28 هين ترميم تي پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ ۾ وڇوٽيون وڌي ويون

اسلام آباد(خالد فاروقي) اسلام آباد جي سياسي ايوانن ۾ ظاهري طور تي قائم اتحادي استحڪام جي باوجود اندروني سطح تي بيچيني ۽ بي اعتمادي جي فضا تيزي سان گهري ٿيندي پئي وڃي، جتي مسلم ليگ ن  ۽ پيپلز پارٽي جي وچ ۾ اختلاف هاڻي رڳو قياس آرائيون نه رهيا آهن پر عملي سياست ۾ واضح طور تي نظر اچڻ لڳا آهن، آزاد ڪشمير هن وقت ٻنهي جماعتن جي وچ ۾ سڀ کان وڏو تڪرار بڻجي چڪو آهي جتي پيپلز پارٽي ان کي طئي ٿيل پاور شيئرنگ فارمولي تحت پنهنجو حق سمجهي ٿي جڏهن ته مسلم ليگ ن مبينا طور تي اسيمبلي ميمبرن ۽ وزيرن کي ٽوڙڻ واري حڪمت عملي ذريعي مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جنهن کي پيپلز پارٽي کليل سياسي مداخلت ۽ اعتماد جي ڀڃڪڙي قرار ڏئي رهي آهي، ٻئي پاسي 28هين آئيني ترميم جو معاملو به ٻنهي اتحادي ڌرين جي وچ ۾ هڪ وڏي خال جو سبب بڻجي رهيو آهي، جنهن تحت ملڪ کي نون انتظامي يونٽن ۾ ورهائڻ جي تجويز سامهون آئي آهي، مسلم ليگ ن هن ترميم لاءِ نسبتاً تيار نظر اچي ٿي، جڏهن ته پيپلز پارٽي خاص طور تي سنڌ جي قيادت ان کي صوبائي خودمختياري ۽ اين ايف سي ايوارڊ تحت حاصل مالي اختيارن تي حملو سمجهي رهي آهي ۽ ان ڳالهه تي سخت خدشي جو اظهار ڪري رهي آهي ته هن اهم معاملي تي ساڻس ڪا به مشاورت نه ڪئي وئي، ساڳئي وقت پيپلز پارٽي جي اندر به حڪمت عملي جي حوالي سان اختلاف سامهون آيا آهن، جتي آصف علي زرداري مفاهمتي سياست تحت نظام کي برقرار رکڻ لاءِ لچڪ ڏيکارڻ جا حامي سمجهيا وڃن ٿا، جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري جو موقف وڌيڪ سخت ۽ مزاحمتي آهي، جيڪو سمجهي ٿو ته مسلم ليگ ن ڄاڻي واڻي پيپلز پارٽي کي محدود ڪري هڪ علائقائي جماعت بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، وفاقي ڪابينا ۾ عدم توازن ۽ مشاورت جي کوٽ هن خال کي وڌيڪ گهرو ڪري ڇڏيو آهي، ٻئي پاسي سياسي حلقن ۾ اهو خدشو به شدت اختيار ڪري رهيو آهي ته جيڪڏهن اها ڇڪتاڻ جاري رهي ۽ پارليامينٽ ۾ فارورڊ بلاڪ يا ميمبرن جي ٽوڙ ڦوڙ جو سلسلو شروع ٿيو ته موجوده پارلياماني نظام سخت بحران جو شڪار ٿي سگهي ٿو، ڪجهه تجزين ۾ ايترو به چيو پيو وڃي ته اهڙي صورتحال ۾ غير روايتي سيٽ اپ يا صدارتي سطح تي وڏيون تبديليون به غور هيٺ اچي سگهن ٿيون، جيڪي جمهوري تسلسل لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهن ٿيون، ساڳئي تناظر ۾ هڪ ٻيو اهم ۽ غير معمولي پهلو عمران خان جي ممڪن رليف سان لاڳاپيل سامهون اچي رهيو آهي، جتي اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته جيڪڏهن حڪومت کي آئيني ترميم لاءِ گهربل پارلياماني حمايت حاصل نه ٿي ته تحريڪ انصاف جا ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن ممڪن ڊيل تحت عمران خان کي سهولت فراهم ڪري سگهجي ٿي، جنهن ۾ مڪمل آزادي بدران محدود نوعيت جي نرمي جهڙوڪ جيل کان گهر منتقلي شامل ٿي سگهي ٿي، ته جيئن پارليامينٽ ۾ گهربل نمبر گيم پوري ٿي سگهي، مجموعي طور تي موجوده سياسي منظرنامو اهو ظاهر ڪري رهيو آهي ته اتحادي حڪومت اندر موجود دراڙون عارضي نه پر ساختي نوعيت اختيار ڪري رهيون آهن، ۽ جيڪڏهن انهن کي وقت سر سياسي بصيرت ۽ مفاهمت ذريعي حل نه ڪيو ويو ته اهي اختلاف نه رڳو حڪومت پر پوري سياسي نظام جي استحڪام لاءِ هڪ وڏو چيلينج بڻجي سگهن ٿا۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.