حيدرآباد ( رپورٽر) وومنز ايڪشن فورم جيڪب آباد ۾ هڪ جوڙي کي پسند جي شادي جي بنياد تي نشانو بڻائڻ ۽ پوءِ پوري ڳوٺ کي باهه ڏيڻ واري انسانيت سوز واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آھي پنھنجو ردعمل ڏيندي چيو آھي ته هي واقعو رڳو هڪ فرد يا خاندان خلاف ظلم ناهي، پر پوري سماج، قانون ۽ انساني قدرن تي حملو آهي۔ هي هڪ ئي وقت رياست، حڪمرانن ۽ سماج جي ناڪامي جو بدترين مثال آهي ويف جو موقف آھي ته لڳ ڀڳ ارڙهن سالن جي حڪمراني دوران پيپلز پارٽي بجاءِ سماجي سڌارن ۽ ڊگهي مدي وارين پاليسين جي، اتر سنڌ کي وڏيرن، سردارن، قبائلي نظام ۽ نام نهاد غيرت جي پيرن ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي.جنهن جي نتيجي ۾ نه قانون جو خوف آهي، نه ئي رياستي ادارن جي سزا جو ڊپ۔ هر ڌر پاڻ کان ڪمزور کي چيڀاٽڻ لاءِ قانوني ۽ اخلاقي حدون ٽوڙي بربريت جو مظاهرو ڪري رهي آهي موقف ۾ چيو ويو آهي ته اڄ سنڌ ۾ قانون جي خوف نالي ڪا شيءِ باقي ناهي رهي، جنهن ڪري اهڙيون وحشياڻيون ڪارروايون وڏي بيشرمي ۽ بي ڊپائي سان ڪيون پيون وڃن۔ ويف وڌيڪ چيو ته هي سماجي اخلاقيات جي پڻ پستي آهي جو ڪنهن جوڙي جي پسند جي شادي يا ذاتي فيصلي جي عيوض پوري ڳوٺ کي ساڙي ڇڏجي۔ اهو رياست جي سمورن ادارن جي ناڪامي جو انتهائي خطرناڪ مثال آهي۔ جڏهن حڪمران طاقت جي پٺڀرائي ڪن ۽ رياست خاموش رهي، تڏهن ڏوهاري وڌيڪ سگهارا ٿين ٿا۔ هن وقت سنڌ جا حڪمران پنهنجي طاقت جي نشي ۾ ايترا بد مست آهن، جو انهن کي نه عورتن جي زندگين جي پرواهه آهي، نه غريب ماڻهن جي گهرن ۽ عزتن جي۔ هن بدترين حڪمراني ۾ عورتون خاص طور نشانو بڻجي رهيون آهن.وومنز ايڪشن فورم مطالبو ڪيو ته جيڪب آباد واري واقعي ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري کين عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. متاثر خاندانن کي تحفظ، مالي سهائتا ۽ مڪمل انصاف فراهم ڪيو وڃي.