انمول پنڪي يا انمول منشيات؟

مظهر عباس

پاڪستان جو اڳوڻو چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري ان وقت جي اينٽي نارڪوٽڪس فورس (ANF) جي سربراھ سان مخاطب هو. منهنجي خوش قسمتي هئي جو مون هيءُ مڪالمو پاڻ ٻڌو. ڪيس غالباً ڪراچي بدامني ڪيس جو هو ۽ ان عروس البلاد (ڪنوار جھڙي) شهر ۾ اسلحو ۽ منشيات سپلاءِ ڪرڻ جو ذڪر هلي رهيو هو. چوڌري صاحب آفيسر کان پڇيو، ”مون ته اوهان کي منشيات جي ڪاروبار ۾ ملوث ماڻهن جي لسٽ ڏيڻ لاءِ چيو هو، اوهان جيڪا لسٽ ڏني آهي اها منشيات استعمال ڪندڙن جي آهي. اصل لسٽ ڪٿي آهي؟“ ان کان پوءِ هن هڪ ڪمال جو جملو چيو، ”هن شهر ۾ ته اسلحو نٿو ٺهي، پوءِ اهو هتي تائين سڀني چيڪ پوسٽن کي پار ڪندي ڪيئن ٿو پهچي؟ اڃا به ڪراچي پورٽ تي اسلحي سان ڀريل هڪ باڪس لاهور جي هڪ ائڊريس جو رکيل آهي، ڪنهن ڪجهه ڪيو؟“ جيڪي ماڻهو چوڌري صاحب جي عدالت کان واقف آهن، انهن کي سندس انداز جي به خبر هوندي. هاڻي مون کي اها خبر ناهي ته اهڙي ڪا لسٽ بعد ۾ جمع ٿي يا نه، پر اڄ ايترن سالن کان پوءِ جڏهن هڪ ’انمول پنڪي‘ جو ڪيس سامهون آيو ته ڪجهه اهڙيون ئي ڪهاڻيون ميڊيا ۾ اچڻ لڳيون آهن، پر اهو سوال اڄ به پنهنجي جاءِ تي موجود آهي ته، ”جيڪڏهن اها وڏن وڏن ماڻهن ۽ سندن ٻارن کي ڪوڪين يا ڪا ٻي منشيات وڪڻندي هئي، ته ان کي سپلاءِ ڪندڙ ۽ ان ڪاروبار جي پٺيان ڪير ڪير آهي؟“ هڪ ڳالهه جو يقين رکو، اها بري ٿي وڃي يا کيس سزا ٿئي، ’منشيات‘ جون پاڙون تمام گهڻيون اونهيون آهن ۽ ان جا هٿ به قانون جي هٿن کان وڏا آهن. ٿوري تحقيق ڪندئو ته اندازو ٿيندو ته اسان جي سياست ۾ ’پئسو‘ ڪيئن آيو ۽ اها ’دولت زده‘ ڪيئن ٿي.

پهرين افغان جنگ کان پوءِ ملڪ ۾ صرف دهشتگردي ۽ انتهاپسندي ئي پاڙون نه پڪڙيون، بلڪه منشيات سڀ کان وڏي ڪاروبار جي جڳهه وٺي ڇڏي، جنهن جي هڪ وڏي مارڪيٽ عروس البلاد ڪراچي بڻيو. ان جنگ دوران ئي هڪ آمريڪي رسالي هڪ رپورٽ شايع ڪئي، جنهن ۾ منشيات جي ڪاروبار سان تعلق رکندڙ انهن آفيسرن جا نالا به شامل هئا ۽ سندن راتو رات امير بڻجڻ جا تفصيل به هئا. ان دور ۾ اڳوڻي فاٽا (FATA) جي اثر رسوخ وارن ماڻهن جا نالا به سامهون آيا ۽ ايئن منشيات جو ڪاروبار اسان جي سياست ۾ به داخل ٿي ويو، هتي تائين جو ڳالهه اعليٰ ايوانن تائين پهچي وئي.’خيبر کان ڪراچي‘ تائين سڀ اسلحو ۽ منشيات جي لپيٽ ۾ اچي ويا. ڳالهه وزيراعظم جي خلاف بي اعتمادي جي تحريڪ دوران پئسي جي بي دريغ استعمال جي هجي يا اسان جي سياست جي انداز ۾ رات پيٽ ۾ امير زادو بڻجي وڃڻ جي.a

مون کي اڄ به ياد آهي ته مان ڪراچي جي هڪ انگريزي رسالي ’نيوز لائن‘ جي ڪور اسٽوري ڪندڙ ٽيم جو حصو هئس ۽ مون سينٽرل جيل ڪراچي ۾ قيد مشهورِ زمانه ’بليڪ پرنس‘ جو انٽرويو ۽ ان تي اسٽوري ڪئي هئي، جنهن جو ٽائيٽل ’نارڪو پاور‘ هو. جتي تائين مون کي ياد آهي ته ان پوري ڪور اسٽوري کي ’سائوث ايشيا ايوارڊ‘ به مليو هو، جنهن ۾ اسان جا ۽ ڪيترن ئي ٻين ساٿين جا آرٽيڪل به شامل هئا. بعد ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون انڊر ورلڊ ڊان شعيب خان جون به اچڻ شروع ٿيون، جنهن کي ڪراچي جو ڪنگ (بادشاهه) به چيو ويندو هو. ڪرڪيٽ جي ميچ فڪسنگ ۾ به منشيات جو عمل دخل شروع ٿيو، هڪ ڀيرو ته اسان جي ٽن نامور ڪرڪيٽرن کي غالباً ويسٽ انڊيز جي دوري دوران منشيات استعمال ڪندي پڪڙيو به ويو هو. پوءِ سياست ئي ڇا، ڪرڪيٽ به منشيات زده ٿي وئي ۽ پئسي جي اهڙي ريل پيل ٿي جو ڪيترائي ڪرڪيٽر ارب پتي بڻجي ويا.

هڪ اهڙو وقت به آيو جڏهن هڪ انگريزي اخبار جي مالڪ رحمت شاهه آفريڊي تي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي دور ۾ سندس گاڏي مان منشيات هٿ اچڻ جي الزام ۾ ڪيس هليو ۽ کيس موت جي سزا ٻڌائي وئي، بعد ۾ اها سزا عمر قيد ۾ تبديل ڪئي وئي. تقريبن نو سال جيل ۾ رهڻ کان پوءِ 1999ع ۾ جڏهن هو آزاد ٿيو ته مون هڪ نجي چينل لاءِ سندس انٽرويو ڪيو، جنهن ۾ هن نواز شريف تي الزام لڳايو ته هن کيس، اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو شهيد ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي منشيات جي بين الاقوامي نيٽ ورڪ سان جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. هن ان انٽرويو ۾ ان وقت جي اينٽي نارڪوٽڪس فورس جي سربراهه سميت ڪيترن ئي آفيسرن جا نالا به کنيا ۽ پنهنجو ڪيس ٻيهر کولڻ جو مطالبو به ڪيو، پر اهو فائل ٻيهر نه کليو. هو هاڻي هن دنيا ۾ ناهي رهيو، پر ان کان پوءِ به ڪيترن ئي اعليٰ اختيارين ۽ سياستدانن تي منشيات جي ڪاروبار ۾ ملوث هجڻ جا الزام لڳندا رهيا ۽ ڪيس به داخل ٿيا؛ اهي صحيح هئا يا غلط، ڪجهه چئي نٿو سگهجي، پر جڏهن کان ’ڊرگ مَني‘ اسان جي قومي سياست ۽ معاشري ۾ آئي آهي، ماڻهن جي  رات پيٽ ۾ امير ٿيڻ جون ڪهاڻيون عام آهن. تنهنڪري يقين رکو، جيڪڏهن انمول پنڪي ڪجهه نالا کڻي به ورتا ته کين ڪجهه به نه ٿيندو، البت خود پنڪي بابت ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ هوندو.

70 جي ڏهاڪي تائين شايد ڪنهن کي سهراب ڳوٺ جي خبر به نه هجي، پر سپر هاءِ وي جتان شروع ۽ جتي ختم ٿئي ٿو، ڪراچي کان وڃڻ ۽ پهچڻ تائين اهو 80 جي ڏهاڪي ۾ اسلحو ۽ منشيات جو سڀ کان وڏو اڏو بڻجي ويو، جتان ڪراچي ۾ ان جي سپلاءِ شروع ٿي ۽ پوءِ شهر رت ۾ وهنجي ويو. 1986ع ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد غوث علي شاهه هڪ وڏي آپريشن جو حڪم ڏنو ۽ پوءِ اوچتو ان کي روڪيو ويو. بعد ۾ منهنجي هڪ انٽرويو ۾ هن انڪشاف ڪيو ته کيس ”مٿان کان حڪم مليو هو ته ان کي روڪي ڇڏيو، رتوڇاڻ ٿي ويندي“.

هاڻي سياست ۾ ۽ وڏي راند ۾ انڊر ورلڊ به داخل ٿي چڪي هئي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي وڏن وڏن ماڻهن جا نالا سامهون اچڻ لڳا. ڳالهه انسانن کي غير قانوني طور لکين ماڻهن کي ٻاهر موڪلڻ سان شروع ٿي. هڪ اهڙي رپورٽ ۾ ان وقت جي ڪجهه FIA آفيسرن جا نالا آيا، ڪجهه سياست ۾ آيا ۽ وڏن سياسي ۽ حڪومتي عهدن تي به رهيا. تنهنڪري ڪهاڻي ايان علي جي هجي، جنهن تي الائي ڪهڙا ڪهڙا الزام لڳا، پوءِ اوچتو اها باعزت ’رخصت‘ ٿي وئي ۽ هاڻي ٻاهر (ملڪ کان ٻاهر) آهي. ميڊيا لاءِ هاڻي ’انمول پنڪي‘ آهي. وقت ٻڌائيندو ته اها ڪيتري ’انمول‘ آهي، پر منشيات جو ڪاروبار هلندو رهندو، مطمئن رهو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.