ميرپورخاص/سنڌڙي (رپورٽ: غفار رند/ ڪاشف علي شر) سنڌڙي ويجهو پسند جي شادي تان مڱڻهار برادري جي گهر تي حملو، عورتن تي تشدد، 2 ڄڻا زخمي، 3 نينگريون اغوا، ڳوٺ ابوبڪر جوڻيجو ۾ پسند جي شادي تان مري برادري جي هٿياربندن مڱڻهار برادري جي گهر تي حملو ڪري، عورتن ۽ ٻارن تي سخت تشدد ڪرڻ بعد 3 نينگرين کي اغوا ڪري ويا، جڏهن ته مزاحمت تي 2 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، متاثر ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته ڪجهه ڏينهن پهريان مري برادري جي هڪ ڇوڪري مڱڻهار برادري جي نوجوان امتياز مڱڻهار سان پسند جي شادي ڪئي هئي، الزام هيٺ آيل متاثر ڌر چيو ته پسند جي شادي معاملي تان ڪاوڙ ۾ اچي مري برادري جي 10 کان مٿي هٿياربندن گهر ڪري ڏني، هٿياربندن گهر ۾ موجود عورتن ۽ ٻارن کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ۽ مزاحمت ڪرڻ تي ٻن ڄڻن منظور ۽ شهباز مڱڻهار کي سخت زخمي ڪري وڌو اغوا ٿيل نارين جي وارثن الزام هڻندي چيو ته هٿياربند ويندي ويندي گهر مان ٽن نينگرين 18 سالن جي آسيا ڌيءَ شوڪت مڱڻهار، 10 سالن جي نازيا ڌيءَ شوڪت مڱڻهار ۽ 16 سالن جي ريحانه ڌيءَ ممتاز مڱڻهار کي زبردستي اغوا ڪري پاڻ سان گڏ کڻي ويا آھن، جڏهن ته واقعي خلاف مڱڻهار برادري جي سوين ماڻهن جمڙائو موري تي پهچي سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ ڌرڻو هڻي سانگهڙ-ميرپورخاص روڊ کي هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند ڪري ڇڏيو، اطلاع ملڻ تي دلبر مهر پوليس واقعي واري هنڌ ۽ مظاهرين وٽ پهچي مڱڻهار برادري سان ڳالهيون ڪيون ۽ نينگرين جي جلد بازيابي جي خاطري ڪرائي، جنهن بعد مظاهرين ڌرڻو ختم ڪري روڊ کي بحال ڪيو، متاثرن موجب حملي آورن ۾ پوليس اهلڪار اي ايس آءِ بهادر مري، عيسيٰ مري، خدا بخش مري، محبوب، حبيب الله، غلام حسين ۽ ٻيا نامعلوم ماڻهو شامل هئا، ٻئي طرف مري برادري جي اڳواڻ عرس مري صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو هن اغوا واري معاملي يا اغوا ڪندڙ ڌر سان ڪو به تعلق نه آهي، اسان هن معاملي کان مڪمل طور لاتعلق آهيون.