ڪراچي(عوامي آواز نيوز)اسٽيٽ بئنڪ جي اڳوڻي گورنر ۽ معاشي ماهر عشرت حسين چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ 700 ارب رپيا هن ملڪ ۾ ڪو وڏو خرچ آهي؟هن ملڪ جا خرچ کربين رپين ۾ آهي،جنهن ملڪ ۾ 45 سيڪڙو غربت جي شرح هجي، ماڻهن وٽ ٻن ويلن جي ماني لاءِ پئسا ناهن،ٻارن کي کير نٿو ملي، جيڪڏهن حڪومت 3 هزار رپيا سبسڊي ڏئي ٿي ته ڪهڙو ظلم ٿي ويو؟وڏن ماڻهن کي ته سرعام سبسڊيون ملي رهيون آهن،هن چيو ته ويلفيئر ڪنهن به مهذب معاشري جي علامت هوندي آهي توهان ٻارن کي کير ۽ ماني لاءِ تڙپندي ڏسي نظرانداز نٿا ڪري سگهواسلام آباد ۾ شهبازشريف ميٽرو بس شروع ڪئي ته ان تي وڏو گوڙ ٿيو پر ماڻهن جو وقت بچيو،اسان جيڪڏهن 20 رپين جي سبسڊي ڏئي رهيا آهيون ته ڪهڙو طوفان اچي ويندو، هڪ خانگي ٽي وي پروگرام ۾ هن چيو ته هن ملڪ ۾ نئين ٽيڪس ڏيندڙ کي هراسان ڪيو وڃي ٿو ۽ غيردستاويزي معيشت واري ڪاروباري کي ڪجهه به نٿو چيو وڃي،ڀارت ۾ به غيردستاويزي معيشت آهي پر جڏهن کان انهن ڊجيٽلائزيشن شروع ڪئي آهي ته ريڙهي وارو به ڪيو آر ڪوڊ سان سامان ڏئي ٿو اسان وٽ ريٽيلر وڏي وزير ۽ وزيراعظم وٽ پهچي شڪايت ڪن ٿا ته اسان کان ٽيڪس نه وٺو،هن چيو ته ايف بي آر جي 100 آفيسرن جي دولت جو ڪاٿو 100 ملين ڊالر آهي،جيڪي ماڻهو اقتدار ۾ هوندا آهن انهن لاءِ ذاتي مفاد اهم هوندا آهن،هن چيو ته پاڪستان ٺهڻ کان وٺي 90ع جي ڏهاڪي تائين اسان جي معاشي اوسر جي شرح 6 سيڪڙو هئي،ڀارت جي معاشي اوسر 2 سيڪڙو ،بنگلاديش جي هڪ سيڪڙُو هئي،سمورا ملڪ ماڻهو اسان ڏانهن موڪليندا هئا ته پاڪستان ڪيئن ترقي ڪري رهيو آهي،ڇو ته تڏهن سول سرونٽس پاڪستان لاءِ ڪم ڪندا هئا،هن چيو ته مون کي شرم اچي ٿو جڏهن نون ڪامورن سان ملندو آهيان اهي پڇندا آهن ته فلاڻي پوسٽنگ ۾ الائونسز ڪيترا هوندا؟ان ۾ ايس يو وي آر اي اچي پئي يا نه؟ان ۾ ڪئمپ آفيسون آهن يا نه؟ٻاهر جا دورا ڪيترا آهن؟جڏهن اهڙو معيار ٿيندو ته پاڪستان جو حشر اهڙو ئي ٿيندو،هن چيو ته عمران خان جي دور ۾ وزيراعظم عمران خان مون سان گڏ هو،ڪاموراشاهي ۾ سڌارن جي ڪوشش ڪئي،وڏي مزاحمت ٿي،عمران خان به بيوس ٿي ويوم،هن چيو ته هتي آفيسرن جي اڳيان چار گاڏيون ۽ پويان 8 گاڏيون هونديون آهن،سنڌ ۾ اهڙا سرڪاري آفيسر آهن جن کي رٽائر ٿئي سال گذري ويا پر اهي اڄ به سرڪاري گاڏيون ۽ پيٽرول استعمال ڪري رهيا آهن،هن چيو ته ترقي لاءِ فوجي،جمهوري يا هائبرڊ حڪومت جو تعلق ناهي،اصل ڳالهه اها آهي ته پاليسين جو تسلسل جاري رهي،مشرف دور ۾ پوليس،مڪاني نظام ۾ سڌارا آندا ويا،هن جي حڪومت ختم ٿيندي ئي سمورا سڌارا ختم ٿي ويا،ڀارت ۾ جمهوريت آهي،واجپائي،من موهن سنگهه ۽ مودي عوامي چونڊيل عهديدار هئا انهن سڌارا آڻي ڏيکاريا،پاڪستان جي عوام کي به مرضي جا اڳواڻ چونڊڻ جو حق هئڻ گهرجي،