28 هين ترميم حقيقت يا اجايا افواهه؟

اسلام آباد(حسنات ملڪ)هن وقت سياسي حلقن ۾ 28 هين آئيني ترميم بابت گهڻي بحث هلي رهيو آهي، پر سرڪاري ۽ لاڳاپيل ذريعن جو چوڻ آهي ته في الحال اهڙي ڪنهن به ترميم جو ڪو حتمي منصوبو موجود ناهي.رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت،  خاص طور بلاول ڀٽو زرداري سان لاڳاپيل حلقا به اهو واضح ڪن ٿا ته اڃا تائين اهڙي ڪنهن ترميم بابت کين باضابطه طور ڪا ڳالهه ٻولهه يا مسودو شيئر نه ڪيو ويو آهي.حڪومتي ذريعن مطابق به هن وقت 28 هين آئيني ترميم بابت ڪو حتمي پلان ناهي، ۽ جيڪي به ڳالهيون هلي رهيون آهن اهي صرف قياس آرائيون آهن.جيڪڏهن اهڙي ڪا ترميم آئي به ته ان جو بنيادي مقصد مالي معاملن سان جڙيل هوندو. خاص طور تي ارڙهين ترميم کانپوءِ وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ وسيلن جي ورڇ تي بحث جاري آهي.ذريعن موجب ڪجهه تجويزن تي غور ٿي رهيو آهي، جن ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي فنڊنگ کي سماجي تحفظ جي مختلف نظامن سان ڳنڍڻ ۽ ڪسٽم ڊيوٽي مان حاصل ٿيندڙ آمدني جي ورڇ بابت نوان طريقا شامل آهن.اندازو لڳايو پيو وڃي ته اهڙين تجويزن سان ساليانو وڏو مالي وهڪرو، جيڪو لڳ ڀڳ هزارين ارب روپين تائين ٿي سگهي ٿو، وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ ٻيهر ترتيب ڏئي سگهجي ٿو.رپورٽ موجب پيپلز پارٽي اهڙي ڪنهن به تبديلي تي راضي ٿيڻ لاءِ تيار نظر نٿي اچي، خاص طور تي جڏهن ڳالهه صوبن جي مالي اختيارن ۾ گهٽتائي سان جڙي ٿي.ٻئي پاسي مسلم ليگ (ن) ۽ ٻين صوبائي جماعتن جو به موقف آهي ته في الحال اهڙي آئيني تبديلي لاءِ مڪمل اتفاق راءِ موجود ناهي، تنهنڪري ترميم جو امڪان گهٽ نظر اچي ٿو.جڏهن ته ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال کي به بحث هيٺ آندو ويو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هن وقت اپوزيشن ڪمزور آهي ۽ حڪومتي اتحاد کي مضبوط ادارتي حمايت حاصل آهي.تنقيد ڪندڙن موجب حڪومت دعوائن جي باوجود معاشي حالتن ۾ نمايان بهتري آڻڻ ۾ ناڪام نظر اچي ٿي، جڏهن ته مهانگائي ۽ ٽيڪسن جو بار عوام تي برقرار آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.