ڪراچي(رپورٽر)ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج، اوڀر جي عدالت لانڍي جي علائقي ۾ شاگردياڻي سان جنسي زيادتي جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار محمد انور کي پندرهن سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، عدالت جوابدار کي متاثر نياڻي جي خاندان کي هڪ ملين رپيا ڏنڊ ادا ڪرڻ جو به حڪم ڏنو آهي. ڏنڊ جي ادائيگي نه ڪرڻ جي صورت ۾ کيس هڪ سال وڌيڪ قيد ڪاٽڻو پوندي. جوابدار مٿان اپريل 2025 ۾ ٻارڙي سان لانڌي نمبر ڇهه واري علائقي زيادتي ڪرڻ جي الزام هيٺ ڪيس داخل ڪيل هو.