متاثر يا مددگار؟ اکين ڏٺي ظلمن جي رازدار ناديا مارسنڪو!

دنيا ۾ نئين بحث جي شروعات ٿي سگهي ٿي، ان بحث جو موضوع اهڙو منجهيل ڪردار ٿي سگهي ٿو جيڪو هن وقت تائين لڪل راز ئي آهي ۽ جيڪڏهن ائين ٿيو ته ظلم جي داستانن جا اهڙا بابت کُلندا جيڪي اڄ تائين ناهن کُليا.

جيفري ايپسٽين جو نالو ٻڌڻ سان ئي دنيا جو ڌيان جنسي استحصال ۽ طاقت جي غلط استعمال تي مرڪوز ٿي وڃي. جڏهن 2008 ۾ ايپسٽين کي نوجوان ڇوڪرين سان جنسي تعلق قائم ڪرڻ لاءِ قائل ڪرڻ جي الزام ۾ سزا ملي، ته گڏوگڏ ڪجهه نامعلوم ڪردار پڻ سامهون آيا، جن مان هڪ ناديا مارسنڪو به هئي.

ناديا مارسنڪو، سلوواڪيا جي هڪ خوشحال ۽ باعزت خاندان ۾ پيدا ٿيل، ايپسٽين جي زندگي ۾ گھڻن سالن لاءِ اهم حصو بڻجي ويئي. هوءَ گيلين ميڪسويل کان پوءِ ايپسٽين جي سڀ کان اهم معاونن مان هئي ۽ انکانپوءِ ۾ هن جي ذاتي جهازن تي پائلٽ پڻ رهي.

ناديا مارسنڪو 2003 ۾ ايپسٽين سان پهريون ڀيرو نيو يارڪ ۾ ملي، جڏهن هوءَ عالمي ماڊلنگ لاءِ آمريڪا آئي هئي. برونيل، جيڪو ايپسٽين جو دوست ۽ ماڊلنگ ايجنسي جو هلائيندڙ هو، هن ملاقات ۾ ڪردار ادا ڪيو. جڏهن مارسنڪو ايپسٽين جي پام بيچ گهر پهتي، تڏهن هوءَ 18 سالن جي نوجوان ڇوڪري هئي ۽ ايپسٽين 50 جي عمر ۾، 32 سالن جي فرق سان هو ۽ ٻئي پاڻ ۾ لاڳاپيل ٿيا.

لاڳاپن جي شروع کان ئي ايپسٽين جو ناديا تي ڪنٽرول ڪندڙ رويو رهيو، جسماني تشدد، ذهني دٻاءُ ۽ هر پهلو ۾ نگراني. ناديا مارسنڪو پاڻ به ٻڌائي ٿي ته ايپسٽين ان جي وزن، لباس ۽ جسماني سرجري تي به ڪنٽرول رکي ٿو.

2008 ۾ جڏهن ايپسٽين کي جيل ۾ پهريون ڀيرو موڪليو ويو، ناديا مارسنڪو جيل ۾ هن سان گهٽ ۾ گهٽ 67 ڀيرا ملاقات لاءِ آئي. انهن ملاقاتن دوران، هن جي موجودگي ۽ رويي مان ظاهر ٿيو ته هوءَ ايپسٽين جي زندگي ۾ هڪ اهم حامي ۽ ساٿي جي طور تي رهي ٿي، پر ساڳئي وقت خوف ۽ مجبورين تحت هوءَ متاثر پڻ هئي.

انهن ملاقاتن جي ذريعي، ناديا ۽ ايپسٽين جي وچ ۾ تعلق وڌيڪ منجهيل ٿي ويو، جذباتي وابستگي، اثر رسوخ ۽ ڪنٽرول جو ميلاپ، جنهن ۾ ناديا پاڻ کي ڪڏهن ڪڏهن محدود ۽ مجبور محسوس ڪندي هئي، پر ساڳئي وقت ڪجهه عملن ۾ حصو وٺندي رهي.

مارسنڪو کي 2008 جي پلِي بارگين ۾ ايپسٽين جي ”ڏوهه جي شڪي ڀائيوار “ طور نامزد ڪيو ويو، پر ان معاهدي تحت هن کي قانوني ڪارروائي کان استثنا ڏني وئي. باوجود ان جي، مٿس ڪڏهن به ڪو ڏوهه ثابت نه ٿيو ۽ هوءَ پاڻ کي متاثر ٿيل فرد قرار ڏئي ٿي. پر ڪجهه متاثر ٿيندڙ ڇوڪرين جي گواهي موجب، هن ڪيترائي ڀيرا ايپسٽين جي ڪرمنل سرگرمين ۾ مددگار رهي آهي.

ايپسٽين سان گڏ گذاريل سالن ۾ ناديا ۽ هو ڪيترين ئي اي ميلن ذريعي پنهنجي رشتي کي ترتيب ڏيندا رهيا. انهن اي ميلن مان ظاهر ٿيو ته ٻنهي کي ڪڏهن ڪڏهن جذباتي وابستگي هئي، پر ساڳئي وقت ايپسٽين جو ڪنٽرول برقرار رهيو.

2006 ۾ مارسنڪو ايپسٽين کي اي ميل ڪندي چيائين ته هوءَ ان تعلق ۾ خوش نه آهي پر مجبور آهي، ڇاڪاڻ ته ان جي آزادي ۽ سلامتي خطري ۾ هئي. ايپسٽين کيس ٻين ڇوڪرين کي وٽس آڻڻ ۽ انهن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي اميد رکندو هو، جيڪو مارسنڪو کي اخلاقي طور پريشان ڪندو رهيو.

مارسنڪو جو ڪردار هڪ منجهيل تجزيو پيش ڪري ٿو.

جسماني ۽ ذهني تشدد، ڪنٽرول، ۽ خوف جي تحت زندگي گذارڻ جي ڪري هوءَ هڪ متاثر ڇوڪري هئي.

جڏهن ته ٻين ڇوڪرين کي ايپسٽين جي خواهشن لاءِ پيش ڪرڻ ۾ حصو وٺڻ جي ڪري هوءَ مددگار پڻ رهي.

انساني سمگلنگ ۽ اثر رسوخ جي مطالعي واري پروفيسر بريجٽ ڪار موجب، متاثر ٿيل شخص کي مددگار قرار ڏيڻ جو فيصلو ڏکيو آهي، ڇو ته اهو ڏسڻو پوي ٿو ته ڇا فرد ڪنهن وقت ڏوهه جي ڪنٽرول کان ٻاهر رهيو يا نه.

ناديا پاڻ پنهنجي ايميلز ۾ لکي ٿي ته:

”مان توهان سان نه ٿي رهڻ چاهيان، پر اهو ڏسي مون کي ڏک ٿيندو آهي ته توهان ٻين ڇوڪرين کي متاثر ڪري رهيا آهيو ۽ انهن کي نقصان پهچائي رهيا آهيو. مون کي خبر آهي ته انهن سان ڇا ٿيندو، ۽ منهنجو ضمير پريشان آهي“.

جيڪا ڳالهه ظاهر ڪري ٿي ته هوءَ پاڻ به اندر ئي اندر پنهنجي عمل جي نتيجن کان پريشان رهندي هئي.

ايپسٽين جي موت کانپوءِ، ناديا مارسنڪو عوامي منظر کان غائب رهي، پر 2018 ۾ هن FBI سان سهڪار شروع ڪيو، جنهن کانپوءِ هن جي ويزا ۾ واڌ ڪئي وئي. هن وقت هوءَ پنهنجو وقت بحالي ۽ ذهني صحت لاءِ گذاري ڪري رهي آهي.

هاڻي سوال اهو اڀري ٿو ته ڇا متاثر ٿيل شخص کي ڪنهن حد تائين ڏوهه جو شريڪدار قرار ڏئي سگهجي ٿو؟ قانون ۽ سماج ٻئي هن منجهيل سوال کي سمجهڻ لاءِ بحث ۾ آهن، جتي ناديا مارسنڪو جو ڪيس هڪ اهم مثال بڻجي ٿو.

ساڳئي جاءِ تي جيفري سان گهڻو وقت گذاريندڙ ۽ وڏو عرصو لڳل رهندڙ ڪردار جو منظر تي اچڻ يقينن نئين موضوعن کي کولي سگهي ٿو، ٿي سگهي ٿو ته ايندڙ وقت ۾ هوءَ قانوني ۽ سماجي سطح تي سوالن جو محور بڻجي وڃي ۽ اثر رسوخ، طاقت، ۽ متاثر ٿيلن جي ذميواري تي وري بحث ٿئي.

هتي اها به ڳالهه به تمام اهم آهي ته جيڪڏهن هوءَ پنهنجا تجربا ۽ ڏٺل ظلم بيان ڪري ٿي ته اهڙو عمل ٻين متاثر ٿيل ڇوڪرين کي مدد ۽ تحفظ فراهم ٿي سگهي ٿو ان سان گڏ گهڻو ۽ تمام ويجهو وقت گذارڻ جي ڪري وٽس موجود ڄاڻ ايپسٽين جي لاڳاپن جا تفصيل دنيا اڳيان نواز راز سامهون آڻڻ جو سبب بڻجي سگهن ٿا جيڪي اڳ منظر عام تي نه آيا هجن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.