مظفر ڳڙهه (م ڊ) مظفر ڳڙهه ۾ ڏير ڀاڄائي مٿان پيٽرول هاري باهه ڏئي ساڙي ماري ڇڏيو، تعلقي جتوئي ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو جتي هڪ عورت کي سندس ڏير مبينا طور پيٽرول هاري باهه ڏئي ڇڏي، پوليس ترجمان موجب واقعي ۾ متاثر عورت 80 سيڪڙو کان وڌيڪ سڙي وئي هئي ۽ کيس نشتر اسپتال ملتان منتقل ڪيو ويو، جتي هوءَ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي، پوليس جو چوڻ آهي ته عورت جي ڏير کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته واقعي جو ڪيس 3 ڄڻن خلاف داخل ڪيو ويو، رپورٽ موجب مقتول عورت جي شادي 5 مهينا اڳ ٿي هئي ۽ سندس مڙس سيالڪوٽ ۾ نوڪري ڪندو هو، پوليس موجب ابتدائي جاچ ۾ اهو سامهون آيو آهي ته واقعي کان اڳ گهرو تڪرار هلندڙ هو، اختيارين موجب واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.