ڪراچي(عوامي آواز نيوز)بلاول هائوس واقعي کانپوءِ شاهراهه فيصل تي به وي آءِ پي پروٽوڪول خلاف شهرين جو ميٽر گهمي ويو،ميٽروپول وٽ ڊگهي وقت تائين روڊ بند ڪرڻ تي شهرين هارن وڄائڻ شروع ڪيا ته هڪ ايس ايس يو اهلڪار مٿن هٿيار تاڻي ڌمڪيون ڏنيون جنهن تي شهرين مٿس هوٽنگ شروع ڪري ڇڏي،اهلڪار واپس وڃڻ تي مجبور ٿي ويو،وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي هوڏانهن ڪراچي ۾ ايس ايس يو اهلڪار پاران شهرين کي ڊيڄارڻ، ڌمڪائڻ ۽ گاريون ڏيڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، جنهن تي ڊي آءِ جي سيڪيورٽي ڊاڪٽر مقصود احمد نوٽيس وٺي ڇڏيو.ڊي آءِ جي سيڪيورٽي واقعي جي غيرجانبدارانه انڪوائري جو حڪم جاري ڪيو آهي. هن ڪمانڊنٽ ايس ايس يو کي هدايت ڪئي آهي ته واقعي جي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي.ڊاڪٽر مقصود احمد چيو ته پوليس ۽ عوام جي وچ ۾ باهمي احترام ۽ اعتماد سڀ کان اولين ترجيح آهي. ايس ايس يو نظم و ضبط ۽ پيشيواراڻي اصولن تي مڪمل يقين رکي ٿي۔