ارڙهين ترميم خرابي جي ذميوار ناهي،شهباز سرڪار سڌارا نه آندا

اسلام آباد(ڪامران خان) ٢٨هين آئيني ترميم بابت بحث جاري، وفاقي اختيارن، اين ايف سي ۽ ڪراچي جي مسئلن تي سياسي گرما گرمي وڌي وئي،ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر آئيني تبديلين بابت وڏو سياسي ۽ آئيني بحث شدت اختيار ڪري ويو آهي، جنهن کي ٢٨هين آئيني ترميم جو  نالو ڏنو پيو وڃي. مختلف سياسي حلقن، حڪومتي ذميوارن ۽ تجزيي نگارن مطابق هن امڪاني ترميم جو مرڪز وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ اختيارن جي ورڇ، بلدياتي نظام، تعليم، صحت ۽ مالي وسيلن جي ورڇ تي نظرثاني آهي.رپورٽن موجب وفاقي حڪومت ۽ اتحادي ڌريون ان ڳالهه تي غور ڪري رهيون آهن ته موجوده آئيني ڍانچي ۾ ڪجهه تبديليون آنديون وڃن، جن ۾ خاص طور تي قومي مالياتي ڪميشن ايوارڊ، بلدياتي نظام کي آئيني تحفظ ڏيڻ، ملڪ ۾ هڪجهڙي تعليمي پاليسي، ۽ صحت جي نظام بابت وفاق جو ڪردار شامل آهن. ان کانسواءِ ڪجهه تجويزن ۾ صحت جا ڪي شعبا ٻيهر وفاق جي حوالي ڪرڻ جي ڳالهه به سامهون آئي آهي.ذريعن موجب بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي مالي بار کي وفاق ۽ صوبن ۾ ورهائڻ تي به غور ٿي رهيو آهي، جڏهن ته پاڻي ۽ ڪينالن سان لاڳاپيل معاملن تي پڻ حساس بحث جاري آهي، جنهن تي اڳ ۾ سنڌ ۾ احتجاج به ٿي چڪا آهن.بحث جو اهم نڪتو قومي مالياتي ڪميشن ايوارڊ آهي، جنهن تحت وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ وسيلن جي ورڇ طئي ٿيندي آهي. موجوده نظام بابت تنقيد ڪئي پئي وڃي ته وفاق تي مالي دٻاءُ وڌي رهيو آهي، ڇو ته قرضن جي ادائيگي، دفاعي خرچن ۽ ٻين وڏن خرچن کان پوءِ وفاقي بجيٽ تي شديد دٻاءُ اچي ٿو.ٻئي طرف ڪجهه حلقن جو خيال آهي ته صوبن کي ١٨هين آئيني ترميم کان پوءِ جيڪي اختيار مليا آهن، اهي واپس وٺڻ انتهائي حساس ۽ سياسي طور تي مشڪل عمل آهي،پاڪستان پيپلز پارٽي هن امڪاني ترميم تي سخت موقف اختيار ڪيو آهي. پارٽي قيادت جو چوڻ آهي ته اڃا تائين هن معاملي تي کين رسمي طور مشاورت ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي. انهن مطابق جڏهن هڪ ڀيرو اختيار صوبن کي منتقل ٿي وڃن ته انهن کي واپس وٺڻ تقريبن ناممڪن بڻجي وڃي ٿو.حڪومتي ڌريون دعويٰ ڪري رهيون آهن ته جيڪڏهن سڀني سياسي پارٽين ۾ اتفاق راءِ ٿي وڃي ته ترميم بجيٽ کان اڳ به آڻي سگهجي ٿي، ٻي صورت ۾ بحث جاري رهندو.سياسي تجزيي نگارن مطابق هي مسئلو صرف هڪ ترميم جو نه پر پاڪستان جي حڪمراني واري مڪمل ڍانچي سان لاڳاپيل آهي. هڪ تجزيي موجب ١٨هين آئيني ترميم کان پوءِ وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ اختيارن جي ورڇ ۾ عدم توازن پيدا ٿيو آهي، جنهن سبب انتظامي مسئلا وڌيا آهن.ٻئي طرف ڪجهه تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته مسئلو صرف آئيني ترميم نه پر عملدرآمد ۽ حڪمراني جي ڪمزور نظام جو آهي، جنهن کي صرف آئيني تبديلي سان حل نٿو ڪري سگهجي.تعليم، صحت ۽ بلدياتي نظام بابت تجويزن ۾ ملڪ ۾ هڪجهڙي تعليمي نصاب ۽ پاليسي لاڳو ڪرڻ تي زور ڏنو پيو وڃي. ساڳئي وقت بلدياتي ادارن کي وڌيڪ اختيار ڏيڻ ۽ انهن کي آئيني تحفظ ڏيڻ جي به ڳالهه ڪئي پئي وڃي.صحت جي شعبي ۾ به مختلف رايا موجود آهن ته ڪهڙا اختيار صوبن وٽ رهن ۽ ڪهڙا وفاق جي نگراني ۾ هجن.مجموعي طور تي ٢٨هين آئيني ترميم بابت بحث پاڪستان جي سياسي نظام لاءِ هڪ اهم موڙ طور ڏٺو پيو وڃي. ايندڙ ڏينهن ۾ اهو ڏسڻو هوندو ته سياسي جماعتون هن حساس معاملي تي ڪنهن گڏيل اتفاق راءِ تائين پهچن ٿيون يا نه، ڇو ته هي بحث ملڪ جي وفاقي ڍانچي، معاشي پاليسي ۽ انتظامي اختيارن جي مستقبل جو تعين ڪري سگهي ٿوٻئي پاسي اينڪر محمد مالڪ چيو آهي ته پنجاب حڪومت ته مڪاني ادارن کي اختيار منتقل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي،اهي چاهين ٿا ته لاهور ئي سڄي پنجاب کي ڪنٽرول ڪندو رهي،هن چيو ته نظام ايترو خراب آهي ۽ سڄي بگاڙ جو الزام جيڪڏهن 18هين ترميم تي هنيو پيو وڃي ته پوءِ اسان آءِ ايم ايف جي 22 ۽ 23 هين پروگرام طرف ڇو وياسين؟ان جومطلب ته اسٽرڪچرل فالٽ تمام گهڻا آهن،ارڙهين ترميم جي واپسي سان سڀ ٺيڪ ٿي ويندو وارو تاثر به غلط آهي،هن چيو ته 28هين ترميم جي هُل کانپوءِ سياسي سرگرميون به وڌي ويون آهن،سنڌي ماڻهو چئي رهيا آهن ته سنڌ ۾ جي ڊي اي کي سرگرم ڪيو ويو آهي ٻئي پاسي غيرمعمولي تبديلي ڏسڻ ۾ آئي جڏهن ڪي پي جي گورنر پي ٽي آءِ سان هم آواز ٿي صوبي جي حقن جو مطالبو ڪيو،پ پ سوچي رهي آهي ته اسان سان ڪجهه ٿيو ته اسان به گيم کيڏي سگهون ٿا،هن چيو ته شهبازشريف جي ٻنهي حڪومتن کي ملائي چار سال ٿي ويا آهن ان عرصي ۾ بنيادي سڌارا ڪٿي نظر آيا؟هن چيو ته زراعت صوبائي شعبو آهي پر زرعي شين جي درآمد برآمد وفاق طئي ڪري رهيو آهي،پوءِ اهو صوبائي شعبو ڪيئن ٿيو؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.