وارهه (ن ع آ) وارهه ڀرسان عدالت ۾ پيشي تي ويندڙ چڱو مڙس قتل، پلاند ۾ عورت به مارجي وئي، چڱي مڙس جي پلاند ۾ ڳوٺ غازي مرکنڊ تي حملي ۾ عورت ڀنڀي چانڊيو مارجي وئي، وارھ ۾ مارفاڻي چانڊيا برادري جي اميراڻي پاڙي ۾ هلندڙ تڪرا ٻيهر تيز ٿي ويو، سال اڳ ڳوٺ غازي خان مرکنڊ ۾ فصل ۾ ڪم ڪندي قتل ٿيل نوجوان نواب چانڊيو جي قتل کان پوءِ اميراڻي پاڙي ۾ ڇڪتاڻ نه گهٽجي سگهي، ڪالهه صبح سوير ٻڌڻي تي ويندڙ شاهن اميراڻي مٿان وارهه ڪاليج وٽ هٿيار بندن طرفان حملو ڪيو ويو، موقعي تي ئي شاهن اميراڻي قتل ٿي ويو، اهڙي خبر باهه جيان پکڙجڻ سبب الزام هيٺ آيل ڌر جي گهرن مٿان به هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت ڀنڀل زال خميسو چانڊيو قتل ٿي وئي جڏهن ته فائرنگ ۾ اختيار ڌيءُ محمد حسن، ظاهر ولد خادم حسين، ممتاز ولد خادم پڻ زخمي ٿي پيا، پوليس پهري هيٺ مقتول عورت جو لاش وارھ اسپتال ۾ آندو ويو جتان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو ،جڏهن ته زخمين کي پڻ فرسٽ ايڊ ڏني وئي، ٻي طرف ڌرين جي وارثن هڪ ٻئي مٿان چڙهائي ۽ فائرنگ جي ترديد ڪندي چيو ته اسان جو قتلن فائرنگ سان ڪو تعلق ناهي، علائقي جي چو ٻول هلي رهيا هئا ته ڌرين ۾ پراڻو تڪرار اڀريل هو، ٻي طرف پوليس جي نفري پهچي علائقي جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو، جڏهن ته آخري اطلاعن تائين ڪو به ڪيس وغيرا داخل نه ٿي سگهيو جنهن ڪري ڪابه گرفتاري وغيره نه ٿي سگهي.