پنڪي صرف هڪ ڀيرو ملڪ کان ٻاهر وئي: نوان تفصيل سامهون اچي ويا

لاهور (بيورو) منشيات ڪيس ۾ گرفتار ٿيل مشهور انمول عرف پنڪي جي ملڪ کان ٻاهر سفر ۽ پوليس طرفان مبينا طور رشوت وٺي ڇڏڻ بابت نوان تفصيل سامهون اچي ويا، ذريعن موجب پنڪي جي سفري  هسٽري ۾ صرف هڪ ڀيرو ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جو رڪارڊ مليو، هوءَ 25 ڊسمبر 2018ع تي ڪراچي کان باڪو وئي ۽ تقريبن ٽن مهينن بعد پهرين اپريل 2019ع تي واپس آئي، ايئرپورٽ ذريعن موجب پنڪي جو ٻيو مڙس اڳوڻو انسپيڪٽر راڻا اڪرم به ٻه ڀيرا باڪو ويو، رپورٽن موجب رانا اڪرم 12 آڪٽوبر 2025ع تي باڪو ويو ۽ 19 آڪٽوبر تي واپس آيو، ٻي ڀيري هو 27 ڊسمبر 2025ع تي باڪو ويو ۽ 6 جنوري 2026ع تي واپس لاهور پهتو، ذريعن موجب رانا اڪرم ئي پهريون ڀيرو انمول ۽ سندس ساٿي ڪرن کي گرفتار ڪيو هو پر پوءِ مبينا طور تي کين ڇڏي ڏنو ويو، پوليس موجب مبينا طور تي ٻنهي کي ڇڏڻ لاءِ 5 ڪروڙ رپيا ۽ ٻه گاڏيون ورتيون ويون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.