اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسماعيلي برادري جو روحاني پيشوا شهزادو رحيم آغا خان اسلام آباد پهچي ويو آهي. جنهن جو صدر آصف زرداري گرمجوشي سان استقبال ڪيو. نور خان ايئر بيس تي هٿياربند فوج معزز مهمان کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري، اطلاعات واري وزير عطا تارڙ ۽ سينيٽر سليم مانڊوي والا پڻ ان موقعي تي موجود هئا. ثقافتي لباس ۾ ملبوس ٻارن معزز مهمان کي گل پيش ڪيا. شهزادي رحيم آغا خان نور خان ايئر بيس کان ايوان صدر پهتو جتي ٽنهي هٿياربند فوجن جي هڪ دستي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو. ايوان صدر پهچڻ تي، بلاول ڀٽو زرداري سندس استقبال ڪيو، جڏهن ته شهزادي رحيم آغا خان صدر آصف علي زرداري سان الڳ الڳ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ بلاول ڀٽو زرداري ۽ خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري پڻ شرڪت ڪئي .