ايف بي آر بند ڪري معيشت تي اشرافيه جو قبضو ختم ڪرڻو پوندو:شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي  ته جيستائين ملڪ ۾ پاليسيءَ جو استحڪام نه هوندو، جيڪو سياسي استحڪام سان ڳنڍيل آهي، تيستائين اقتصادي  واڌ ممڪن ناهي۔ ڪاروباري ماڻهو ان ماحول ۾ سيڙپڪاري ڪيئن ڪندا، جتي کين خبر ئي نه هجي ته سڀاڻي حڪومت جي پاليسي ڇا هوندي، ٽيڪس جو ڍانچو ڪيئن هوندو، بجلي ۽ گئس جا اگهه ڪيترا ٿيندا۔ هن چيو ته اهي گڏيل ناڪاميون ملڪ جي معيشت ۽ واڌ ويجهه کي روڪين ٿيون،هن چيو ته پاڪستان ۾ هميشه ڪنهن معجزي جي انتظار ۾ رهندا آهيون، پر حقيقت ۾ ڪو معجزو نه ٿيندو۔ ملڪ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ محنت، ڏکيا فيصلا ۽ حقيقي سڌارن جي ضرورت آهي۔هن ٽيڪس بيس وڌائڻ بابت چيو ته هو ويهه، ايڪويهه سالن کان اها ڳالهه ٻڌي رهيو آهي، پر اڄ تائين ٽيڪس بيس وڌائي نه سگهيا آهيون، ڇو ته ملڪ ۾ “ايليٽ ڪيپچر” موجود آهي۔ اثر رسوخ رکندڙ ماڻهو، جيڪي ٽيڪس نٿا ڏين، پنهنجي ڪاروبار ۽ ڪرپشن لڪائين ٿا، اهي ڪڏهن به ٽيڪس بيس وڌڻ نه ڏيندا۔هن چيو ته پاڪستان وٽ هڪ اهڙو اوزار موجود آهي جيڪو دنيا جي ڪيترن وڏن ملڪن وٽ به ناهي، ۽ اهو آهي قومي سڃاڻپ ڪارڊ  جنهن وٽ سڃاڻپ ڪارڊ آهي، اهو ملڪ جي نظام جو حصو آهي، ووٽ ڏئي ٿو، تنهن ڪري ان جي ذميواري آهي ته ٽيڪس به ڏئي۔ هن چيو ته هر سڃاڻپ ڪارڊ رکندڙ کي ٽيڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ گهرجي، ڀلي ان جي آمدني صفر هجي۔ موجوده ٽيڪس شرحون غيرحقيقي آهن۔اڳوڻي وزيراعظم چيو ته رڳو “ٽيڪس ٽو جي ڊي پي ريشو” وڌائڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو، اصل ضرورت معيشت جي واڌ جي آهي۔ جيڪڏهن معيشت 7 سيڪڙو جي رفتار سان وڌي ته گهٽ ٽيڪس شرح باوجود حڪومت وٽ وڌيڪ آمدني ايندي۔هن چيو ته پاڪستان جو بجيٽ عمل بيڪار مشق بڻجي ويو آهي۔ پارليامينٽ جيڪي ٽيڪس منظور ڪري ٿي، حڪومت بعد ۾ بغير منظوريءَ جي انهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي ٿي۔ اهڙي طريقي سان نظام نٿو هلي سگهي،هن چيو ته جيڪڏهن رڳو بندرگاهن جو نظام درست ڪيو وڃي ته حڪومت کي وڌيڪ آمدني ملي سگهي ٿي۔هن مثال ڏيندي چيو ته ڪراچي جي کڏا مارڪيٽ ۾ هڪ نائي روزانو چاليهه گراهڪ سنڀالي ٿو ۽ چانهه تي هزارين رپيا خرچ ڪري ٿو، پر حڪومت کي پنج هزار رپيا ٽيڪس ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، ڇو ته هو نٿو چاهي ته ايف بي آر سندس زندگي ۾ داخل ٿئي۔هن چيو ته هر حڪومت قرض وڌائڻ جو الزام اڳين حڪومت تي لڳائيندي رهي آهي، پر حقيقت اها آهي ته نظام ئي خراب آهي۔پاڪستان ۾ پٽرول جي قيمت ڀارت ۽ بنگلاديش کان وڌيڪ آهي، هن چيو ته حڪومت کي پنهنجا خرچ گهٽائڻا پوندا۔هن چيو ته گذريل پنجن سالن دوران ايم اين ايز، ايم پي ايز ۽ سينيٽرن پنهنجون پگهارون 500 سيڪڙو تائين وڌايون آهن، جڏهن ته سينيٽ چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي اسپيڪر پنهنجون پگهارون 850 سيڪڙو تائين وڌائي ڇڏيون۔هن چيو ته صوبن ۾ به ساڳيو حال آهي،هن اين ايف سي ايوارڊ بابت چيو ته هاڻي اهو آئين جو حصو آهي، تنهن ڪري ان کي گهٽائڻ آسان ناهي۔جيڪڏهن وفاق صوبن کي گهٽ پئسا ڏيندو ته صوبن جي معيشت به متاثر ٿيندي، ۽ آخرڪار ملڪ کي ئي نقصان ٿيندو۔عباسي چيو ته گئس ۽ بجلي جي ورڇ صوبن جي ذميواري بڻائي وڃي۔ هن چيو ته جيڪڏهن صوبن کي اها ذميواري ڏني وڃي ته کين خبر پئجي ويندي ته نقصانن سان نظام هلائڻ ڪيترو ڏکيو آهي،هن چيو ته جيستائين ملڪ ۾ “رول آف لا” نه هوندو، تيستائين ڪا به سيڙپڪاري نه ايندي۔ سيڙپڪار کي پنهنجي سيڙپ جي حفاظت گهرجي۔ جيڪڏهن عدالتي نظام ڪمزور هوندو ۽ ججن جي چونڊ تي سوال اٿندا رهندا ته پرڏيهي سيڙپڪاري ممڪن نه ٿيندي،هن چيو ته پاڪستان ۾ هر ريگيوليٽري ادارو ناڪام ٿي چڪو آهي، ۽ جيستائين بنيادي سڌارا نه ٿيندا، رڳو بجيٽ سيمينار ڪرڻ سان ملڪ کي ڪو فائدو نه ٿيندو۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.