اسلام آباد (بيورو) اڳوڻي سينيٽ چيئرمين ۽ پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ سينيٽر رضا رباني چيو آهي ته 28هين آئيني ترميم جي ڪا به ضرورت ناهي، جاري بيان ۾ هن چيو ته حڪمران اشرافيه کي سمجهڻ گهرجي ته آئين وڌيڪ آئيني ترميمن جو بار برداشت نٿو ڪري سگهي، رضا رباني موجب 26هين ۽ 27هين ترميمن اڳ ئي آئين جي ڪيترين ئي شقن خاص طور تي عدليه بابت شقن کي متاثر ڪيو آهي، هن چيو ته ڪنهن به جج جو سندس رضامندي کان سواءِ بدلي عدليه جي آزادي تي حملو آهي، سينيٽر رضا رباني چيو ته وفاقي حڪومت کي ترميمن تي پيدا ٿيندڙ ردعمل جو جائزو وٺڻ گهرجي، هن وڌيڪ چيو ته حڪومت کي سڀني لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت ڪري اصلاحي قدم کڻڻ گهرجن، رضا رباني موجب نوان صوبا ٺاهڻ يا صوبائي خودمختياري جهڙا معاملا انتهائي حساس آهن، جن کي هٿ وجهڻ مناسب ناهي.