تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان طرفان مهانگائي خلاف ملڪ گير احتجاج جو اعلان

اسلام آباد(بيورو+عوامي آواز نيوز) آئين جي تحفظ واري تحريڪ مهانگائي، پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ، مبينا لاقانونيت ۽ سياسي قيدين جي آزاديءَ جي مطالبن جي حق ۾ ملڪ گير احتجاج جو اعلان ڪيو آهي.هي فيصلو محمود خان اچڪزئي جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ باقاعده اعلاميو به جاري ڪيو ويو.اعلاميي موجب اجلاس ۾ ملڪ جي موجوده سياسي ۽ معاشي صورتحال تي تفصيلي غور ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن چيو ته وڌندڙ مهانگائي ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ مسلسل واڌ عام ماڻهن لاءِ سخت مشڪلاتون پيدا ڪري رهيون آهن.تحريڪ جو چوڻ آهي ته موجوده حالتن ۾  عوام کي رليف ڏيڻ بدران مٿن وڌيڪ معاشي بار وڌايو پيو وڃي، جنهن سبب زندگي وڌيڪ ڏکي ٿي وئي آهي.اعلاميي ۾ سياسي قيدين جي آزاديءَ جو به مطالبو ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته مبينا لاقانونيت جي خاتمي ۽ آئين ۽ جمهوري اصولن جي بحالي بنا صورتحال بهتر نٿي ٿي سگهي.اعلان موجب جمعي واري ڏينهن ملڪ جي سمورن ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. تحريڪ جي قيادت واضح ڪيو آهي ته آئين، جمهوريت ۽ عوامي حقن لاءِ جدوجهد هر سطح تي جاري رهندي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.