ڪڻڪ جو فصل سٺو ٿيو آهي، موسمياتي تبديلي خطرو آهي: ڄام شورو

ڪراچي(رپورٽر)  ڪراچي ۾ سنڌ جي وزير منصوبابندي ۽ ترقيات ڄام خان شورو چيو آهي ته سنڌ حڪومت پنهنجي بجيٽ ۾ هميشه سماجي شعبي کي وڏي اهميت ڏني آهي، تنهن ڪري تعليم ۽ صحت تي تمام گهڻي رقم خرچ ڪئي ويندي رهي آهي۔ هن اها ڳالهه سومر ڏينهن سنڌ اسيمبلي ۾ منصوبابندي ۽ ترقيات کاتي بابت سوالن جي وقفي دوران ميمبرن جي مختلف سوالن جا جواب ڏيندي ڪئي۔ ڄام خان شورو چيو ته پاڪستان ۾ آبادي هڪ وڏو مسئلو آهي ۽ محدود وسيلن ۾ ماڻهن  جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي۔ هن ياد ڏياريو ته ڪورونا وبا معيشت کي تمام گهڻو نقصان پهچايو ۽ ان جا اثر اڃا تائين موجود آهن، جڏهن ته 2022ع جي ٻوڏ به وڏي تباهي آندي۔ هن چيو ته حڪومت هر ڏکئي وقت ۾ ماڻهن سان گڏ بيٺي رهي آهي ۽ 3 لک 27 هزار هارين ۾ 55 ارب رپيا ورهايا ويا آهن۔ ڄام خان شورو چيو ته هن سال ڪڻڪ جو فصل تمام سٺو ٿيو آهي ۽ 4 لک عورتن کي قرض فراهم ڪيو ويو آهي، جن کي وليج آرگنائيزيشنز جو حصو بڻايو ويو آهي۔ هن ٻڌايو ته حڪومت وٽ 15 لک عورتن جي ڊيٽا موجود آهي، جن مان 4 لک عورتن کي قرض ڏنو ويو آهي۔ هن چيو ته جڏهن حڪومت 21 لک ٻوڏ متاثر خاندانن لاءِ گهرن جو منصوبو شروع ڪيو ته ان دوران گڏ ٿيل ڊيٽا جي بنياد تي ٻين شعبن ۾ به ماڻهن جي مالي مدد ڪئي پئي وڃي.ڄام خان شورو چيو ته موسمياتي تبديلي جو سڀ کان وڏو اثر سنڌ تي پئجي رهيو آهي۔ هن ٻڌايو ته سکر بئراج کي 100 سالن ۾ پهريون ڀيرو بحال ڪيو پيو وڃي، جيڪو 80 لک ايڪڙ زرعي زمين کي پاڻي فراهم ڪري ٿو، جڏهن ته گڊو بئراج کي به بحال ڪيو ويندو  .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.