بااختيار مڪاني نظام ۾ نوجوان قيادت چونڊي ملڪي مسئلا حل ڪيا وڃن:ريحام خان

اسلام آباد(ع آ نيوز) پاڪستان ريپبلڪ پارٽي جي سربراهه ريحام خان جو چوڻ آهي ته موجوده سياسي ڍانچو عوامي خدمت جي بدران اشرافيائي طرزِ حڪمراني ۽ علامتي نمائندگي تائين محدود ٿي چڪو آهي، جتي هڪ طرف حڪمران طبقو پنهنجي ڊگهي مصروفيتن ۽ ’’بي خوابي‘‘ کي قرباني ۽ ڪارڪردگي طور پيش ڪري ٿو، ته ٻي طرف زميني حقيقت اها آهي ته عوام مهانگائي، بنيادي سهولتن جي کوٽ ۽ ناقص  انتظامي ڍانچي سبب سخت مشڪلاتن جو شڪار آهي۔هن تضاد کي اجاگر ڪندي هن چيو ته سياسي قيادت جو اصل معيار عوامي مسئلن جو حل هجڻ گهرجي، نه ته ذاتي محنت يا عارضي مصروفيت جو بيانيو۔ جيڪڏهن هڪ مؤثر ۽ بااختيار مڪاني نظام موجود هجي ته مقامي سطح تي چونڊيل نمائندا پاڻ پنهنجن علائقن جا مسئلا حل ڪري سگهن ٿا ۽ مرڪزي قيادت تي غير ضروري بار گهٽ ٿي سگهي ٿو، پر موجوده نظام ۾ مقامي حڪومتن جي ڪمزوري پوري ڍانچي کي مرڪزيت جو شڪار ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب فيصلو سازي چند هٿن تائين محدود رهي ٿي۔هن برطانيه جي هڪ مقامي تجربي کي مثال طور پيش ڪندي چيو ته پاڪستاني نسل جي هڪ عورت ريڊنگ ۾ ڪائونسلر بڻجي اهو ثابت ڪيو ته سياسي ڪاميابي خانداني اثر و رسوخ يا ’’پرچي‘‘ بدران محنت، عوامي رابطي ۽ جوابدهي تي ٻڌل ٿي سگهي ٿي. ريحام خان جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ اصل سڌارن جو رستو موروثي سياست ۽ غير شفاف چونڊ اثر و رسوخ مان نڪري هڪ مضبوط، بااختيار ۽ مقامي سطح تي جوابده بلدياتي نظام جي قيام ۾ آهي، جتي قيادت عوام جي وچ مان اڀري ۽ انهن کي ئي جوابده هجي، ڇو ته انهن مطابق جيستائين نمائندو حقيقي معنيٰ ۾ عوام سان جڙيل نه هوندو، تيستائين سياسي نظام ۾ تبديلي جا دعويٰ عملي حقيقت ۾ تبديل نٿا ٿي سگهن ۽ موجوده بحران رڳو بيانئي تائين محدود رهندو۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.