پاڪستان کي ڌمڪي ڀارت جي ذهني صلاحيتن جي خاتمي کي ظاهر ڪري ٿو:آءِ ايس پي آر

راولپنڊي(ع آ نيوز) هندستاني آرمي چيف جي پاڪستان کي دنيا جي جاگرافي مان ڪڍڻ جي ڌمڪي تي رد عمل ظاهر ڪندي پاڪستان آرمي چيو آهي ته هڪ خودمختيار ايٽمي پاڙيسري کي  جاگرافي مان ڪڍڻ جي ڌمڪي ذهني صلاحيتن جي ڏيوالي نڪرڻ ۽ جنگي جنون جو مظهر آهي. پاڪستاني فوج جي ترجمان، ‘آچر تي’ جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهڙو جاگرافيائي انجام يقيني طور تي ٻه طرفو هوندو، ڇاڪاڻ ته هڪ ايٽمي رياست جي واتان ٻي ايٽمي رياست کي ميٽائي ڇڏڻ يا مڪمل ختم ڪرڻ جي ڳالهه نڪرڻ بدران صبر ۽ سنجيدگي ڏيکارڻ گهرجي.ڇنڇر تي هندستاني فوج جي سالياني سول-ملٽري بحث ‘سينا سمواد 2026’ ۾ ڳالهائيندي، هندستاني آرمي چيف کان پڇيو ويو ته جيڪڏهن پاڪستان ڪجهه اهڙو ڪيو جنهن اسان کي ٻيهر ‘آپريشن سندور’ ڪرڻ تي مجبور ڪيو ته اسان پاڪستان کي ڪيئن جواب ڏينداسين. ان تي هندستاني فوج جي سربراهه جنرل اپيندر دويدي چيو ته  ‘جيڪڏهن پاڪستان دهشتگردن جي حمايت جاري رکي ٿو ۽ هندستان مخالف سرگرمين کان باز نه ٿو اچي، ته ان کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته هو جاگرافي ۽ تاريخ جو حصو رهڻ چاهي ٿو يا نه. ڀارتي آرمي چيف جنرل اپيندر دويدي جي اشتعال انگيز بيان تي آءِ ايس پي آر  سخت رد عمل ظاهر ڪندي چيو ته پاڪستان اڳ ۾ ئي عالمي سطح تي هڪ اهم ملڪ ۽ هڪ تسليم ٿيل ايٽمي طاقت آهي. پاڪستاني فوج جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ موجب، ڀارتي آرمي چيف پنهنجي تازي انٽرويو ۾ هڪ اشتعال انگيز بيان ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته هو جاگرافي ۽ تاريخ جو حصو بڻجڻ چاهي ٿو يا نه. ڀارتي آرمي چيف جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي، آءِ ايس پي آر چيو ته هندوتوا سوچ جي برعڪس، پاڪستان عالمي سطح تي هڪ اهم ملڪ ۽ هڪ تسليم ٿيل ايٽمي طاقت آهي. پاڪستان ڏکڻ ايشيا جي جاگرافي ۽ تاريخ جو هڪ ناقابل ترديد حصو آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڀارتي آرمي چيف جو اشتعال انگيز بيان ظاهر ڪري ٿو ته ڀارتي قيادت پاڪستان جي وجود جي تصور کي قبول نه ڪري سگهي آهي ۽ نه ئي ڀارتي قيادت 8 ڏهاڪا گذرڻ باوجود صحيح سبق سکي سگهي آهي. هي متڪبر، جنگجو، تنگ نظر ذهنيت بار بار ڏکڻ ايشيا کي جنگين ۽ بحرانن ڏانهن ڌڪي رهي آهي.  پاڪستان آرمي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ جي مطابق، هڪ خودمختيار ايٽمي پاڙيسري کي "جاگرافي” مان ختم ڪرڻ جي ڌمڪي نه ته اسٽريٽجڪ اشارو آهي ۽ نه ئي سفارتي دٻاءُ. اهڙو خطرو ذهني ڏيوالپڻي، جنون ۽ جنگ جي خواهش جو عڪس آهي. ذميوار ايٽمي رياستون تحمل ۽ اسٽريٽجڪ سنجيدگي جو مظاهرو ڪن ٿيون. ذميوار ايٽمي رياستون تهذيبي برتري جي ٻولي استعمال نه ٿيون ڪن.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڀارت جو رياستي سرپرستي ۾ دهشتگردي ۾ ملوث هجڻ جو رڪارڊ آهي. ڀارت علائقائي عدم استحڪام پيدا ڪرڻ لاءِ سرحد پار ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث رهيو آهي. ڀارت جو دنيا ۾ گمراهه ڪندڙ معلومات پکيڙڻ جو تاريخي رڪارڊ آهي. پاڪستان آرمي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ جي مطابق، نئين دهلي جو جارحاڻو رويو پاڪستان کي نقصان پهچائڻ ۾ ناڪامي مان پيدا ٿيندڙ مايوسي جو نتيجو آهي. ڀارت جي مايوسي معرڪه حق دوران سڄي دنيا جي سامهون آئي. هندستان جي قيادت کي ڏکڻ ايشيا کي ٻئي بحران يا جنگ ڏانهن ڌڪڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.