اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) اپوزيشن اتحاد تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي مرڪزي اڳواڻ اڳوڻي سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر چيو آهي ته ائين لڳي رهيو آهي ڄڻ سپريم ڪورٽ کي هاڻي اها حيثيت حاصل ناهي جيڪا اڳ هئي، هاڻي اسان جي عدليا جو نظام رڳو قانون واري وزارت سان لاڳاپيل هڪ کاتو بڻجي ويو آهي۔اسلام آباد مان جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته ايمان مزاري ۽ هادي علي جو ڪيس سپريم ڪورٽ وڃڻ کانسواءِ ئي ٻڌڻي لاءِ مقرر ٿيڻ گهرجي ها۔ ائين لڳي رهيو آهي ته ڪيس ٻڌڻي لاءِ لڳرائڻ جي جدوجهد اڃا تائين ختم ناهي ٿي۔هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي هدايت باوجود به اسلام آباد هاءِ ڪورٽ دل نه چاهيندي عمل ڪري رهي آهي۔سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪو ڪيس انتظاميا جي خواهشن جي ابتڙ ٻڌڻي لاءِ مقرر ٿئي ٿو ته ان کي ڄاڻي واڻي ملتوي رکيو وڃي ٿو،