چيف جسٽس يحيٰ آفريدي خلاف 5 شڪايتون هڪ ئي وقت رد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم جوڊيشل ڪائونسل چيف جسٽس يحيٰ آفريدي خلاف 5 شڪايتون هڪ ئي وقت رد ڪري ڇڏيون آهن. سپريم جوڊيشل ڪائونسل  جي تازي اجلاس ۾ هڪ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، جتي چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي خلاف داخل ڪيل پنج شڪايتن تي گڏجي غور ڪيو ويو. اجلاس کان پوءِ جاري ڪيل بيان موجب، سڀني شڪايتن کي متفقه طور تي رد ڪيو ويو آهي، ۽ هن فيصلي جي تفصيل پڻ عوام لاءِ جاري ڪئي وئي آهي. بيان موجب، پهرين شڪايت پشاور هاءِ ڪورٽ جي وڪيل صبغت الله شاهه پاران 2016 ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ جي جج يحيٰ آفريدي خلاف داخل ڪئي وئي هئي. ڪائونسل 14 مئي تي پنهنجي اجلاس ۾ متفقه طور تي هن شڪايت کي رد ڪيو. ٻي شڪايت ڪراچي جي شهري امجد حسين دراني پاران داخل ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ اهو موقف اختيار ڪيو ويو هو ته سپريم ڪورٽ ۾ هڪ ڪيس ٻڌڻ کانسواءِ خارج ڪيو ويو جيڪو مبینہ طور تي بدانتظامي جي زمري ۾ اچي ٿو. ٽين شڪايت ڪراچي جي رهواسي ڪامران خان پاران داخل ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ الزام لڳايو ويو هو ته سندس هڪ درخواست کي ٻڌڻ جو موقعو ڏيڻ کانسواءِ رد ڪيو ويو. چوٿين شڪايت وهاڙي جي رهواسي محمد مسعود پاران داخل ڪئي وئي هئي .اعلان موجب، سڀني پنجن شڪايتن تي غور ڪرڻ کان پوءِ، ڪائونسل متفقه طور تي انهن کي ناقابل قبول قرار ڏيندي ختم ڪري ڇڏيو.

ايران پاران آبناءِ هرمز تي نگراني زون قائم ڪرڻ جو اعلان

تهران(م ڊ) فارس گلف واٽر وي مئنيجمينٽ اٿارٽي آبناءِ هرمز تي نگراني زون قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي اٿارٽي جي سرڪاري اڪائونٽ موجب ايران سرڪاري طور تي آبناءِ هرمز جي انتظامي ۽ نگراني علائقي جو تعين ڪيو آهي. اعلان موجب، علائقي جون حدون ايران جي جبل مبارڪ ۽ اوڀر طرف گڏيل عرب امارات جي ڏکڻ فجيره کي ڳنڍيندڙ سرحد کان شروع ٿين ٿيون، جڏهن ته اولهه طرف، اهو ايران جي قشم ٻيٽ جي چوٽي کان امارات ۾ ام القوين تائين پکڙيل آهي.  تنظيم موجب، هن علائقي مان گذرندڙ جهازن کي اڳواٽ ‘فارس گلف واٽر وي مئنيجمينٽ’ سان رابطو ڪرڻ ۽ هن تنظيم کان اجازت وٺڻ جي ضرورت پوندي.

وزيراعظم شهباز شريف سڀاڻي چين جي دوري تي روانو ٿيندو

اسلام آباد /بيجنگ(ع آ نيوز) چيني پرڏيهي وزارت اعلان ڪيو آهي ته پاڪستاني وزيراعظم شهباز شريف ڇنڇر ڏينهن 23 مئي تي بيجنگ جو دورو ڪندو، جتي هو اهم ڳالهين ۾ حصو وٺندو. پاڪستان ۽ چين ٻئي وچ اوڀر جي بحرانن ۾ ٽياڪڙي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان خميس ڏينهن هڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته چين ۽ پاڪستان جي قيادت ٻطرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي بحث ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته چين وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام جي جلد بحالي ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پاڪستان سان گڏ ڪم ڪندو. ترجمان موجب، چين امن لاءِ پاڪستان جي منصفاڻي ۽ متوازن ڪردار جي حمايت ڪري ٿو. پاڪستان تازن مهينن ۾ آمريڪا-ايران ڳالهين ۾ اهم ڪردار  ادا ڪري رهيو آهي، ۽ گذريل مهيني ڳالهين جي ميزباني ڪئي، پر ڪو به ٺوس نتيجو حاصل نه ٿيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.