ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار راڄپر ) سنڌ جي سينئر وزير ۽ صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پاليسي بورڊ 500 اي وي بسون خريد ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. هن چيو ته ٽن روٽس تي اتحاد ٽائون، بنارس ڪالوني، لياقت آباد، جهانگير روڊ ۽ ڪينٽ اسٽيشن تائين اي وي بسون هلايون وينديون، جڏهن ته اورنگي غازي آباد، اقبال مارڪيٽ، وليڪا، ناظم آباد نمبر ٻه، عائشا منزل ۽ ظهورچوڪ جي علائقن لاءِ به نوان روٽ متعارف ڪرايا ويندا.سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۾ پهريان اي وي بسن جو ڪو تصور موجود نه هو، پر پاڪستان پيپلز پارٽي انهن بسن جو آغاز ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته اورنج لائن ۾ رائيڊرشپ ۾ اضافو ٿيو آهي جڏهن ته ٽنڊو الهيار، خيرپور، راڻي پور ۽ روهڙي جا روٽ به شروع ڪيا ويا آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته معمار کان به نون روٽس جو آغاز ڪيو ويو آهي. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ميمبر نصير احمد سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي چيو ته منگهو پير واري علائقي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ ناهي، مون اڳ ۾ ئي آواز اٿاريو آهي ته بسون هلايون وڃن.شرجيل ميمڻ چيو ته حڪومت ان تي ڪم ڪري رهي آهي جنهن جي نشاندهي ڪئي وئي هئي. ايم ڪيو ايم جي ميمبر معاذ محبوب چيو ته گٽڪو هر هنڌ ملي رهيو آهي، منهنجي تڪ سميت، هي ڪم پوليس جي سرپرستي ۾ ٿي رهيو آهي، منشيات کليل طور تي وڪرو ٿي رهيون آهن، گهرو وزير، منهنجي تڪ ۾ اچو، مان نشاندهي ڪندس، جنهن تي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو ته اهي گٽڪو روڪڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو آهي ته انمول عرف پنڪي جو ٽرائل جيل ڪورٽ ۾ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، هن چيو ته پنڪي کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ سندس ساٿين کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو، هن چيو ته منشيات ڪيس ۾ ملوث سڀني ماڻهن جا نالا سامهون آندا ويندا. گهرو وزير موجب پنڪي دعويٰ ڪندي هئي ته کيس گرفتار ڪيو وڃي، پر هاڻي کيس گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ سندس نيٽ ورڪ خلاف به ڪارروائي جاري آهي. ضياءَ لنجار وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ گٽڪا ۽ ماوا خلاف مهم جاري آهي. هن چيو ته اهڙن ڪيسن ۾ ملوث ماڻهن کي آساني سان ضمانت ملي ويندي آهي، تنهن ڪري پوليس سخت قدم کڻي رهي آهي . هن چيوته ميرپورخاص ۽ بينظير آباد ۾ گٽڪي جو استعمال وڌيڪ آهي ۽ ان سبب وات جي ڪينسر ۾ اضافو ٿيو آهي۔ضياءُ لنجار چيو ته ايم پي ايز کي به ذميواري کڻڻي پوندي ۽ اهڙن ڪاروبارن جي سرپرستي نه ڪرڻي پوندي۔ هن چيو ته مان ڪنهن جو نالو وٺڻ نٿو چاهيان، پر گهرو وزير هجڻ جي حيثيت ۾ مون کي خبر آهي ته ڪٿي ڇا ٿي رهيو آهي۔ هن چيو ته هو اپوزيشن ليڊر سان به ان حوالي سان ڳالهائيندو۔ هن چيو ته “پنڪي” وڏي ڏاڍائي سان چوندي هئي ته مون کي گرفتار ڪيو وڃي، اسان کيس گرفتار ڪيو آهي ۽ سندس ساٿين کي به گرفتار ڪنداسين۔ هن وڌيڪ چيو ته اسان ماڻهن جي عزتن کي اُڇلائڻ نٿا چاهيون، جڏهن ته پنڪي پاڻ 800 گراهڪن جا نالا ٻڌايا آهن۔ هن اسيمبلي ميمبرن کي اپيل ڪئي ته منشيات جي خاتمي لاءِ حڪومت سان سهڪار ڪن ۔ ايم ڪيو ايم جي ميمبر مسرت جبين پنهنجي ڌيان ڏياريندڙ نوٽس ۾ چيو ته سرڪاري اسپتالن ۾ عملي جي غفلت ۽ غيرذميواري جا واقعا وڌي رهيا آهن، جنهن جي واضح مثال ڊائو اوجھا اسپتال ۾ پيش آيل واقعو آهي، جتي 22 ورهين جو نوجوان عمران باچا بجلي بند ٿيڻ سبب فوت ٿي ويو۔ صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو چيو ته فوت ٿيل ٻار کي اسٽيچ فور ڪينسر هو ۽ سندس موت غفلت سبب نه ٿي هئي، هو وينٽيليٽر تي به نه هو۔ هن چيو ته ٻار کي آخري اسٽيج تي اسپتال آندو ويو هو ۽ کيس ڦڦڙن جو ڪينسر هو۔ هن وڌيڪ چيو ته وليڪا اسپتال پڻ هڪ نجي اسپتال آهي، جتي جيڪو موت ٿيو اهو ايڇ آءِ وي ڪيس هو۔ اهو معاملو سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن ڏانهن موڪليو ويو آهي ۽ ان تي ڪارروائي به ڪئي وئي آهي۔ ڊاڪٽر عذرا چيو ته هو پاڻ ايڇ آءِ وي ايڊز بابت سيمينار ڪندي رهي ٿي، ضلعي سطح تي ورڪشاپون پڻ ڪرائيون پيون وڃن، جڏهن ته ڪيترائي غير لائسنس يافته بلڊ بئنڪ بند ڪيا ويا آهن۔ هن چيو ته ڊائو اوجھا اسپتال کي سولر تي منتقل ڪيو ويو آهي ۽ سڀني سرڪاري اسپتالن کي پڻ سولر تي منتقل ڪيو پيو وڃي، ڇو ته آءِ سي يوز، آپريشن ٿيئٽرن ۽ وينٽيليٽرن لاءِ بجلي انتهائي ضروري آهي۔ اجلاس دوران عامر صديقي جي ٽريفڪ سگنلن تي ٽريفڪ پوليس جي غيرموجودگي بابت پيش ڪيل تحريڪ التوا، وزير پارلياماني معاملن ضياءُ الحسن لنجار جي مخالفت بعد رد ڪئي وئي.ڊوميسٽڪ ورڪرز ويلفيئر بل 2025” منظور ڪيو ويو۔ ان کان اڳ بل بابت قائمه ڪميٽي جي رپورٽ پيش ڪئي وئي.۔ ڄام خان شورو چيو ته پاڪستان ۾ آبادي هڪ وڏو مسئلو آهي ۽ محدود وسيلن ۾ ماڻهن جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي.