گهوٽڪي جي نياڻي سان بااثرن پاران اجتماعي زيادتي، دانهون

سکر (عوامي آواز نيوز) گھوٽڪي جي نياڻي سان نسورو ناحق، والدين سامھون اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻائي ويڊيو ٺاهيا ويا، وحشي بااثرن خلاف پوليس ڪارروائي کان کُتو جواب ڏئي ڇڏيو، متاثر ڇوڪري والدين سان گڏ انصاف سکر پھچي وئي، عادلپور ويجھو ڳوٺ وزير چاچڙ  جي رھواسڻ 15 ورهين جي حوران چاچڙ جي پنھنجي ماءُ ياسينه ۽ والد غلام شبير سان گڏ سکر نيشنل پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي، حوران چاچڙ چيو ته 3 مئي تي وڏيرن مشتاق چاچڙ، نثار چاچڙ، امير چاچڙ، ضمير چاچڙ ۽ ٻين ٻني ۾ گاھ ڪندي والدين سامھون اغوا ڪري کڻي اوطاق تي کڻي ويا، جتي جوابدارن نشي جي حالت ۾ ڌت ٿي ڪپڙن کان آجو ڪري اجتماعي طور لڄ لٽي، منھنجا والدين پھتا ته انھن کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي انهن سامهون جوابدار لڄ لٽيندا ۽ ويڊيو ٺاھيندا رھيا، جوابدار لڄ لٽيندا شراب جا گلاس پاڻ ۾ ٽڪرائيندا، ٽھڪ ڏيندا ۽ ٽڪ ٽاڪ ٺاھيندا رهيا، پوليس چيو ته وڏيرين خلاف ڪارروائي نٿا ڪري سگهون، ڇوڪري جي والد غلام شبير چاچڙ چيو ته  اسان جي ڪنھن سان به دشمني ناھي، وڏيرن اسان سان ظلم ڪيو آھي، والده ياسينه چاچڙ جو چوڻ هو ته اسان تي ھٿيار تاڻي اسان سامھون جوابدار نياڻي جي لڄ لٽيندا رھيا، اسان هاڻي ڪنھن کي منھن ڏيکارڻ جھڙا نه رھيا آھيون، اسان عادلپور ۽ گھوٽڪي ٿاڻن تي وياسين، پوليس چيو ته اسان وڏيرن خلاف ڪارروائي نٿا ڪري سگھون، اسان علائقي جي ٻين وڏيرن ڏانھن به ويا آھيون پر اسان کي انصاف نٿو ملي، متاثر خاندان چيو ته جيڪڏھن اسان کي انصاف نه مليو ته پاڻ تي پئٽرول هاري عادلپور ٿاڻي آڏو باھ ڏئي اجتماعي خودڪشي ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.