هڪ سوال جنهن موديءَ جي جمهوري ڍونگ کي وائکو ڪيو

سيد مجاهد علي

ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي ناروي جي دوري دوران نارويجين صحافي "هيلي لينگي سوندسن” جي هڪ سوال نه صرف نريندر مودي کي وائڙو ڪيو ۽ پرڏيهي وزارت جي ترجمانن کي سندن پريس ڪانفرنس ۾ لاجواب ڪري ڇڏيو، پر ڀارت ۾ اظهار جي آزادي، جمهوري معاشري ۾ سوال جي اهميت ۽ خود مختيار صحافت تي هڪ ڀرپور بحث جي شروعات پڻ ڪئي. اها ئي سوال جي طاقت آهي.

ڪو به صحافي پنهنجي سوال ذريعي نه ته ڪنهن سياسي اڳواڻ جي راءِ تبديل ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي هو ڪنهن پاليسيءَ تي اثرانداز ٿيڻ جي طاقت رکي ٿو. ان جي باوجود جڏهن نريندر مودي جهڙا نالي ماتر جمهوري اڳواڻ ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيڻ کان پاسو ڪندا آهن، ته ان جو مطلب صرف اهو هوندو آهي ته اهي پاڻ ڄاڻن ٿا ته هو پنهنجي اصول پسندي جا جيڪي وڏا وڏا دعوا ڪري رهيا آهن، تن جي حقيقت انهن چيل لفظن کان وڌيڪ ڪجهه به ناهي. زميني حقيقتون ۽ انهن اڳواڻن جون پاليسيون سندن سهڻين دعوائن کان بلڪل مختلف هونديون آهن. نريندر مودي ان ڪري ئي ڪنهن سوال جو جواب ناهي ڏيندو ڇاڪاڻ ته سندس قيادت آمراڻي طرزِ عمل جي آئينه دار آهي ۽ هو جمهوريت کي حقيقت ۾ ڀارت جهڙي گهڻ-ثقافتي (multicultural) معاشري ۾ هڪ عقيدي ۽ گروهه جي بالادستي قائم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هيلي لينگي اهو ڄاڻڻ جي باوجود ته ڀارتي وزيراعظم پريس ڪانفرنس ۾ سوالن جا جواب نه ڏيندو، عين ان وقت ان بابت سوال پڇيو جڏهن هو هندي ۾ هڪ طرفو بيان ٻڌائي ڪمري مان ٻاهر وڃي رهيو هو. پر سندس نارويجين هم منصب "يوناس گار ستوري” اتي ئي موجود رهيو ۽ صحافين جي سوالن جا جواب ڏنائين.

هڪ ئي پريس ڪانفرنس دوران سامهون اچڻ وارو اهو تضاد حقيقت ۾ حقيقي جمهوريت ۽ جمهوريت جي نالي تي ٿيندڙ ڊرامي جي فرق کي واضح ڪري ٿو. هيلي جي ان سوال ته: "جناب وزيراعظم! توهان دنيا جي آزاد ترين ميڊيا جي سوالن جا جواب ڇو نٿا ڏيو؟” جيڪڏهن ان موقعي تي هوءَ سوال نه پڇي ها ته نريندر مودي جي جمهوري ڍونگ تان پردو نه هٽي ها. ڀارت جي انتهاپسند عنصرن کي ناروي جهڙي ننڍڙي ملڪ جي هڪ صحافي کي هراسان ڪرڻ، سندس پتو ۽ فون نمبر عام ڪري انتهاپسند ماڻهن کي کيس پريشان ڪرڻ تي آماده ڪرڻ جي ضرورت محسوس نه ٿئي ها. انهن هٿڪنڊن سان هيلي لينگي جي سوال جي اهميت ۽ ضرورت وڌيڪ نمايان ٿي آهي. ان مان واضح ٿيو آهي ته ڀارتي وزيراعظم حقيقت ۾ ڇا لڪائڻ لاءِ سوالن جا جواب ناهي ڏيندو. ان مان اهو به معلوم ٿيو ته هڪ سادو سوال ڪڏهن ڪڏهن دنيا جي وڏي ۽ طاقتور اڳواڻ کي وائڙو ڪرڻ لاءِ ڪافي هوندو آهي. ان ڪري ئي ڀارت جي ڪانگريس پارٽي مودي جي ان رويي کي شرمناڪ قرار ڏنو ۽ ان ڪري ئي بنگال جي تريڻامول ڪانگريس پارٽي کي اهو چوڻ جي ضرورت محسوس ٿي ته: "محترما هيلي لينگي، انڊيا جي اپوزيشن ۽ لکن انڊين شهرين پاران شڪريو. توهان اهو ڪيو جيڪو اسان جي پنهنجي ميڊيا مسلسل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، يعني اقتدار ۾ ويٺل ماڻهن کان سوال ڪرڻ ۽ جوابدهي جو مطالبو ڪرڻ. پريس بريفنگ هجي يا پريس ڪانفرنس، فرق صرف نالي جو آهي. نه جواب آهن ۽ نه سچ.”

بي بي سي سان ڳالهائيندي هيلي لينگي واضح ڪيو ته: "منهنجو وزيراعظم ڪلهه تمام مصروف هو، پر ان جي باوجود هن وزيراعظم مودي جي وڃڻ کانپوءِ ناروي جي وڏن ميڊيا ادارن جي سوالن جا جواب ڏنا.” کانئس پڇيو ويو ته ڇا کيس اهو عجيب لڳو ته ڀارتي صحافي ناروي جي وزيراعظم کان سوال پڇي رهيا هئا پر پنهنجي وزيراعظم کان سوال نٿا ڪن؟ سندس چوڻ هو ته: "مونکي حيرت ناهي ٿي پر اهو ڳڻتي جو باعث آهي. مونکي ان ڳالهه جو فڪر آهي ته جيڪڏهن توهان پنهنجي اڳواڻن ۽ انهن جي پاليسين کان سڌوسنئون سوال نٿا ڪري سگهو، ته انڊيا ۾ توهان ماڻهو بحث کي ڪيئن اڳتي وڌائيندا آهيو؟” ان ئي انٽرويو ۾ هيلي لينگي اهو به چيو ته: "منهنجو مڃڻ آهي ته صحافي طور سوال ڪرڻ اسان جو ڪم آهي. جڏهن هڪ طاقتور ملڪ جو اڳواڻ اسان جي ننڍڙي ملڪ ۾ اچي ٿو ۽ اسان سان لاڳاپا مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو، ته اهڙي وقت ۾ سوال ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي. ان حقيقت جي باوجود ته مودي سوال ناهي وٺندو، سوال ڪرڻ منهنجو فرض هو. اسان کي معلوم هو ته هو سوال نه وٺندو ۽ اها ئي ڳالهه منهنجي ڪم کي وڌيڪ اهم بڻائي ٿي، ڇاڪاڻ ته اسان ڪنهن غير ملڪي اڳواڻ کي اها اجازت نٿا ڏئي سگهون ته هو هتي اچي جمهوريت جي تعريف پاڻ ڪري. ڀارت جو وزيراعظم دنيا جي سڀ کان وڏي جمهوريت هجڻ جي ڳالهه ڪري ٿو، پر اها ڪهڙي جمهوريت هوندي جيڪڏهن ان ملڪ جي سڀ کان طاقتور شخص کان سوال پڇڻ جي گنجائش ئي نه هجي؟”

تصور ڪيو وڃي ته هيلي لينگي جي اوچتو ۽ اڻ متوقع سوال پڇڻ تي مودي مرڪي ڊائيس ڏانهن واپس اچي وڃي ها ۽ چوي ها ته پروگرام ۾ سوالن جي گنجائش نه هجڻ جي باوجود هو ان صحافي کي ضرور مطمئن ڪندو. ۽ پرڏيهي وزارت جي سيڪريٽري ويسٽ سبي جارج وانگر مهان ڀارت جو قصو ٻڌائڻ بدران سادي لفظن ۾ ٻڌائي ها ته: "ڀارت، ناروي جي مقابلي ۾ آبادي جي لحاظ کان ٽي سئو ٻيڻ وڏو ملڪ آهي. اتي سراسري آمدني جي شرح ناروي جي مقابلي ۾ ٽيهه گنا گهٽ آهي. ان تفاوت جي باوجود هو پاڻ ۽ سندس پارٽي ڀارت ۾ جمهوريت جي فروغ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. اسان کي يقين آهي ته جلد ئي اسان ان مقصد ۾ ڪامياب ٿينداسين.” اهڙي ڪنهن جواب سان نريندر مودي جو قد ننڍو نه ٿئي ها، بلڪه کيس سڄي دنيا ۾ هڪ وڏي ۽ حقيقت پسند اڳواڻ طور سڃاتو وڃي ها. اهي ئي ماڻهو جيڪي اڄ مودي جي تڪبر جو مثال ڏئي ڀارت ۾ جمهوريت جي حقيقت تي سوال اٿاري رهيا آهن، سندس وڏائي، بي تڪلفي ۽ ديانتداري جي تعريف ڪري رهيا هجن ها. پوءِ بحث ڀارت ۾ پريس تي پابندي بابت نه هجي ها، بلڪه اهو چيو وڃي ها ته مودي جهڙا اڳواڻ ڪيئن هڪ وڏي آبادي جي غريب ملڪ کي نمايان ڪرڻ لاءِ خلوصِ دل سان ڪم ڪري رهيا آهن. پر جمهوريت کي هڪ خاص انتهاپسند ايسوسيئيشن (ايجنڊا) لاءِ بهانو بڻائيندڙ ڪنهن اڳواڻ ۾ ايتري اخلاقي جرئت نٿي ٿي سگهي.بدقسمتي سان ڀارت ۾ پکڙجندڙ انتهاپسندي اتان جي بيوروڪريسي کي به ان ئي رنگ ۾ رنگي ڇڏيو آهي. اها به سوال کي چيلينج ۽ ڪنهن ڪمزوري جي نشاندهي کي پاڻ تي تنقيد سمجهي ٿي. ان جو مظاهرو ڀارتي پرڏيهي وزارت جي عهديدارن سبي جارج ۽ رنڌير جيسوال اوسلو ۾ ئي منعقد ٿيندڙ هڪ پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو ۽ حاضرين کي ڀارت جو هاڪاري چهرو ڏيکارڻ بدران، اهو سوچڻ تي مجبور ڪيو ته ڀارتي عهديدار سوالن جو سامنا نٿا ڪري سگهن. هيلي لينگي انڊين سفارتخاني جي دعوت تي ان پريس ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي هئي. اتي هن ڀارت جي صورتحال تي هڪ ئي سوال ڪيو ته: "انڊيا ۽ ناروي هڪ مضبوط ڀائيواري قائم ڪري رهيا آهن پر اسان توهان تي ڀروسو ڇو ڪريون؟ ڇا توهان پنهنجي ملڪ ۾ ٿيندڙ انساني حقن جي ڀڃڪڙين کي روڪڻ جو واعدو ڪريو ٿا؟ توهان جا وزيراعظم ڪڏهن ڏکن سوالن جا جواب ڏيڻ شروع ڪندا؟”

ڪو به عاقل بيوروڪريٽ ان سوال جو متوازن ۽ غير جذباتي جواب ڏئي سگهيو ٿي، پر سبي جارج دفاعي پوزيشن اختيار ڪئي ۽ صحافي جي بار بار پڇڻ تي به ان سوال جو جواب نه ڏنو. بلڪه مڇرجي اهو "حڪم” جاري ڪيائين ته: "هي منهنجي پريس ڪانفرنس آهي، آئون فيصلو ڪندس ته ڪيئن ۽ ڇا جواب ڏيڻو آهي. توهان ۾ جواب ٻڌڻ جو حوصلي هجڻ گهرجي.” هيلي لينگي چوي ٿي ته: "انڊيا تمام سٺو ڪم ڪري ٿو پر آئون عام طور تي ڪنهن ملڪ جي تعريف ٻڌڻ لاءِ پريس ڪانفرنس ۾ ناهيان ويندي. مون انساني حقن جي خلاف ورزين بابت سوال ڪيو پر هنن ان حصي جو جواب نه ڏنو. مونکي منهنجي سوال جو جواب نه مليو.”جڏهن صحافي جي سوال جو اطمينان بخش جواب سامهون نه اچي، ته سوال ۽ ان جا غير لاڳاپيل جواب بحث جو حصو بڻجي ويندا آهن. هيلي لينگي جي سوال تي سبي جارج جي جواب جو به اهو ئي حشر ٿيو. هاڻي غير جانبدار ماڻهو ڀارت جي جمهوريت ۽ پريس فريڊم بابت سوال اٿاري رهيا آهن ۽ مودي سرڪار پنهنجي انتهاپسند سوشل ميڊيا ٽرولز ذريعي هڪ ننڍڙي ملڪ ناروي جي صحافي کي هراسان ڪري پنهنجي بيوسي لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.