ڪراچي (رپورٽر ) روزاني عوامي آواز جو رپورٽر، صحافي ،ليکڪ، ڪراچي يونين آف جرنلسٽ ۽ ڪراچي پريس ڪلب جي گورننگ باڊي جو اڳوڻو ميمبر ۽ ڪراچي شهر جو عاشق جيري جي بيماري سان وڙهندي وڙهندي ڪمزور ٿي 4 ڏينهن کان بستري تي پئجي ويو آهي، هن جا پير ۽ ڄنگهون سجي ويون هيون، هو ڪمزوري سبب هلڻ جي تڪليف سبب بار بار رستن تي ڪري پوندو هو، ايس آئي يو ٽي ۾ ٿيل رت جي ٽيسٽن ۽ جيري جي الٽرا سائونڊ مان خبر پئي ته هن جو جيرو گهڻو متاثر ٿي چڪو آهي ۽ ان رت ٺاهڻ ۽ ٻيا جسماني طاقت جا ڪم ڍرا ڪري ڇڏيا آهن، جنهن ڪري منهن ۽ جسم ڪافي ڪمزور ٿي چڪو آهي