ڊاڪٽر پروفيسر علي مرتضى ڌاريجي جو وڇوڙو

پروفيسر اعجاز احمد قريشي

ڪالهه صبح سان اها افسوسناڪ خبر پئي ته سنڌ جو هڪ بهترين انسان ۽ سائنسدان ڊاڪٽر پروفيسر علي مرتضى ڌاريجو گذر ڪري ويو آهي، وڌيڪ معلومات ڪرڻ تي خبر پئي ته هو ڪجهه عرصي کان عليل هو ۽ علاج ڪرائي رهيو هو. ڊاڪٽر علي مرتضى ڌاريجو سنڌ يونيورسٽي ۾ منهنجو هڪ سٺو دوست هو. ڪجهه استاد يونيورسٽي ۾ جواني کان وٺي سرگرم ۽ چست متحرڪ هئا انهن ۾ ڌاريجو صاحب پڻ هڪ هو. مان يونيورسٽي ۾ 1965ع ۾ داخلا ورتي 70-1969ع ۾ ايم اي اڪانامڪس پاس ڪري 1970ع ۾ ئي يونيورسٽي ۾ نوڪري ۾ گهڙيس. هي دؤر هو جڏهن سنڌ يونيورسٽي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش قاضي، محترم محمد الياس ابڙو، ڊاڪٽر ايم اي قاضي، محترم نبي بخش دائودپوٽو، محترم شفيع محمد ميمڻ، غلام حسين خاصخيلي، محمد ورياماڻيءَ ٻيا ڪيترائي اعلى قسم جا استاد موجود هئا. هي استاد علامه آءِ آءِ قاضي جي دؤر جا استاد هئا، اڳيان هلي ڊاڪٽر محمد صالح قريشي ۽ سيد غلام مصطفى شاهه صاحب جي دؤر ۾ ٻيا به قابل استاد پڻ آيا جن ۾ ڊاڪٽر الله ڏنو ميمڻ، ڊاڪٽر منير قريشي، پروفيسر آصف قاضي ۽ ٻيا شامل هئا، ٿوروئي اڳ ٻيا ناليوارا استاد جن ۾ ڊاڪٽر ايس ايم قريشي، ڊاڪٽر عبدالقادر انصاري، ڊاڪٽر ليلا بانا، پروفيسر خيرالنساء جعفري، ڊاڪٽر رفيعه احمد، ڊاڪٽر مرزا امجد علي بيگ، ڊاڪٽر بشير احمد، ڊاڪٽر مبارڪ علي، ڊاڪٽر فريدالدين شيخ جهڙا اعلى پائي جا استاد شامل ٿيا.

هن ئي دور ۾ آئون پروفيسرڌاريجي ۽ پروفيسر مشتاق ميراڻي، استاد طور يونيورسٽي ۾ شامل ٿياسين، وائيس چانسلر جي حيثيت سان پنهنجي ٻنهي دؤرن ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ سٺا استاد ڀرتي ٿيا. سيد غلام مصطفى شاهه هڪ علم دوست ۽ بهترين منتظم هو هن گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه استادن کي اسڪالرشپون ڏئي ٻاهرين ملڪن ۾ موڪليو جيڪي وري ڊگريون ڪري موٽي آيا. مرتضى ڌاريجو هڪ سٺو، برجستو استاد هو، ٻاهران پڙهي آيو سخت محنت ڪيائين. هو هڪ اورچ انسان هو، هو هڪ محنتي استاد پڻ. 1970ع جي ڏهاڪي جي وچ ڌاري ڪيمسٽري جي استاد سائين ممتاز قاضي جي محنت سان سنڌ سائنس سوسائٽي ٺهي جنهن ۾، ڊاڪٽر ممتاز قاضي، ڊاڪٽر وَڏل شاهه، لعل بخش بوزدار، ڊاڪٽر الهڏنو ميمڻ، ڊاڪٽر منير قريشي، محمد علي مهيسر، پروفيسر مرتضي ڌاريجو اچي گڏ ٿيا ۽ نوجوانن کي سائنس جي تربيت ڏني سنڌ سائنس مئگزين ڪڍيو.

علي مرتضى ڌاريجو ان ڪم ۾ اڳيان هو. ان ڪم لاءِ هن تمام گهڻي تحقيق ڪئي ڪيترائي ڪتاب ۽ سوين مضمون لکيائين نوجوان کي تربيت ڏنائين هو ڪڏهن به ماٺ ڪري نه ويٺو سدائين تحقيق جو ڪم جاري رکيائين. ڊاڪٽر محمد علي مهيسر، ڊاڪٽر ڌاريجي ۽ پروفيسر وڏل شاهه گڏجي سنڌ ۾ سائنس کي مقبول ڪرڻ لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو، ڪيتريون ئي سائنس ڪانفرنسون ڪرايائون، سائنس جي مضمون کي هٿي ڏيارڻ لاءِ وڏو ڪم ڪيائون. هن سڄي ڪم ۾ ڊاڪٽر منير قريشي، ڊاڪٽر محمد علي مهيسر ۽ ڊاڪٽر عيسى دائودپوٽي (ڊاڪٽر دائودپوٽي ۽ آپا خديجه دائوپوٽي جو ننڍو پٽ) پيش پيش هئا. ڊاڪٽر عبدالقادر انصاري جيڪو سنڌ يونيورسٽيءَ جو وي سي رهي چڪو هو گذريل هفتي گذاري ويو کيس به وساري نٿو سگهجي.

علي مرتضى ڌاريجو پاڻ ارپيندڙ انسان ۽ استاد هو. اڄ 20 مئي 2026ع ۾ صبح جو اٿڻ مهل مرتضى ڌريجي صاحب جي وڇوڙي جي ڏک ڀري خبر ملي الله تعالى جي در دعاڳو آهيون ته ڌڻي کيس پنهنجي جواهر رحمت ۾ وٺي ۽ جنت ۾ جايون ڏئيس، آئون سنڌ يونيورسٽيءَ جي هڪ عاليشان استاد، مدبر، محقق ۽ جوان سال وائيس چانسلر جناب ڊاڪٽر فتح مري کي عرض ڪندس ته علي مرتضى ڌارجي جي نالي پويان سندس ئي شعبي ۾ هڪ چيئر قائم ڪري.  مان سائين جن کي هڪ ٻيو به عرض ڪندس ته سنڌ سائنس سوسائٽي کي ٻيهر فعال ڪري ته جيئن سنڌ ۾ سائنس جي ڪم کي وڌائي سگهجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.