اسلام آباد: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ايران کي ڌمڪي عالمي مارڪيٽن کي لوڏي ڇڏيو ۽ تيل جون قيمتون 111 ڊالر کان وڌي ويون. تفصيلن موجب، عالمي مارڪيٽن ۾ ڪاروباري هفتو انتهائي غير يقيني صورتحال ۽ خوف جي ماحول ۾ شروع ٿيو، ڇاڪاڻ ته خام تيل جون قيمتون 111 ڊالر في بيرل کان وڌي ويون. تيل جي قيمتن ۾ واڌ سبب اسٽاڪ مارڪيٽون ڪريش ٿي ويون، وڏين معيشتن ۾ افراط زر جو خوف وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويو، جڏهن ته سيڙپڪارن وڏي انگ ۾ شيئر وڪڻڻ شروع ڪيا. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته ايران وٽ ڊيل تي پهچڻ لاءِ ‘محدود وقت’ آهي ڇاڪاڻ ته آمريڪا ‘ان کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ نٿو ڏئي سگهي.اڱاري تي واشنگٽن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي، صدر ٽرمپ خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ڊيل نه ٿي ته آمريڪا ايران تي ٻيهر حملو ڪري سگهي ٿو. اهو ياد رکڻ گهرجي ته صدر ٽرمپ ڪالهه چيو هو ته هن اڱاري تي ايران تي حملو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پر هن سعودي عرب، گڏيل عرب امارات ۽ قطر جي اڳواڻن جي درخواست تي ان کي ملتوي ڪيو.