سخت گرمي جو علاج وڻڪاري وڌائڻ آهي

عامر انصاري

وڻ ڌرتيءَ جا سچا عاشق آهن، جيڪي پاڻ سج جي تپش سهن ٿا، پر انسان کي ڇانوَ ڏين ٿا. هو پاڻ مٽيءَ ۾ جڙيل رهن ٿا، پر آسمان سان ڳالهيون ڪن ٿا. هو پاڻ خاموش بيٺا رهن ٿا، پر سندن پنن مان زندگيءَ جا گيت ٻڌجن ٿا. جيڪڏهن ڌرتيءَ کي حُسنُ مليو آهي، ته اُن ۾ وڻن جو وڏو حصو آهي. جيڪڏهن هوا ۾ ساهه آهي، ته اُن ۾ وڻن جو ڪردار آهي. جيڪڏهن انسان جي چهري تي مسڪراهٽ آهي، ته اُن ۾ به ڪنهن نه ڪنهن وڻ جي ڇانوَ شامل آهي. اسان جي سنڌ ڌرتي، جيڪا ڪنهن دور ۾ باغن، ٻنين، کجين، نم ۽ پيپلن جي وڻن سان سينگاريل هئي، اڄ ڪيترن علائقن ۾ بنجر نظر اچي ٿي.

سنڌ جي ٿر واري علائقي ۾، جتي پاڻيءَ جي کوٽ وڌي رهي آهي، شهرن ۾ گرمي باهه بڻجي وئي آهي، ڳوٺن ۾ پراڻا وڻ ياد بڻجي ويا آهن. هر روز ڪٿي نه ڪٿي ڪا ڪهاڙي ڪنهن وڻ جي ڳچيءَ تي لڳي ٿي، ۽ اُن سان گڏ ڌرتيءَ جو هڪ ساهه گهٽجي وڃي ٿو. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اڄ جو انسان پَنهنجي ئي زندگيءَ جي دشمن پاڻ بڻجي رهيو آهي. هو وڻ وڍي ٿو، پوءِ گرميءَ جي شڪايت ڪري ٿو. هو ساوڪ ختم ڪري ٿو، پوءِ برساتن لاءِ دُعائون گهري ٿو. وڻ انسان جا سچا محسن آهن. ٻار جڏهن دُنيا ۾ اچي ٿو ته پهريون حق صاف هوا آهي، جيڪا وڻ ڏين ٿا. شاگرد جڏهن اسڪول وڃي ٿو ته رستي جي ڇانوَ وڻ ڏين ٿا. مزدور جڏهن محنت ڪري ٿو ته سڪون وڻ ڏين ٿا. پوڙهو جڏهن ٿڪجي ويهي ٿو ته آرام وڻ ڏين ٿا. مرڻ کان پوءِ قبر تي به وڻ جي ڇانوَ دُعا بڻجي بيهي رهي ٿي. اهڙا محسن جيڪڏهن ختم ٿي وڃن، ته پوءِ انسان پَنهنجي زندگيءَ مان رحمت ختم ڪري ڇڏيندو.

وڻ هوا مان ڪاربان جذب ڪن ٿا ۽ آڪسيجن ڏين ٿا. وڻ برساتن جي نظام کي بهتر ڪن ٿا. وڻ زمين کي ڪٽجڻ کان بچائين ٿا. وڻ شور کي گهٽائين ٿا. وڻ جانورن، پکين ۽ جيتن لاءِ گهر بڻجن ٿا. وڻ شهرن جي گرمي گهٽائين ٿا. وڻ فصلن جي حفاظت ڪن ٿا. وڻ معاشي فائدو ڏين ٿا. ڪاٺ، ميوو، پن، گل، ڇال، سڀ انسان جي ڪم اچن ٿا. جڏهن ته وڻ هڪ ئي وقت سائنس به آهن، معيشت به آهن، حُسنُ به آهن، ۽ رحمت به آهن. اڄ جڏهن دُنيا موسمي تبديليءَ جي خطري ۾ ڦاٿل آهي، تڏهن وڻڪاري سَڀ کان وڏو علاج بڻجي سامهون آئي آهي.

برف جا وڏا، صدين کان جڙيل ذخيرا هاڻي تيزيءَ سان ڳري رهيا آهن، ۽ ڌرتي پَنهنجو توازن آهستي آهستي وڃائيندي پئي وڃي. گرميءَ جون لهرون وڌي رهيون آهن، پاڻي گهٽجي رهيو آهي، طوفان وڌي رهيا آهن. وڏيون ڪانفرنسون ٿين ٿيون، وڏا بيان ڏنا وڃن ٿا، پر حقيقت اُها آهي ته هڪ ٻوٽو پوکڻ ڪڏهن ڪڏهن سَوَ تقريرن کان وڌيڪَ اثرائتو هوندو آهي. هڪ ننڍڙو ٻج به زمين ۾ پئجي مستقبل بدلائي سگهي ٿو. اسان جي معاشري ۾ ھاڻي وڻڪاري اڪثر ڪري رسمي مهم بڻجي وئي آهي. ڪنهن خاص ڏينهن تي ٻه چار ٻوٽا پوکيا وڃن ٿا، تصويرون ڪڍرايون وڃن ٿيون، نعرا هنيا وڃن ٿا، پوءِ اُهي ٻوٽا پاڻي نه ملڻ ڪري سُڪي وڃن ٿا.

اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته وڻ پوکڻ کان وڌيڪَ اهم اُن جي سنڀال آهي. ٻوٽو هڪ ٻار وانگر هوندو آهي، جنهن کي پيار، حفاظت ۽ سار سنڀال گهرجي. جيڪڏهن پوکڻ کان پوءِ وساري ڇڏينداسين، ته اُها مهم رُڳو ڏيکاءُ رهجي ويندي. هر گهر کي پَنهنجي اڱڻ ۾ هڪ وڻ گهرجي. هر اسڪول کي پَنهنجي ميدان ۾ باغ گهرجي. هر ڳوٺ کي پَنهنجو ڇانوَ گهرجي. هر شهر کي پَنهنجي ساهه لاءِ ساوڪ گهرجي. جيڪڏهن هر ماڻهو سال ۾ هڪ وڻ به پوکي ۽ اُن جي حفاظت ڪري، ته ڪُجهه سالن ۾ دُنيا جو نقشو بدلجي سگهي ٿو. گھڙي کن لاءِ جيڪڏهن اسين پَنهنجي دِل تي ھٿ رکي سوچيو، جيڪڏهن لکين ماڻهو گڏجي وڻ پوکن، ته پوءِ ريگستان به گلزار بڻجي سگهي ٿو. ٻارن کي ننڍپڻ کان وڻن سان محبت سيکارڻ گهرجي. جيئن کين ڪتاب پڙهڻ سيکاريو وڃي ٿو، تيئن کين ٻوٽا پوکڻ به سيکاريو وڃي. جيئن کين ادب سيکاريو وڃي ٿو، تيئن کين فطرت جو ادب به سيکاريو وڃي. جيڪو ٻار ننڍپڻ ۾ ٻوٽي کي پاڻي ڏيندو، اُهو وڏو ٿي ڌرتيءَ کي زخمي نه ڪندو. جيڪو ٻار پنن جي سرسراهٽ سان پيار ڪندو، اُهو وڏو ٿي نفرتن جا طوفان نه اُٿاريندو.

ٿر ۾ مقامي وڻن جهڙوڪ: ڪنڊو، ٻٻر، کهيجڙو، کجيون ۽ نم جي وڏي اهميت آهي. اُهي گهٽ پاڻيءَ ۾ به زندهه رهن ٿا، زمين کي مضبوط ڪن ٿا، جانورن لاءِ چارو ڏين ٿا، ماڻهن لاءِ فائدو ڏين ٿا. ساڳيءَ طرح شهرن ۾ نم، پيپل، ٻير، گل مهر ۽ ٻين وڻن جي پوکائي سان گرمي گهٽائي سگهجي ٿي. اسان کي مقامي موسم مطابق وڻ پوکڻ گهرجن، جيئن اُهي آسانيءَ سان وڌن ۽ فائديمند ٿين. وڻ اسان کي استقامت جو اهڙو سبق ڏين ٿا، جيڪو وقت جي هر طوفان ۾ به جُهڪي نه ٿو، پر وڌيڪَ مضبوط  ٿي بيهڻ سيکاري ٿو. ٻج جڏهن مٽيءَ ۾ دفن ٿئي ٿو، تڏهن تڪڙ ۾ وڻ نٿو بڻجي. هو اندر اندر وڌندو رهي ٿو، پوءِ هڪ ڏينهن ننڍڙو ٻوٽو بڻجي ٻاهر نڪري ٿو. پوءِ سالن جي محنت کان پوءِ وڏو وڻ بڻجي ٿو. اُهو سبق انسان لاءِ به آهي ته وڏيون ڪاميابيون هڪ ڏينهن ۾ ناهن ملنديون، پر صبر، وقت، محنت ۽ جدوجھد سان ملنديون آهن. اسان جي بزرگن وٽ وڻن جي وڏي عزت هئي. ڳوٺن ۾ پراڻا وڻ صرف وڻ نه هوندا هئا، پر ڪچهريءَ جا مرڪز هوندا هئا. اُنهن جي هيٺيان فيصلا ٿيندا هئا، مهمان ويهندا هئا، راڳ ڳايا ويندا هئا، ٻارن جون رانديون ٿينديون هيون. وڻن سان گڏ سماج جي تهذيب به زندھه هوندي هئي. اڄ جڏهن اُهي وڻ ختم ٿي رهيا آهن، ته اسان جي ثقافت جو هڪ باب به بند ٿي رهيو آهي. وڻڪاري عبادت به آهي، صدقو به آهي، ۽ نسلن تائين جاري رهندڙ نيڪي به آهي. جيڪو ماڻهو وڻ پوکي ٿو، اُن جي ڇانوَ مان فائدو وٺندڙ هر مسافر، اُن جي ميوي مان کائيندڙ هر پکي، اُن جي هوا مان ساهه کڻندڙ هر انسان، ان لاءِ دُعا بڻجي ٿو.

اسان کي رُڳو حڪومتن تي ڀاڙڻ نه گهرجي. نوجوان رضاڪارانه مهمون هلائن، عورتون گهرن ۾ ٻوٽا پوکن، آبادگار ٻنين جي ڪنارن تي وڻ لڳائن، استاد، شاگردن سان گڏ اسڪولن ۾ باغ ٺاهين، مسجدن، مندر، گُردُوار، ڪليسا، امام بارگاهن، درگاهن ۽ قبرستانن ۾ ساوڪ پيدا ڪئي وڃي. جڏهن سماج گڏجي بيهندو، تڏهن ئي وڻڪاري واري مهم ڪامياب ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.