽيءَ ۾ سندس شموليت ان ڳالهه جو اعتراف هئي ته هو رڳو يونيورسٽي سطح جا استاد نه، پر قومي سطح تي سائنسي تعليم بابت فڪر رکندڙ ماڻهو هئا.
اعزاز ۽ مڃتا
ڊاڪٽر ڌاريجي کي ڪيترائي علمي، ادبي ۽ صحافتي اعزاز مليا. 2010ع ۾ نيشنل بوڪ فائونڊيشن پاران انعام، 1997ع ۾ گرين جرنلسٽ ايوارڊ، 1993ع ۾ آباديءَ بابت رپورٽنگ تي ايڪسيلينس ايوارڊ، ۽ لطيف گولڊ ميڊل جهڙا اعزاز سندن خدمتن جو اعتراف هئا. پر حقيقت ۾ سندن سڀ کان وڏو اعزاز اهو علمي ۽ سماجي شعور آهي، جيڪو هن هزارين شاگردن، پڙهندڙن ۽ عام ماڻهن ۾ پيدا ڪيو.
هڪ خاموش وڇوڙو ۽ اسان جي اجتماعي ناڪامي
ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجي جهڙي شخصيت جو خاموشيءَ سان هليو وڃڻ اسان جي سماج جي هڪ تمام گهري بيماريءَ کي ظاهر ڪري ٿو. اهو ان ڪڙي حقيقت کي سامهون آڻي ٿو ته اسان وٽ علم، تحقيق، سائنسي شعور ۽ فڪري خدمت لاءِ ايتري ادارتي عزت موجود ناهي، جيتري هجڻ گهرجي. ڏهن هڪ اهڙو سائنسدان، جنهن پنهنجي زندگي اڏامندڙ پکين جي پئراسائيٽس جي تحقيق، ماحولياتي شعور، هزارين شاگردن جي تربيت ۽ سنڌيءَ ۾ سائنسي علم کي وڌائڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏي، بغير قومي اعتراف جي خاموشيءَ سان هليو وڃي، ته اهو رڳو هڪ فرد سان ناانصافي ناهي، پر هڪ فڪري سماج جي ناڪامي آهي.
اسان جو سماج سياسي شور، عارضي شهرت ۽ ميڊيا جي سنسنيءَ کي ته وڏي اهميت ڏئي ٿو، پر اهي ماڻهو جيڪي قومن جي فڪري بنيادن کي مضبوط ڪن ٿا، اڪثر گمناميءَ ۾ رهجي وڃن ٿا. اڄ جڏهن پاڪستان ۽ خاص طور سنڌ ماحولياتي ۽ سماجي بحرانن جي گهيري ۾ آهي، تڏهن اها ڳالهه وڌيڪ پڌري ٿئي ٿي ته قومون رڳو اڻ معیاري روڊن، عمارتن ۽ سياسي منصوبن سان ترقي نٿيون ڪن، پر انهن ذهنن سان ترقي ڪن ٿيون جيڪي علم، تحقيق ۽ فڪر جي روشني پيدا ڪن ٿا.
ڊاڪٽر ڌاريجي جي زندگي اسان کي اهو سبق ڏئي ٿي ته سائنس کي عوام کان ڌار نٿو ڪري سگهجي، ۽ نه ئي علمي ادارن کي سماج کان الڳ رکي سگهجي ٿو. جيڪڏهن اسان واقعي هڪ روشن خيال، مهذب ۽ مستقبل ڏانهن وڌندڙ سماج بڻجڻ چاهيون ٿا ته پوءِ اسان کي پنهنجي علمي شخصيتن جو قدر ڪرڻي پوندو ، سندن ڪم کي محفوظ ڪرڻو پوندو ۽ ايندڙ نسلن کي اهو سيکارڻو پوندو ته ليبارٽريءَ ۾ ٿيندڙ هڪ سائنسي دريافت به قومي اهميت رکي ٿي.