اوسلو(عوامي آواز نيوز) ناروي جي صحافي هيلي ليلنگ پهرين اوسلو ۾ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودی کان سوال پڇڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پوءِ هڪ پريس ڪانفرنس دوران ڀارتي پرڏيهي وزارت جي سيڪريٽري سان سندس تلخ ڪلامي پڻ ٿي، جنهن بعد هندستان ۾ هن معاملي جو گهڻو چرچو ٿيو،بي بي سي سان ڳالهائيندي هيلي ليلنگ چيو ته صحافي طور سوال پڇڻ سندس “ذميواري” آهي، خاص طور تي جڏهن “هڪ طاقتور ملڪ اسان جي ننڍڙي ملڪ ۾ اچي لاڳاپا مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو مودی پنج ملڪن جي پرڏيهي دوري دوران ناروي پڻ پهتو هو، جتي اهو تڪرار ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو۔ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ هيلي کي اهو چوندي ٻڌو ويو ته: “وزيراعظم مودي، توهان دنيا جي سڀ کان آزاد ميڊيا کان سوال ڇو نٿا وٺو؟” هن اهو سوال پڻ ڪيو ته: “اسان هندستان تي اعتماد ڇو ڪريون؟”ان جي جواب ۾ ڀارتي پرڏيهي وزارت جي سيڪريٽري سبي جارج هندستان کي “عظيم ملڪ” ۽ “قديم تهذيب” قرار ڏيندي چيو ته ڪووڊ وبا دوران هندستان ڪيترن ئي ملڪن کي ويڪسين فراهم ڪئي، هيلي چيو ته مان ڄاڻان ٿي ته توهان جي وزيراعظم کي سوال پسند ناهن، پر سوال ڪرڻ منهنجو فرض هو،هن وڌيڪ چيو ته هندستان جي پريس آزادي ۽ انساني حقن بابت صورتحال کي ڏسندي دنيا جي سڀ کان وڏي جمهوريت جي طاقتور ترين شخص کان سوال ڪرڻ ضروري هو۔پريس فريڊم انڊيڪس ۾ ناروي پهرين نمبر تي آهي،