عالمي حالتن کي جواز بڻائي عوام کان ٻن وقتن جي ماني کسي وئي

ڪراچي (رپورٽر) جمعيت علماءِ اسلام ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته عالمي حالتن کي جواز بڻائي عوام تي مهانگائي جا پهاڙ ڪيرايا پيا وڃن، جنهن سبب عام ماڻهو پنهنجي محنت جي ڪمائي سان ٻارن جي تعليم ۽ ٻه وقت جي ماني جو بندوبست ڪرڻ کان به قاصر ٿي ويو آهي، ڪراچي پريس ڪلب جي پروگرام ”ميٽ دي پريس“ کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ بدامني وڌي وئي آهي، خاص طور بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جي صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي، هن چيو ته ڪٿي عليحدگي جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن ته ڪٿي زور زبردستي شريعت نافذ ڪرڻ جا نعرا لڳي رهيا آهن، جڏهن ته ڳوٺاڻن علائقن ۾ ڏوهن جو راڄ آهي، سندس چوڻ هو ته حڪمران طبقا نه امن قائم ڪرڻ ۾ سنجيده آهن ۽ نه ئي عوامي معاشي مسئلن جي حل ۾ دلچسپي رکن ٿا، مولانا فضل الرحمان چيو ته عام ماڻهو مهانگائي جي بار هيٺ دٻجي ويو آهي ۽ پنهنجي خاندان لاءِ روزگار ۽ کاڌي جو بندوبست ڪرڻ ۾ به مشڪل پيش اچي رهي آهي، هن چيو ته عالمي حالتن کي به مهانگائي لاءِ جواز بڻايو پيو وڃي، مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته ملڪ هن وقت سياسي، معاشي ۽ سيڪيورٽي بحرانن جي لپيٽ ۾ آهي ۽ چونڊون شفاف ٿيڻ گهرجن، هن چيو ته سياستدانن جي ڪامپرومائيز سبب جمهوريت ڪمزور ٿي رهي آهي، جڏهن ته ڪنهن به ڌر سان چونڊ اتحاد يا پي ٽي آءِ سان ڳالهه ٻولهه نه پئي ٿي، چونڊن ۾ اسان کي ڌانڌلي ذريعي پوئتي ڪيو ويو، عوام سان گڏ آهيون، 22 مئي تي سڄي ملڪ ۾ مظاهرا ڪيا ويندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.