پ پ لاءِ سنڌ ۾ حڪمراني بهتر بڻائڻ اڻٽر

لاهور( سجاد انور ) هن وقت 28هين ترميم جو جيڪو گوڙ آهي، ان جي پهرين مرحلي ۾ لڳي ٿو ته پيپلز پارٽي مضبوط پوزيشن ۾ آهي، جڏهن ته اسٽيبلشمينٽ کي بظاهر سياسي طور ناڪامي نظر اچي رهي آهي.اسٽيبلشمينٽ چاهي ٿي ته اها ترميم بجيٽ کان اڳ منظور ڪرائي وڃي، پر موجوده پارلياماني صورتحال ۾ پيپلز پارٽي هڪ اهم سياسي قوت طور موجود آهي.تجزيه نگار موجب هاڻي ٻه امڪاني رستا ڳالهه هيٺ آهن:مارشل لا لڳايو وڃي وچ واري مدي (مڊ ٽرم) واريون چونڊون ڪرايون وڃن مارشل لا “آسان آپشن” لڳي ٿو، پر عملي طور اهو گهڻو ڏکيو ٿي چڪو آهي، ڇو ته اڳ ۾ به ڪيترائي آرمي چيف اهڙو قدم نٿا کڻي سگهيا.پاڪستان ۾ ماضي ۾ به مارشل لا لڳا، پر انهن جا نتيجا ڪامياب نه رهيا. فوجي حڪومتون ڊگهي مدي تائين پنهنجا ايجنڊا مڪمل  نه ڪري سگهيون.تجزيه نگارن چيو ته اسٽيبلشمينٽ وٽ طاقت ته آهي، پر اها “مڪمل يا لامحدود طاقت” ناهي. هو هر سياسي نظام کي پنهنجي مرضي موجب مڪمل طور تبديل نٿا ڪري سگهن.هن چيو ته جيڪڏهن 18هين ترميم کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سنڌ سميت سڀئي صوبائي قوتون مزاحمت ڪنديون. سنڌ جو عوام 18هين ترميم جي پويان بيٺل آهي.ماضي ۾ ڪالاباغ ڊيم تي به سنڌ ۾ اتفاق پيدا نه ٿي سگهيو، باوجود ان جي ته صدر مشرف پاڻ به ڪوششون ڪيون.مارشل لا سان معاشي مسئلا حل نٿا ٿين، ڇاڪاڻ⁠ ته  معيشت اڳ ئي ڏکئي حالتن ۾ آهي. پيٽرول، ڊيزل ۽ مهانگائي عوام لاءِ وڏو مسئلو بڻيل آهن.ڪيترائي سرڪاري ادارا نجڪاري يا پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ڏانهن وڃي رهيا آهن، جنهن ۾ پي آءِ اي  سميت درجنين ادارا شامل آهن. مجموعي طور 300 کان وڌيڪ ادارن مان لڳ ڀڳ 251 کي نجڪاري جي فهرست ۾ رکيو ويو آهي.تجزيه نگارن چيو ته نواز شريف به موجوده معاشي صورتحال مان خوش نظر نٿو اچي ۽ هن پنهنجي پارٽي کي عوام سان رابطي ۾ رهڻ جو حڪم ڏنو آهي جڏهن ته پي ٽي آءِ جا ڪجهه وڪيل اڳ ۾ اسٽيبلشمينٽ جي ويجهو هئا، پر هاڻي سياسي حالتون تبديل ٿي چڪيون آهن،جڏهن ته ڪراچي ۾ گورننس جا مسئلا آهن،اتي انفرااسٽرڪچر تباهه لڳو پيو آهي،سرڪاري کاتن ۾ ڪرپشن وڌي وئي آهي،سنڌ ۾ هڪ ڳجهي ايجنسي جو نئون ڪمانڊر به اچي ويو آهي،اهو بي ضابطگين کي ڏسي رهيو آهي،ٿي سگهي ٿو ته پ پ کي سنڌ ۾ ڪجهه وزيرن جي قرباني ڏيڻي پوي،ڪجهه تبديليون ڪرڻيون پون،سنڌ ۾ پ پ کي حڪمراني بهتر بڻائڻي پوندي، ڪراچي هڪ اهڙو شهر آهي جنهن کي پ پ شو ڪيس طور پيش ڪري سگهي ٿي جيئن مسلم ليگ نواز لاهور کي ٺاهي ڏيکاريو آهي،پ پ جو سڀ کان وڏو فالٽ اهو آهي ته سنڌ ۾ ان جي طرز حڪمراني ۾ ڦڙتي ناهي،سنڌ ۾ ڪرپشن ۾ ملوث ۽ ترقياتي ڪمن ۾ رڪاوٽ بڻيل ڪجهه اڳواڻ ادارن جي ريڊار تي اچي ويا آهن،پ پ انهن وزيرن يا اڳواڻن کي پاڻ هٽائي ته بهتر آهي،ادارن جي چوڻ تي پ پ ائين ڪيو ته پارٽي جي ساک متاثر ٿيندي،ٻئي پاسي مسلم ليگ ن جي ڪم ڪرڻ جي اسپيڊ پ پ جي ڀيٽ ۾ گهڻي بهتر آهي،سائفر معاملي تي تجزئي نگارن جو چوڻ آهي  ته ٻنهي طرفن ان معاملي کي پنهنجي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو.آمريڪي سفارتڪار جو خط هڪ سفارتي معاملو هو پي ٽي آءِ ان کي سياسي ايجنڊا طور استعمال ڪيو حڪومت ان کي غلط تشريح قرار ڏنو سائفر اصل ۾ هڪ سفارتي ميسيج هو، پر ان کي سياسي طور “سازش” جي رنگ ۾ پيش ڪيو ويو.تجزيه نگار موجب پاڪستان ۾ اصل طاقت جو ڍانچو اڃا به اسٽيبلشمينٽ جي هٿ ۾ آهي، ۽ سياسي پارٽيون ان حقيقت کي نظرانداز ڪري مڪمل تبديلي نٿيون آڻي سگهن.جيڪو به هن “پاور اسٽرڪچر” سان ٽڪرائيندو، آخرڪار کيس حقيقتن کي قبول ڪرڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.