ڪراچي(عوامي آواز نيوز) جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته آئين ۽ جمهوريت کي بي معنيٰ بڻائڻ جون ڪوششون ملڪ لاءِ خطرناڪ آهن۔ڪراچي ۾ ملاقات لاءِ آيل پيپلز پارٽي جي وفد سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته پارليامينٽ کي مضبوط ۽ عوامي راءِ جو حقيقي ترجمان بڻائڻو پوندو،هن چيو ته سياسي قوتن کي آئين، پارليامينٽ ۽ جمهوريت جي تحفظ لاءِ متحد ٿيڻ گهرجي۔ڳالهه ٻولهه دوران پيپلز پارٽي جي اڳواڻن طرفان بلاول ڀٽو جي پاران مولانا فضل الرحمان کي گلن جو گلدستو پيش ڪيو ويو،پ پ جي وفد ۾ سينئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ،ناصر شاهه،جميل سومرو،امداد پتافي ۽ سهراب سرڪي شامل هئا،ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي امداد پتافي چيو ته مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ۾ ملڪ کي اڳتي کڻي هلڻ لاءِ ڳالهيون ٿيون،مولانا سان اسان جو پراڻو تعلق آهي،ملاقات ۾ سياسي ڳالهيون ٿيون آهن،جميل سومرو چيو ته جي يو آءِ ڪشمير ۽ گلگت ۾ اسان جي اتحادي آهي،مولانا جو آصف علي زرداري سان پراڻو رشتو آهي،ايم پي اي سهراب سرڪي چيو ته جي يو آءِ پراڻن ماڻهن بدران وڏيرن کي ٽڪيٽون ڏنيون پوءِ به هارائي ويا،