ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار سانگهڙ ۾ ڇوڪري کي ڪاري قرار ڏئي قتل ڪرڻ ۽ گهوٽڪي جي علائقي عادلپور ۾ ڇوڪري سان مبينا زيادتي جي افسوسناڪ واقعن جو سختي سان نوٽيس وٺندي پوليس عملدارن کي فوري ۽ مؤثر ڪارروائي جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. سنڌ جي گهرو وزير ايس ايس پي سانگهڙ ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کان تفصيلي رپورٽون طلب ڪندي واضح ڪيو ته عورتن خلاف ڏوهه ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيا ويندا ۽ قانون هٿ ۾ وٺندڙن کي انجام تائين پهچايو ويندو. سانگهڙ واقعي جي حوالي سان سنڌ جي گهرو وزير مرڪزي جوابدار جي فوري گرفتاري جي هدايت ڪندي چيو ته انساني جان سان کيڏندڙن سان ڪا به رعايت نه برتي ويندي ۽ واقعي ۾ ملوث سمورن ڪردارن کي بي نقاب ڪري انصاف فراهم ڪيو ويندو. ايس ايس پي سانگهڙ ابتدائي رپورٽ ۾ آگاهه ڪيو ته واقعي جو مقدمو داخل ڪري ورتو ويو آهي جڏهن ته هڪ جوابدار کي گرفتار به ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف گهوٽڪي جي علائقي عادلپور ۾ ڇوڪري سان مبينا زيادتي جي معاملي تي سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيوز کانپوءِ سنڌ جي گهرو وزير سخت نوٽيس وٺندي ملوث جوابدارن خلاف فوري ۽ سخت ڪارروائي جي هدايت جاري ڪئي. ايس ايس پي گهوٽڪي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته واقعي جو ڪيس داخل ڪري هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڊي آءِ جي سکر طرفان جاچ لاءِ ايس ايس پي خيرپور ۽ ايس پي سکر تي مشتمل ڪاميٽي جوڙي وئي آهي. سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو ته اهڙن گهناوڻن واقعن ۾ ملوث عنصرن کي گرفتار ڪري قانون مطابق سخت سزائون ڏياريون وينديون. هن چيو ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ حڪومت سنڌ جي اولين ترجيح آهي ۽ ڪنهن به متاثر خاندان کي انصاف جي فراهمي ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي ويندي.