ڄامشورو(رپورٽ: راجا انور چانڊيو) ڪوٽڙي جي سائيٽ واري علائقي خداجي بستي ۾ عورت نجمه چانڊيو تي مڙس، ڏير ۽ سهري پاران مبينا تشدد جو انڪشاف ٿيو آهي متاثر عورت نجمه چانڊيو الزام هنيو آهي ته سندس مڙس شعيب چانڊيو، ڏير منظور چانڊيو ۽ سهري غلام شبير چانڊيو مٿس سخت تشدد ڪري هٿ پير ٻڌي تيز ڌار اوزار سان سندس زبان ڪٽي ڇڏي. نجمه چانڊيو کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ڪوٽڙي منتقل ڪيو ويو، جتي سندس علاج جاري آهي،وارثن موجب گهر جي صفائي نه ڪرڻ جي معمولي ڳالهه تان جوابدارن عورت تي بدترين تشدد ڪيو ۽ سندس زبان ڪٽي ڇڏي،وارثن جو چوڻ آهي ته سائيٽ پوليس وٽ شڪايت ڪرڻ باوجود هيل تائين جوابدارن خلاف ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي وئي،متاثر عورت جي وارثن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جو نوٽيس وٺي تشدد ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري نجمه چانڊيو کي انصاف فراهم ڪيو وڃي۔