تشد ڪيو ويو، ڪوڙا بيان ڏياريا ويا، چيو ويو ته بني گالا لاءِ بيان ڏي: پنڪي

ڪراچي (رپورٽر) منشيات فروشي جي الزام هيٺ گرفتار انمول عرف پنڪي کي ڊيوٽي مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي هُن عدالت ۾ گوڙ ڪيو ۽ ميڊيا سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي،  ٻڌڻي دوران ۽ عدالت ۾ پيش ڪرڻ وقت انمول عرف پنڪي چيو ته مون مٿان تشدد ڪيو ويو آهي ۽ منهنجي خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جج ٻڌڻي دوران پنڪي کي چيو ته آرام سان ويهي پاڻي پيئو، هي سٽي ڪورٽ آهي، هتي توهان کي ڪو به هراسان نه ڪندو، عدالت جي پڇا تي پنڪي ٻڌايو ته منهنجو نالو انمول آهي، مون کي 20 ڏينهن کان کنيل رکيو ويو آهي، مون تي ٻوريون ڀري منشيات وڌي وئي، ڇهه ماڻهو مون کي گاڏي ۾ وجهي کڻي آيا، جڏهن ته 15 ڏينهن کان پوءِ پوليس حوالي ڪيو ويو، پنڪي دعويٰ ڪئي ته مٿس زبردستي ماڻهن جا نالا وٺرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پنڪي عدالت ۾ چيو ته منهنجي خلاف هي سڀ ڪجهه اڳوڻو مڙس ڪرائي رهيو آهي، هو ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، هن ڪجهه ڏينهن اڳ طلاق ڏني هئي، مون کي چيو پيو وڃي ته جيڪي نالا ٻڌايا وڃن ٿا، اهي سڀ وٺ، عدالت ان موقعي تي چيو ته هن وقت اقبالي بيان رڪارڊ نه ٿي رهيو آهي، پنڪي وڌيڪ چيو ته منهنجي خلاف 20 کان 25 ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن، مون کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ته جيڪڏهن سڀ ڪجهه قبول نه ڪيو ته خاندان کي به کنيو ويندو، صحافين سان ڳالهائڻ جي ڪوشش دوران پنڪي عدالت ۾ رڙيون ڪندي چيو ته بني گالا جي هڪ شخص جو نالو وٺرائڻ لاءِ به دٻاءُ وڌو پيو وڃي، هن وڌيڪ چيو ته پهريون ڏينهن مون کي وين ۾ آندو ويو ۽ چيو ويو ته اهڙي طرح هلڻو آهي، جڏهن ته جنهن گهر تان گرفتاري ظاهر ڪئي وئي، اهو منهنجو گهر ئي ناهي، عدالت نظرثاني ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ جا اڳوڻا آرڊر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته جوابدار عورت کان ڪهڙي جاچ ڪئي وئي آهي، جنهن تي آفيسر ٻڌايو ته وڌيڪ 11 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن ۽ پنڪي جي نشاندهي تي منشيات به هٿ ڪئي وئي آهي، جاچ آفيسر موجب ٽنهي ڪيسن ۾ پهريون ڀيرو پنڪي کي جيل موڪليو ويو آهي ۽ هوءَ گهڻي عرصي کانپوءِ گرفتار ٿي آهي، جاچ آفيسر چيو ته پنڪي ڪوڙ ڳالهائي رهي آهي، هو وڏي شاطر آهي، بيان تبديل ڪندي رهي ٿي، هن گاڏي ۾ چيو هو ته اوهان ڪجهه نه ڪري سگهندا، مان وڏي شيءِ آهيان، هاڻ وري عدالت ۾ رڙيون ڪري رهي آهي.

منشيات ۽ قتل ڪيسن ۾ پنڪي جو 22 مئي تائين جسماني رمانڊ منظور

ڪراچي  (رپورٽر) ڪراچي جي مختلف عدالتن ۾ منشيات ۽ قتل ڪيسن ۾ گرفتار انمول عرف پنڪي کي پيش ڪيو ويو، جتي عدالتن  مختلف ڪيسن ۾ جسماني ۽ جڊيشل رمانڊ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا، جڊيشل مئجسٽريٽ سينٽرل جي عدالت منشيات ڪيس ۾ جوابدار انمول عرف پنڪي جو 22 مئي تائين جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو، جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ قتل ڪيس ۾ پنڪي جي جسماني ريمانڊ ۾ ٻن ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي، عدالت کيس سومر تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، عدالت ضلعي ڏکڻ جي ٻين 13 ڪيسن ۾  جوابدار عورت جو جڊيشل ريمانڊ پڻ منظور ڪري ورتو، ملير جي ڊيوٽي مئجسٽريٽ سچل ٿاڻي واري ڪيس ۾ انمول عرف پنڪي کي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، پراسڪيوشن جو چوڻ آهي ته هو عدالتي فيصلي کي چئلينج ڪندا، سٽي ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ دوران انمول عرف پنڪي عدالت اندر ”بابا“ نالي شخص بابت به انڪشاف ڪيو ۽ هڪ وڪيل کان سوال ڪيو ته ڇا کيس بابا موڪليو آهي، ذريعن موجب پنڪي عدالت اندر بابا جو ماڻهو ڳوليندي رهي ۽ چيو ته اسان ته ٻڏي ويا آهيون صنم، توهان کي به گڏ ٻوڙينداسين، وڪيل صفائي مير هدايت الله ايڊووڪيٽ چيو ته ملير مان عدالتي رمانڊ حاصل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سندن موقف آهي ته پنڪي خلاف ڪوڙا ڪيس ٺاهيا ويا  آهن.

پوليس جي ناڪامي تي سنڌ حڪومت انٽيليجنس بيورو کان مدد ورتي

لاهور(امداد سومرو)پنڪي ڊان جو گهڻو چرچو آهي، ميڊيا هجي يا سوشل ميڊيا، هر طرف هن بابت مختلف ڳالهيون ٿي رهيون آهن، مختلف دعوائون ڪيون پيون وڃن، آپريشن ڪنهن جي خواهش تي ٿيو، ڪنهن جي درخواست يا فرمائش تي شروع ٿيو، پنڪي ڊان جي نيٽ ورڪ تائين پهچڻ لاءِ پهريون اشارو ڪهڙو مليو، پنڪي ڊان جيڪو منشيات جو ڪاروبار هلائيندي هئي، اهو ڪهڙي طريقي سان هلندو هو.هن سڄي معاملي جي شروعات تقريباً ساڍا چار پنج مهينا اڳ ٿي، جڏهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه انٽيليجنس بيورو جي عملدارن کي گهرائي هڪ اجلاس ڪيو. سنڌ جو گهرو وزير ضياءَ لانجار به ان سان گڏ موجود هو. ان اجلاس ۾ انٽيليجنس بيورو کي درخواست ڪئي وئي ته سنڌ پوليس ناڪام ٿي چڪي آهي، منشيات جو نيٽ ورڪ ماڻهن جي گهرن تائين پهچي چڪو آهي، ان جو خاتمو ضروري آهي، تنهنڪري اسان سان تعاون ڪيو وڃي.انٽيليجنس بيورو جي عملدارن اسلام آباد کان اجازت ورتي ۽ وڏي وزير کان اهو واعدو ورتو ويو ته کين ڪم ڪرڻ ڏنو ويندو، ۽ کين روڪيو نه ويندو. جتي پوليس جي مدد جي ضرورت پوندي، اتي مدد ورتي ويندي، پر کين پنهنجي طريقي سان ڪم ڪرڻ ڏنو ويندو.سوال اهو هو ته سنڌ حڪومت هن ڪم لاءِ انٽيليجنس بيورو کي ڇو چونڊيو؟ جواب مليو ته اڳ ۾ ڪچي جي علائقن ۾ ڏوهارين خلاف جيڪي آپريشن ڪامياب ٿيا هئا، انهن ۾ به انٽيليجنس بيورو مدد ڪئي هئي. انهن جي معلوماتي نيٽ ورڪ سبب ڪاميابيون مليون هيون، تنهنڪري فيصلو ٿيو ته منشيات جي نيٽ ورڪ خلاف به اهو ئي ادارو ڪم ڪري.ان کان پوءِ انٽيليجنس بيورو پنهنجو سڄو نيٽ ورڪ، پنهنجا ايجنٽ، مخبر ۽ ٽيڪنيڪل وسيلا ڪراچي ۾ متحرڪ ڪيا. ڪيترن مهينن تائين نگراني ڪئي وئي، اليڪٽرانڪ اوزار استعمال ڪيا ويا، ۽ زميني سطح تي به معلومات گڏ ڪئي وئي.پهريون اشارو ٻن ڇوڪرن جي گرفتاري مان مليو، جن وٽان نشي آور شيءِ ۽ هڪ ڊٻي هٿ آئي. ان ڊٻي تي “ڪوئين ميڊم پنڪي” لکيل هو. اهو ئي نالو تحقيق جو رخ بدلائي ويو.انهن ڇوڪرن کان جاچ دوران خبر پئي ته اهو هڪ آن لائن نيٽ ورڪ آهي، جيڪو مختلف قيمتن تي منشيات وڪرو ڪري ٿو. پوءِ جاچ جو دائرو وڌايو ويو.تحقيق ۾ اهو به سامهون آيو ته پوليس جي ڪجهه ماڻهن جو به شڪ آهي، جيڪي يا ته گرفتار ڪري ڇڏيندا هئا يا رشوت وٺي ڇڏيندا هئا. پنجاب ۾ به ڪجهه اهڙيون رپورٽون مليون ته اڳ ۾ به کيس گرفتار ڪري ڇڏڻ بعد آزاد ڪيو ويو هو.پنڪي ڊان اصل ۾ ڪراچي جي جهانگير روڊ جي رهواسي هئي. هن جو تعلق رند بلوچ برادري سان آهي. لڳ ڀڳ پندرهن سال اڳ هوءَ لاهور آئي، ماڊلنگ جي شوق ۾. پوءِ هن جي شادي هڪ شخص رانا ناصر سان ٿي، جيڪو منشيات جي ڪاروبار سان جڙيل هو، ۽ پوءِ هوءَ به ان ڌنڌي ۾ شامل ٿي وئي.بعد ۾ خبر پئي ته ان جو اصل نالو انمول آهي.هوءَ مبينا طور تي ڪوڪين پاڻ تيار ڪندي هئي. گرفتاري کان اڳ هن تي ڏهه پندرهن ڪيس به هئا، پر کيس ڪڏهن به سنجيدگي سان نه روڪيو ويو. لاهور ۾ هن هڪ ليبارٽري يا فئڪٽري قائم ڪئي، جتان سڄي ملڪ ۾ سپلاءِ ٿيندي هئي.لاهور مان ڪراچي ۽ پوءِ پنجاب جي مختلف علائقن ۾ نيٽ ورڪ هلندو هو. پنجاب ۾ ان جا سڀ کان وڌيڪ گراهڪ هئا، جڏهن ته ڪراچي ۾ به ڪجهه حصو هو.ٻاهرين ملڪن مان ڪچي  ڪُوڪين آڻيندڙ افريقي گروهه به هن نيٽ ورڪ جو حصو هئا. ڪجهه مرد ۽ عورتون گرفتار ٿي چڪيون آهن. اهي ماڻهو ڪئپسولن ذريعي جسم ۾ منشيات لڪائي پاڪستان آڻيندا هئا، گهڻو ڪري لاهور ايئرپورٽ ذريعي.هاڻي اهو به جاچ هيٺ آهي ته ڇا ايئرپورٽ تي به ڪو سهولتڪار موجود هو يا نه.ڪچي ڪُوڪين کي پوءِ مختلف ڪيميڪلن سان ملائي مختلف معيارن ۾ تبديل ڪيو ويندو هو. جيڪڏهن 300 گرام ۾ وڌيڪ ملائي تيار ڪيو وڃي ته ان کي “گولڊ ڪوڪ” چيو ويندو هو، جنهن جي قيمت تمام وڌيڪ هئي. هڪ گرام جي قيمت تقريباً چاليهه هزار ٻڌائي وڃي ٿي.“وائيٽ ڪوڪ” به تيار ڪئي ويندي هئي، ۽ “سادو ڪوڪ” به مختلف قيمتن تي وڪرو ٿيندو هو.لاهور جي نواب ٽائون ۽ رائيونڊ روڊ واري علائقي ۾ ان جي ليبارٽري يا فئڪٽري هئي، جتان پيداوار ۽ گرفتاري ٿي.هڪ شخص زيشان به گرفتار ٿيو، جيڪو ان جي آن لائن ادائيگين ۽ پئسن جي ٽرانزيڪشن کي سنڀاليندو هو.پنڪي ڊان جي موبائل مان وڏو ڊيٽا هٿ آيو آهي، جنهن ۾ لڳ ڀڳ ستاويهه سئو کان وڌيڪ رابطا مليا آهن. انهن مان وڏو حصو پنجاب پوليس سان تعلق رکندڙ ماڻهن جو آهي، جن ۾ مختلف رينڪن جا اهلڪار شامل آهن. ڪجهه ريلوي پوليس ۽ بس اڏن تي مقرر اهلڪار به شامل آهن، ۽ ڪجهه وفاقي ادارن سان لاڳاپيل ماڻهو به آهن.پر هن وقت تائين وڏن سياستدانن جا نالا سڌي طرح ثابت نه ٿيا آهن. جيڪي به نالا يا نمبر آهن، انهن جي جاچ جاري آهي ته ڇا اهي واقعي گراهڪ هئا يا صرف سماجي رابطي ۾ هئا .انٽيليجنس بيورو جو چوڻ آهي ته ڪجهه وڏين پارٽين ۽ اشرافيه جي گڏجاڻين ۾ به هن نيٽ ورڪ جي ماڻهن جي موجودگي جا اشارا مليا آهن، تنهنڪري نگراني جاري آهي.جاچ جو ڪم اڃا مڪمل نه ٿيو آهي. لڳ ڀڳ هڪ مهيني ۾ مڪمل رپورٽ تيار ڪري حڪومت کي ڏني ويندي.سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته ٻاهرين ملڪ مان منشيات آڻيندڙ نيٽ ورڪ ٽوڙيو ويو آهي، ۽ هاڻي پنجاب ۾ به ڪارروائي تيزي سان جاري آهي، ڇو ته سڀ کان وڏو ڪاروبار اتي هلندڙ هو.انٽيليجنس بيورو جو چوڻ آهي ته مڪمل فائلنگ، ڊيٽا ۽ رابطن جو فرانزڪ تجزيو جاري آهي، ۽ ايندڙ وقت ۾ وڌيڪ وڏا انڪشاف سامهون اچي سگهن ٿا.

پنڪي ڪيس ۾ منشيات واپرائيندڙ ماڻهن کي گواهه بڻائڻ جو فيصلو

ڪراچي (رپورٽر) انمول عرف پنڪي منشيات ڪيس ۾ اعليٰ آفيسرن جي ڪميٽي جو پهريون اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا، فيصلي موجب پنڪي ڪارٽيل جي مبينا منشيات استعمال  ڪندڙ ماڻهن سان رابطو ڪيو ويندو، ۽ جيڪي متاثر ماڻهو رضاڪاراڻا طور بيان ڏيندا انهن کي ڪيسن ۾ گواهه طور شامل ڪيو ويندو، اجلاس جي صدارت ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي آزاد خان ڪئي، جڏهن ته ڊي آءِ جي اسد رضا، اظفر مهيسر، عرفان بلوچ، عامر فاروقي ۽ شيراز نذير سميت ايس ايس پي ايس آءِ يو سميع الله سومرو به شرڪت ڪئي، ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا ڪميٽي کي ڪيس جي اڳڀرائي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اينٽي نارڪوٽيڪس ۽ فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي سوڌو لاڳاپيل ادارن کي خط به لکيا ويندا.

لاهور ۾ پنڪي جي رهائش جو راز کُلي ويو، تصويرون ظاهر

لاهور (بيورو) لاهور ۾ انمول عرف پنڪي جي رهائش جو راز کلي ويو، تصويرون سامهون اچي ويون، منشيات فروشي جي الزام هيٺ گرفتار انمول عرف پنڪي جي لاهور ۾  رهائش بابت اهم انڪشاف سامهون اچي ويا، ذريعن موجب پنڪي منشيات خريد ڪندڙن کي آساني سان نشانو بڻائڻ لاءِ نجي سوسائٽي ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي، جتي خانگي يونيورسٽي جي شاگردياڻين جي وڏي انگ ۾ رهائش موجود آهي، اطلاعن موجب پنڪي جي گهر جي ويجهو ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا ڪيترائي هاسٽل موجود هئا، جڏهن ته جنهن گهٽي ۾ گهر واقع آهي، اتي به گهڻا هاسٽل قائم آهن، پنڪي جي ڪرائي تي ورتل رهائش جا دستاويز به سامهون اچي ويا جن موجب هن 5 مرلا جو گهر شهري جهانزيب اشرف کان ڪرائي تي حاصل ڪيو هو، ذريعن موجب گهر لاءِ 90 هزار رپيا ايڊوانس ادا ڪيا ويا هئا، جڏهن ته ماهوار ڪرائي جي رقم 45 هزار رپيا مقرر ڪئي وئي هئي.

پنڪي ڪيس ۾ نائيجيريا جا ماڻهو به شامل آهن: جاچ آفيسر

ڪراچي (عوامي آواز نيوز) انمول عرف پنڪي ڪيس ۾ نائيجيريا جي ماڻهن جي شموليت جو انڪشاف، عدالت ۾ نئون موڙ  اچي ويو، پنڪي منشيات ڪيس جي جاچ دوران موبائل مان 800 ماڻهن جي فهرست هٿ، نيٽ ورڪ پنجاب تائين پکڙيل آهي، ڪراچي جي مقامي عدالت ۾ بين الصوبائي منشيات فروشي ڪيس ۾ گرفتار انمول عرف پنڪي کي ٻيهر پيش ڪيو ويو، جتي جاچ آفيسر اهم انڪشاف ڪيا، جاچ آفيسر موجب پنڪي جي نيٽ ورڪ ۾ نائيجيريا جا ڏوهاري عنصر به شامل آهن، جاچ آفيسر، پنڪي کي انتهائي چالاڪ قرار ڏيندي چيو ويو ته هوءَ پنهنجا بيان بار بار تبديل ڪري رهي آهي، ذريعن موجب جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار عورت جي موبائل فون مان 800 ماڻهن جي هڪ فهرست ملي آهي ۽ سندس نيٽ ورڪ لاهور ۽ ڪراچي تائين پکڙيل آهي، ان کان سواءِ الزام لڳايو ويو ته پنڪي منشيات جو پنهنجو ”برانڊ“ هلائي رهي هئي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڊگهي عرصي کان سندس ڳولا ۾ هئا، جاچ موجب منشيات فروش عورت جي نشاندهي تي وڌيڪ منشيات هٿ آئي آهي ۽ هن ڪيس ۾ 11 نوان ڪيس به داخل ڪيا ويا آهن، اسان کي گاڏي ۾ هن ڌمڪيون به ڏنيون ته اوهان منهنجو ڪجهه نٿا ڪري سگهو.

پنڪي جي گراهڪن ۾ 30 سياستدانن جا نالا به شامل

ڪراچي (رپورٽر) پنڪي ڪوڪين نيٽ ورڪ جي گراهڪن ۾ 30 سياستدانن جا نالا شامل هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، پوليس پنڪي جي ٻن اڳوڻن مڙسن ۽ ٻن ڀائرن جا نالا سفري پابندي فهرست ۾ شامل ڪرڻ لاءِ سرگرم ٿي وئي، بين الصوبائي منشيات فروشي ڪيس ۾ گرفتار  انمول عرف پنڪي بابت جاچ دوران اهم ۽ سنسني خيز انڪشاف سامهون اچي ويا، ذريعن موجب پنڪي جي هاءِ پروفائل ڪوڪين نيٽ ورڪ جي خريدارن جي فهرست ۾ لڳ ڀڳ 30 مشهور سياستدانن جا نالا شامل هجڻ جو پتو پيو آهي، پوليس اختيارين جاچ بابت تيار ڪيل رپورٽ وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنڪار کي پيش ڪري ڇڏي، جنهن کان پوءِ سياسي ۽ سماجي حلقن ۾ ڳڻتي پکڙجي وئي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت کي پيش ڪيل انتهائي ڳجهي رپورٽ ۾ پنڪي ڪوڪين نيٽ ورڪ جي اهم گراهڪن ۽ نيٽ ورڪ جي ڪم ڪرڻ جي طريقيڪار بابت تفصيل شامل آهن، شروعاتي رپورٽ موجب شهر جي وي آءِ پي حلقن، خاص طور تي لڳ ڀڳ 30 سياستدانن کي مهانگي منشيات فراهم ڪئي ويندي هئي، جاچ رپورٽ ۾ نيٽ ورڪ سان لاڳاپيل جوابدارن جو مڪمل ڊيٽا به سامهون آيو آهي، جنهن موجب پنڪي ڪراچي ۾ پنهنجي ڀاءُ شوڪت ذريعي ڪوڪين جو ڪاروبار هلائي رهي هئي، رپورٽ موجب نيٽ ورڪ هلائيندڙ مرڪزي هينڊلرن حمزه، عداس ۽ عاقب نالي ماڻهن جي سڃاڻپ ڪئي وئي، جڏهن ته گينگ جا 8 اهم رائيڊر پنجاب جي شهرن لاهور، فيصل آباد ۽ وهاڙي سان تعلق رکن ٿا، ذريعن موجب صبا ۽ انعم عرف اينا نالي عورتون منشيات هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ منتقل ڪرڻ جو ڪم ڪنديون هيون.

پنڪي ڪيس ۾ اڳڀرائي، وڌيڪ هڪ اڪائونٽنٽ گرفتار

ڪراچي (رپورٽر) انمول عرف پنڪي منشيات فروشي ڪيس ۾ ڪراچي پوليس کي هڪ ٻي اهم ڪاميابي ملي، ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا جي نگراني هيٺ جاري جاچ دوران پوليس هڪ وڌيڪ اڪائونٽنٽ  کي گرفتار ڪري ورتو، ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا موجب ٻنهي اڪائونٽنٽس جي 6 بينڪ اڪائونٽس مان ڪروڙين رپين جون ٽرانزيڪشنز ٿيون آهن، هن چيو ته جاچ دوران 84 لک رپيا منشيات جي خريداري جي مد ۾ موڪلڻ جا ثبوت مليا آهن، جيڪي مختلف وقتن تي غير ملڪي اڪائونٽس ڏانهن منتقل ڪيا ويا، جاچ موجب هن وقت تائين پنڪي سان لاڳاپيل 8 اڪائونٽس جي نشاندهي ٿي چڪي آهي، پوليس وڌيڪ تفصيلن لاءِ فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي سان به رابطو ڪري ورتو آهي ته جيئن بينامين اڪائونٽس بابت مڪمل ڊيٽا حاصل ڪري سگهجي.

پنڪي جي لاهور مان گرفتاري: پاڙيسرين تفصيل ٻڌائي ڇڏيا

لاهور (بيورو) منشيات فروشي جي الزام هيٺ گرفتار انمول عرف پنڪي جي لاهور جي علائقي نواب ٽائون مان گرفتاري کان پوءِ پاڙيسرين سندس سرگرمين بابت تفصيل  سامهون آڻي ڇڏيا، پاڙيسرين موجب هوءَ گذريل 8 کان 10 مهينن کان علائقي ۾ ڪرائي جي گهر ۾ رهائش پذير هئي، جتي مختلف وقتن تي وڏين گاڏين ۾ ماڻهو ايندا ويندا هئا، جن ۾ ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا به شامل هوندا هئا، ذريعن موجب گهر جي ٻاهران 2 کان 3 وڏيون گاڏيون بيٺل رهنديون هيون ۽ ڪيترائي ماڻهو ٻاهران ويٺل نظر ايندا هئا، پاڙيسرين ٻڌايو ته علائقي ۾ ڇوڪرين جي هاسٽلن ۽ يونيورسٽين جي ويجهڙائي سبب به ماڻهن جي آمد رفت وڌيڪ هئي، پنڪي ماهوار 45 هزار رپيا ڪرائي تي گهر ورتل هو، جڏهن ته رمضان ۾ غريبن ۾ راشن به ورهائيندي هئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته مبينا طور تي هوءَ لاهور ۽ ٻين صوبن تائين منشيات جو نيٽ ورڪ هن گهر مان هلائيندي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.