هڪ عظيم جدوجهد جو تسلسل

سارنگ ڄام

سنڌ جي سياسي ۽ سماجي تاريخ ۾ جڏهن به مظلوم طبقن جي حقن جي ڳالهه ٿيندي ته باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جو نالو هڪ روشن مناري وانگر سامهون ايندو. اڄ اسان سندس 56 هين ورسي ملهائي رهيا آهيون، هي صرف هڪ ڏينهن ملهائڻ جو نالو ناهي پر ان عهد کي ورجائڻ جو ڏينهن آهي جنهن لاءِ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي پنهنجي اعليٰ سرڪاري عهدي تان استعيفيٰ ڏئي پاڻ کي هارين جي حقن لاءِ وقف ڪيو هو. هن "جيئي سنڌ” جو نعرو ڏئي سنڌ جي پورهيتن کي پنهنجي ڌرتيءَ  ۽ طبقي جي مالڪي ڪرڻ ۽ پنهنجي حقن لاءِ وڙهڻ جو شعور بخشيو.

ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جي شخصيت کي جيڪا ڳالهه پنهنجي همعصر اڳواڻن کان ممتاز ۽ منفرد بڻائي ٿي، اها هئي سندس وڏيرن ۽ جاگيردارن جي خلاف بي باڪ موقف. ان دور ۾، جڏهن سياست تي مڪمل طور تي جاگيردار طبقو قابض هو، ڪامريڊ حيدربخش جتوئي اهو واحد اڳواڻ هو جنهن کليل عام هن ظالماڻي نظام کي سنڌ جي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ قرار ڏنو. هن نه صرف زبان سان پر پنهنجي عمل سان ثابت ڪيو ته اصل طاقت هاري ۽ پورهيت آهن. هن هارين کي "مرد بڻو” جو سبق ڏئي وڏيرن جي اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهائڻ جو حوصلو ڏنو.

باباءِ سنڌ جو ڪردار صرف هارين جي تنظيمن تائين محدود نه هو، پر هن شاگرد سياست تي پڻ گهرا اثر ڇڏيا. هو سمجهندو هو ته جيستائين شعور يافته نوجوان هن جدوجهد ۾ شامل نه ٿيندا، تيستائين انقلابي تبديلي ناممڪن آهي. هن سنڌ جي تعليم يافته نوجوانن ۾ سياسي شعور اجاگر ڪرڻ ۽ هڪ اهڙو سياسي ڪيڊر پيدا ڪرڻ ۾ تاريخي رول ادا ڪيو، جنهن اڳتي هلي سنڌ جي حقن جي تحريڪ کي مضبوط ڪيو. اڄ جيڪي به نظرياتي ڪارڪن نظر اچن ٿا، انهن جي پويان باباءِ سنڌ جي ڪيل تربيت ۽ ڪيڊر سازي واري محنت به شامل آهي.

افسوس ته اڄ جو هاري اڃا تائين ان مڪمل آزاديءَ جي ڳولا ۾ آهي جنهن جو خواب ڪامريڊ ڏٺو هو. حڪومت پاران متعارف ڪرايل "هاري ڪارڊ” زميني سطح تي هڪ محدود  حڪمت عملي ثابت ٿي آهي. اهي رعايتون ۽ سهولتون حقيقي هارين بدران وري به انهيءَ مخصوص بااثر طبقي تائين پهچي رهيون آهن، جنهن خلاف باباءِ سنڌ جنگ جوٽي هئي. اڄ جي مهانگائيءَ جي دور ۾ هاريءَ جي زندگي ڏينهن به ڏينهن بدتر ٿيندي پئي وڃي ۽ عام ماڻهوءَ لاءِ جيئڻ هڪ چيلنج بڻجي ويو آهي.

انهيءَ جدوجهد جي مشعل کي ڪامريڊ حسن ناصر، ڪامريڊ نظير عباسي ۽ ڪامريڊ ڄام ساقي جهڙن سورمن روشن رکيو. ڪامريڊ جام ساقي ۽ سندس وفادار ساٿين جيلن جون سختيون ۽ تشدد ته برداشت ڪيا پر باباءِ سنڌ جي ٻاريل باهه کي وسڻ نه ڏنو. هنن پنهنجي رت سان ثابت ڪيو ته سنڌ جي خوشحالي صرف ۽ صرف طبقاتي فرق جي خاتمي ۽ پورهيتن جي حڪمرانيءَ ۾ آهي.

اڄ 56 هين ورسيءَ جي موقعي تي اسان کي ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جي انهيءَ بي باڪ سياست کي ٻيهر زنده ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسان کي وڏيرڪي ۽ جاگيرداري ذهنيت خلاف متحد ٿيڻو پوندو. رڳو اهڙي منظم جدوجهد، جنهن ۾ نوجوان ۽ هاري گڏ هجن، سنڌ کي اڄوڪي معاشي بدحالي ۽ ظلم مان نجات ڏياري سگهي ٿي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.